• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سميت سنڌ دوست پينل جا سڀ اميدوار ڪامياب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين خالد آزاد وگهيو، امين لاکو ۽ فقير محمد ڍول جي نگراني م سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آديٽوريم ۾ ٿي گذريون ، جنهن ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي سنڌ دوست پئنل جي اميدوار ڊاڪٽر مشتاق ڦل 164 ووٽ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي ، جڏهن سندس سامهون بيٺل اميدوار آزاد انور ڪانڌڙو صرف 52 ووٽ کڻي سگهيو، جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي سنڌ دوست پئنل جي اميدوار پريل دايو 144 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ، سندس سامهون خطائي ٿيٻو 49 ۽ آزاد اميدوار غلام مصطفى سولنگي 15 ووٽ کنيا، عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي پروفيسر مهر النساءَ لاڙڪ 134 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ، سندس سامهون زيب نظاماڻي 78 ووٽ کڻي سگهي، خزانچي جي عهدي تي ذوالفقار گاڏهي 146 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندس سامهون سجاد ميراڻي 58 ووٽ کنيا، آڊيٽر جي عهدي تي سنڌ دوست پئنل جي اميدوار فقير محمد انڙ 153 ووت کڻي ڪاميابي ماڻي ، سندس سامبهون اميدوار مير حسن مري 55 ووٽ کڻي سگهيو، اهڙي ريت سنڌ دوست پئنل جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا.

jeBWYXW28eRaK.jpg
 
Back
Top