آتم ڪٿا قسط 3

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قسط نمبر3

    رتن تلاءَ وٽ ٻن سکن جي قتل سموري شهر کي لوڏي ڇڏيو. رتن تلاءَ جو هڪ پاسو برنس روڊ سان ۽ ٻيو پاسو صدر سان لڳندو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ مهل صدر ۽ ريگل سينيما جي آس پاس ڪرستان، پارسي، ۽ بورا وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. باقي برنس روڊ سان لاڳو گڏوگڏ علائقي ۾ ويندي، هڪ طرف کان برنس گارڊن تائين ۽ ٻئي طرف کان رام باغ تائين، ۽ اُن کان ڪجھه اڳڀرو نيو چاليءَ تائين هندن ۽ سکن جي اڪثريت هئي. پر ڪراچيءَ ۾ هونءَ به سکن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر هو. قدآور، جانٺا، ۽ طاقتور هوندا هئا. سندن چهري تي ڏاڙهي، جنهن کي قينچي ڏيکارڻ ڏوهه ۽ گناهه سمجھندا هئا، ۽ اهڙي نموني سان مٿي جا وار، جن کي چوٽو ٺاهي پڳ سان ٻڌي ڇڏيندا هئا، سندن غير معمولي هيبت جو سبب هئا. ڪلهي کان ڍاڪ تائين پٽي ۾ چيلهه وٽ خنجر کان ڪجھه وڏو ۽ تلوار کان ڪجھه ننڍو هٿيار سندن مذهبي نشان هوندو هو، ائين جيئن ڪرستان صليب جو لاڪيٽ پائي ڇڏيندا آهن. اهڙي هٿيار کي سڏيندا هئا ڪرپان. وڏا هنرمند ۽ ڪاريگر هوندا هئا. فرنيچر ٺاهڻ ۽ واڍڪي ڪم ۾ يگانا هئا. پر شل نه ڪا ٿڙين! رنجيت سنگھه وٽ ڪا لکن جي تعداد ۾ فوج نه هئي، پر سموري هندستان کي هڪ طرف، ۽ سنڌ جي ميرن کي ٻئي طرف لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو هئائين. راجا رنجيت سنگھه جي ڊپ کان ميرن نه چاهيندي به فرنگين سان ٺاهه، ۽ بي عزتو ڪندڙ عهدنامو ڪيو هو. اهڙي ٺاهه ۽ عهدنامي جي نتيجي ۾ اڳتي هلي سنڌ سنڌين جي هٿ مان نڪري ويئي هئي، ٽن چئن ڪلاڪن وارين مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين کان پوءِ، سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ جي حيثيت هميشه هميشه لاءِ وڃائي ويٺي هئي.

    جيئن اڄڪلھه سؤ ڪروڙن جي آباديءَ واري ملڪ هندستان ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سکن جي دهشت ويٺل آهي، تيئن ورهاڱي کان اڳ ۾، ۽ ورهاڱي کان پوءِ سکن جي هيبت سموري ننڍي کنڊ تي ڇانيل هوندي هئي. مشرقي پنجاب ۾ سکن هڪ ٻن هفتن اندر هڪ لک کان مٿي ماڻهو ماري وڌا هئا، پر ٻن سکن جي قتل ڪراچيءَ ۾ ڄڻ ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو. رستن تان ٽريفڪ غائب ٿي ويئي، دڪان بند ٿي ويا، سينيمائن ۾ هلندڙ فلمن جا شو ملتوي ٿي ويا، شهر ۾ ڄڻ راڪاس گھمي ويو. سڙٻاٽن ۾ افواهه اٿلي پيا، سک بدلو وٺندا! اک بچائي مان ۽ اختر گھر مان کسڪي وياسين.

    اختر وڏو پٽ هو چاچا فضل الله صديقيءَ جو، ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ جن سان دوستي ٿي، ۽ وڏي وهيءَ تائين هلندي آئي آهي، اختر انهن مان هڪ آهي. اڄڪلھه سنڌ پوليس ۾ آهي. کيس خبر آهي ته پوليس جي باري ۾ منهنجا خيال ڪيتري قدر بيرهم ۽ رويو يڪ طرفو آهي. تڏهن به ياري نڀائيندو اچي. اسلام آباد جي جلاوطنيءَ مان جڏهن به وطن ورندو آهيان، هڪدم اچي ٺڪاءٌ ڪندو آهي. چاچا فضل الله صديقيءَ وانگر ڪنهن ڪنهن مهل اڪيلي سر مهم تي نڪري پوندو آهي. اهڙن ڏوهارين کي وڃي سوگھو ڪندو آهي، جيڪي اڳتي هلي بااثر ۽ وڏن ماڻهن ۽ سياستدانن جا پاليل نڪري پوندا آهن، ۽ اختر لاءِ وڏي مصيبت جو سبب ٿي پوندا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ دهشتگردن لاءِ هٿيار خريد ڪرڻ واري ايجنٽ جو روپ ڌاري سهراب ڳوٺ سان لڳو لڳ افغان مهاجرن جي سمگلرن سان دوستي ڳنڍي هئائين. اهي سمگلر سهراب ڳوٺ جي ڀرسان بجليءَ جي سامان ۽ ڪپڙي جي آڙ ۾ ڪلاشنڪوف، برين گن، مشين گن، گوليون ۽ بارود، ۽ ٽائيم بم جھڙا خوفناڪ ۽ موتمار هٿيار وڪڻندا هئا. هڪڙي ڏينهن وڏي تعداد ۾ هٿيار بڪ ڪرائي، ڏيتي ليتيءَ مهل ڇاپو هڻائي هن انيڪ سمگلرن کي گرفتار ڪيو هو ۽ وڏي تعداد ۾ موتمار هٿيارن تي قبضو ڪيو هو. ٻئي ڏينهن وڏي شدمد سان اخبارن ۾ سندس ڪارنامي جو ذڪر آيو هو. اسلام آباد ۾ اخباري خبرون پڙهي مان سندس جرئت ڏسي ڊڄي ويو هوس. الله وڏي عمر ڏئيس، مونکي لڳندو آهي، جھڙا ڪم اٿس، اختر هڪڙي ڏيهن جرائم پيشه خونين ۽ ڏوهارين جي گولين جو بک ٿي ويندو.

    اختر تمام ننڍڙو هو، جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان فورن پوءِ چاچا فضل الله گذاري ويو هو. اختر پنهنجو ٻالڪپڻ ڏاڍي اڪيلائي ۽ ڏک ۾ گذاريو هو. اختر پنهنجو ننڍپڻ نه وساريو آهي. سندس سخت گير ظاهر سان گڏ سندس باطن ۾ ننڍڙو ۽ معصوم ٻار آهي جيڪو اڃا به دليپ ڪمار، اشوڪ ڪمار ۽ ديو آنند جون فلمون ڏسندو آهي، محمد رفيع ۽ لتا جا پنجاهه سال پراڻا گانا ٻڌندو آهي، قواليءَ تي جھومندو آهي، ۽ زندگيءَ جي ڏنل تلخين جي باوجود وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي سگھندو آهي. ٻار اغوا ڪندڙ، ۽ ٻارن کي تڪليفون ڏيندڙ ڏوهارين سان سندس رويو لونءَ ڪانڊاريندڙ هوندو آهي. مون کي تصديق ته ڪونهي، پر مان سمجھان ٿو، اهڙو ڪو رهزن خوني جنهن ڪنهن ٻار کي اذيتون ڏيئي ماريو هجي، ۽ بدقسمتيءَ سان اختر کي ور چڙهي ويو هجي، سو سوريءَ ۽ سزا کان بچي نڪتو هجي، امڪان کان ٻاهر آهي! ٻارن لاءِ سندس غير معمولي پيار انهن کي قطعي سمجھه ۾ نه ايندو جن اختر کي ويجھڙ کان نه ڏٺو آهي.

    اختر اڃا ڪاليج ۾ ئي هو جو پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور کڄي ويو هو. جيستائين نوڪريءَ ۾ بي انتها مشغول نه ٿيو هو، تيستائين اسين ذري گھٽ روزانو زيلنز ڪافي هائوس ۾ ڪافي پيئڻ ويندا هئاسين. زيلنز ڪافي هائوس جو نالو ورهاڱي کان اڳ انڊيا ڪافي هائوس هوندو هو. هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ ۽ پريڊي اسٽريٽ جي ڪنڊ وٽ هوندو هو. هڪ طرف ڪيفي جارج ۽ ٻئي طرف پرشين بيڪري ۽ ريسٽورينٽ هوندو هوس. ڏاڪڻ چڙهي زيلنز ڪافي هائوس ۾ وڃڻو پوندو هو. مٿي پهچبو هو ته هڪ طرف کان عام ماڻهن لاءِ، ۽ ٻئي طرف، بلڪل جدا، فيملين ۽ عورتن لاءِ حصو هوندو هو. عام حصي ۾ داخل ٿيندي مون کي زيلنز ڪافي هائوس جي فيملي ڪيبنس ۾ هڪ سهڻي ۽ اُداس ڇوڪري اڪثر نظر ايندي هئي. هوءَ چانهه يا ڪافيءَ جو ڪپ اڳيان رکي چُپ چاپ، وياڪل ويٺي هوندي هئي. هڪ هٿ کاڏيءَ هيٺان هوندو هوس، ۽ هوءَ ٽڪ ٻڌي دريءَ کان ٻاهر ڏسندي رهندي هئي. هوءَ مون کي ڏاڍي عجيب پُراسرار لڳندي هئي. دل ڇڪ ڪندي هئي ته اڳتي وڌي ڇوڪريءَ سان ڳالهايان. منهنجي اُڻ تڻ محسوس ڪندي هڪڙي ڏينهن اختر منهنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. چيو هئائين، ڪال گرل (وئشيا) آهي. سندس ايجنٽ جيئن ئي ڪو گراهڪ هٿ ڪري ايندو، هيءَ ڇوڪري ان شخص سان هلي ويندي.

    اختر جي ڳالهه مون کي ڏاڍي عجيب لڳي هئي.

    ڪجھه ڪجھه وائڙو ٿيندي چيو هيم، مون کي يقين نه ٿو اچي.

    چيو هئائين، پوليس جي نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ مون کي به اهڙين ڳالهين تي يقين نه ايندو هو. بنا ڪنهن مطلب ۽ مقصد جي کانئس پڇيو هيم، تو کي پڪ آهي؟

    کلي پيو هو، چيو هئائين، ها، مون کي پڪ آهي.

    الاءِ ڇو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ڪنهن مقصد کان سواءِ سوچيو هيم، ائين نه هجي ها، اختر کان جيڪي ڪجھه ٻڌو اٿم سو غلط هجي ها!

    پنجٽيهه ڇٽيهه سال پراڻي، لڳ ڀڳ 1955ع واري زماني جي ڳالهه آهي. ياد جي کنڊرن مان کوٽي، هوبهو، لفظ به لفظ گفتگو ڪاغذ تي اتارڻ امڪان کان ٻاهر آهي. مفهوم کي لفظن جو لبادو ڏيئي ڇڏيو اٿم.

    اندر ۾ عجيب قسم جي اُڻ تُڻ محسوس ڪئي هيم. اختر کان پڇيو هيم، مان وڃي ڳالهايانس؟

    پڇيو هئائين، ڇا ڳالهائيندين؟

    وراڻيو هيم، الاءِ، بس ائين ئي، دل چاهي ٿي ته وڃي ڳالهايانس.

    چيو هئائين، وڃي ڳالهائينس.

    پڇيو هيم، وڙهندي ته نه؟

    منهنجي چريائپ تان کلندي چيو هئائين، فڪر نه ڪر مان جو ويٺو آهيان.

    مان ڪنبندڙ دل سان گمنام ڇوڪريءَ جي آڏو وڃي بيٺو هوس. هوءَ سچ پچ سهڻي من موهڻي هئي. مون ڏانهن غور سان ڏٺائين، ڄڻ منهنجو جائزو ورتائين. مون کي ويهڻ لاءِ نه چيائين. کانئس پڇيو هيم، تون ڪنهنجو انتظار ڪري رهي آهين؟

    عجيب قسم جي اُداس، ۽ دل جي مروڙي ڇڏڻ جھڙي مُرڪ چپن تي تري آئي هيس. چيو هئائين، مان جنهن جو انتظار ڪري رهي آهيان، سو تون نه آهين.

    اسين سڀئي پنهنجي پنهنجي وجود ۾ ڏکن ۽ سکن، تڪليفن ۽ راحتن، اميدن ۽ نااميدن، خوابن ۽ تعبيرن جو اهڪ اسٽور روم، ڪٻار خانو کڻي جيئندا آهيون. يادن جا انبار گڏ ڪندا آهيون. هڪٻئي جي هيٺان دٻجي ويل ڪجھه يادگيريون زندهه رهنديون آهن، ياد اينديون رهنديون آهن ۽ ڪجھه يادگيريون لاشعور جي سمنڊ ۾ لڙهي وينديون آهن. پاتال ۾ گم ٿي وينديون آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن شعور مان جبل جيڏي ويلھه لاشعور جي پاتال ۾ مانڌاڻ مچائيندي آهي، تڏهن انيڪ گم ٿي ويل ۽ لڙهي ويل يادگيريون شعور جي سطح تي تري اينديون آهن.

    زيلنز ڪافي هائوس وارو بظاهر معمولي ۽ غير اهم واقعو بنا ڪنهن حادثي گذري ويو هو، مون کان وسري ويو هو. پوءِ ان واقعي کان ذري گھٽ ڏهه پنڌرهن سال پوءِ، مون ڪيفي گرينڊ جي پس منظر ۾ هڪ ڪهاڻي لکي هئي، ’هڪ دل جي اڪيلائي‘. اڄ جڏهن آتم ڪٿا لکڻ ويٺو آهيان، تڏهن محسوس ڪريان ٿو ته ڪهاڻي ’هڪ دل جي اڪيلائي‘ لکندي منهنجي ذهن جي غفائن ۾ موجود زيلنز ڪافي هائوس واري واقعي ڪهاڻيءَ کي بنياد فراهم ڪيو هو. مان زندگيءَ جي سفر ۾ جتان ۽ جنهن جھنگ مان، سمنڊ مان، ويرانين مان ۽ وستين مان، جتان جتان لنگھيو آهيان، اُنهن پيچرن جا پيرا کڻي پنهنجين ڪهاڻين ۾ موٽندو رهيو آهيان.

    اختر ۽ مون رتن تلاءَ واري گردواري ۾ ٻن سکن جا لاش ڏٺا هئا. ٻئي سک اونڌا پيا هئا. سندن چيلهه تائين ڌڙ گردواري جي اندر ۽ اڌ گردواري کان ٻاهر هئا. سندن يٽ هيٺان وهي ايندڙ رت سندن گوڏن ۽ پيرن کان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. ڊنل ماڻهن جو هڪ ننڍڙو انبوهه گردواري جي ٻاهران بيٺو هو ۽ لاشن ڏانهن ڏسي رهيو هو.

    اسان ٻئي ڊوڙندي گھڙ موٽي آياسين، ۽ وڏي شدمد سان قتل ٿيل سکن جو اکين ڏٺو احوال مائرن، ماسين، ۽ ڀينرن کي ٻڌايوسين. عورتون واڙيون ٿي ويون. ڪجھه دير کانپوءِ تلقين ڪيائون ته پنهنجي جوکم واري ڪم جو ذڪر بابا ۽ چاچا فضل الله سان هرگز نه ڪريون، اسان ائين ئي ڪيو.

    اُن رات مون کي دير تائين ننڊ نه آئي هئي. منهنجي پتڪڙي ذهن کي انيڪ وسوسا ورائي ويا. مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته سکن وانگر هڪڙي ڏانهن چاچا چوئٿرام ۽ سندس ٽن پٽن وشڻ، وشني ۽ گل کي ماڻهو ڇو ماري ڇڏيندا! ڊاڪٽر چوئٿرام ڇا ڪيو آهي جو کيس ماري ڇڏيندا! سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو هُن کان علاج ڪرائڻ ايندا آهن. هُن جي هٿ ۾ شفا آهي، پوءِ هُن کي ڇو ماري ڇڏيندا! امرتسر، لڌيانه، امباله ۽ جلنڌر ۾ مسلمانن جي ڪوس سان ڊاڪٽر چوئٿرام جو ڪو به واسطو نه هو. هن جي چوڻ تي سکن مسلمانن جي ٻارن کي ڪرپانن سان نه ڪٺو هو! پوءِ ڇو ڊاڪٽر چوئٿرام کي قتل ڪري ڇڏيندا! مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو! انسان جي وحشي پڻي کان مان ناواقف هوس.

    ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر سامتاڻي پنهنجي گھر واريءَ ۽ ٻن ٻارن سان اسان وٽ آيا. ڊاڪٽر سامتاڻي به ڊاڪٽر هو، ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر، ۽ اسان جي گھر ڀرسان سعيد منزل واري ڊاڪٽر سعيد احمد جي اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو. موسيقيءَ جو شيدائي هو. سچل سرمست جو ٻڌن ٻانهن جھڙو مريد هو. منهنجي مامي، قاضي علي محمد درازيءَ سان ڏاڍي دوستي هوندي هيس. مون کي چڱي طرح ياد ته نه ٿو اچي، پر، مان سمجھان ٿو ماما جي پهرين فلم ’ايڪتا‘ ۾ ڊاڪٽر سامتاڻيءَ هيرو جو رول ڪيو هو.

    ڊاڪٽر سامتاڻي رتن تلاءَ واري علائقي ۾ گردواري جي ڀرسان هڪ بلڊنگ جي فليٽ ۾ رهندو هو. هن، سندس گھر واريءَ ۽ ٻن ٻارن اکين سان سکن کي قتل ٿيندي ڏٺو هو. ٻئي ڊڄي ويا هئا. هو اسان کان موڪلائڻ آيا هئا. ڀريل گھر ۽ ٽپڙ ٽاڙي ڇڏي هو هڪ وڳي ۾ هندستان وڃي رهيا هئا. ڊاڪٽر سامتاڻيءَ جي زال امان سان ڀاڪر پائي ڪافي دير تائين اوڇگارون ڏيئي رني هئي. ان کانپوءِ، سڀني رنو هو. ڪنهن دوست جي موٽر هيٺ بيٺي هئي. اسين سڀني کين هيٺ، فٽ پاٿ تائين ڇڏڻ وياسين. هو ايئر پورٽ ڏانهن روانا ٿي ويا. ان رات اسان جو گھر ڏاڍو، اُداس اُداس ٿي پيو هو. هر ڪو چپ چاپ، ماٺ ڪري ڪنڊ پاسي ويهي رهيو هو. مون کي ياد ناهي ته اُن رات اسان ماني به کاڌي هئي، يا نه!

    اُن رات بابا دير تائين ريڊيو تان خبرون ٻڌيون هيون، ۽ امان سچل سرمست جي درگاهه، ۽ درگاهه جي گادي نشين سخي قبول محمد جي تصويرن آڏو بيشمار اگربتيون ٻاري ڇڏيون هيون. اگربتين جي دونهي جي ڌنڌ ۽ اگربتين جي خوشبءَ ۾ مون کي وحشت محسوس ٿي هئي. ڪنهن بي سبب ڊپ وچان مون جسم ۾ ڪنبڻي محسوس ڪئي هئي. مان سياست، ۽ سياست جي نالي ۾ ڪٽرپڻي ۽ انسان جي سفاڪاريءَ سان روشناس ٿي رهيو هوس.

    مان عقيدن، آدرشن ۽ نظرين جي ٻليدان جو گواهه آهيان.

    امر جليل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو