آتم ڪٿا قسط 4

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قسط نمبر4

    مون تمام ننڍي وهيءَ ۾، ۽ ڪچي ذهن سان سياست ۽ مذهب جي نالي ۾ انسان جو وحشي پڻو ڏٺو هو. هڪ هڪ واقعو منهنجي وجود، منهنجي دل، ۽ منهنجي دماغ تي پنهنجي مستقل ڇاپ ڇڏيندو ويو. جيڪي ڪجھه اوسي پاسي ٿي رهيو هو، سو منهنجي لاءِ بي سبب، بي معنى ۽ بي مطلب پئي لڳو. شعوري ڪوشش جي باوجود واقعن جي مقصديت مون کي سمجھه ۾ نه پئي آئي. ڪنهن به مفهوم جي تهه تائين پهچڻ امڪان کان ٻاهر محسوس پئي ٿيو. تڏهن، حالتن هٿان، منهنجين ڪهاڻين لاءِ شدت سان بي مقصديت ۽ معنى جي عدم موجودگيءَ جو پختو بنياد بڻجي ويو هو. 1947ع وارن واقعن کان ذري گھٽ نو ڏهه سال پوءِ، 1956ع ڌاري مون پهرين ڪهاڻي لکي هئي، ’اندرا‘ پهرين ڪهاڻيءَ کان وٺي ويندي ويجھڙائي ۾ لکيل ڪهاڻي ’رليف ڪيمپ‘ ۽ ناول ’نيٺ گونگي ڳالهايو‘ تائين مان ڏاڍي شدت سان ورجائيندو رهيو آهيان ته سڀ ڪجھه بي معنى آهي، سڀ ڪجھه بيمقصد آهي. موت جي مسلسل تعاقب زندگيءَ کان ابديت کسي ورتي آهي. تنهن ڪري رهجي ويل محبتن، ۽ رهجي ويل نفرتن جي تڪميل لاءِ انسان کي مري وڃڻ کان پوءِ بار بار جيئرو ٿيڻو پيو آهي. تاريخ جي هڪ دور ۾ هارايل جنگ کي، تاريخ جي ٻئي ڪنهن دور ۾ کٽڻ لاءِ انسان کي ٻيهر جنم وٺڻو پيو آهي ۽ هو جنم وٺندو رهيو آهي.

    اڄ، آتم ڪهاڻي جي جڏهن چوٿين قسط لکي رهيو آهيان. تڏهن محسوس ڪريان ٿو ته رهجي ويل محبتن، موت ۽ ٻيهر جنم جي باري ۾ مون ٻن ڪهاڻين ۾ ڏاڍي وضاحت سان ذڪر ڪيو آهي، هڪ، ’عاشق‘ ۽ ’شهيد موٽي ايندا آهن‘ ۾ ٻيو، ’ٽيون وجود‘.

    ڪٿي پڙهيو هيم، يا ڪنهن ليڪچر ۾ ٻڌو هيم ته ننڍي وهيءَ ۾ دماغ تي لڳل ڌڪ ۽ صدمي جا آثار وڏي وهيءَ ۾ ظاهر ٿي پوندا آهن. ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ منهنجي دماغ ۽ دل تي لڳل ڌڪن جا اثر ۽ آثار وڌندڙ وهيءَ جي هڪ هڪ ڏاڪي تي نمايان نموني ظاهر ٿيڻ لڳا. هينئر، جڏهن بي مقصد ۽ بي معنى زندگيءَ جا چوونجھاهه سال گذاري چڪو آهيان تڏهن اهو اعتراف ڪندي ڪنهن به قسم جي پشيماني محسوس نه ٿو ڪريان ته مون پنهنجي زندگي نارمل نموني نه گذاري آهي. مان ايبنارمل، يعني بي اعتدال آهيان. وحشتون منهنجو پيڇو ڪنديون رهيون آهن. مان اڪثر حيران ٿيندو آهيان ته خودڪشيءَ جھڙيون حرڪتون ۽ حماقتون ڪرڻ جي باوجود مان اڃا تائين جيئرو ڪيئن آهيان! ڪم ظرف ۽ تنگ نظر معاشري ۾ زندگي هڪ ڪن، حياتي ون وٺو آهي. ’جڏهن مان نه هوندس‘، ’هڪ لاش‘ ۽ ’راتين جا رولاڪ‘، ’منهنجو پٽ مهدي‘، ’پُل صراط‘ ۽ ’سرد لاش جو سفر‘ جھڙيون ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ مان اڃا تائين سنگسار ڇو نه ڪيو ويو آهيان!

    جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران منهنجي خلاف تفصيلي انڪوائري ۾ ملڪ جي معتبر ۽ محترم عالمن ۽ فاضلن کان منهنجي باري ۾ راءِ ورتي ويئي هئي. انڪوائريءَ دوران مون معتبر ۽ محترم عالمن ۽ دانشورن جا پنهنجي باري ۾ ڪجھه رايا پڙهيا هئا. انهن راين مان ٻن راين جو ذڪر ڪندس. اي ڪي بروهي لکيو هو.

    ”مون امرجليل کي نه پڙهيو آهي پر، مون هن جي باري ۾ گوڙ گھڻو ٻڌو آهي. هن جي باري ۾ جيڪي ڪجھه ٻڌو اٿم، سو سڀ لڳيم ٿو ديومالائي قصا آهن. لڳايل الزامن مطابق هن پنهنجين تحريرن ۾ جيڪڏهن وڌاءَ کان ڪم وٺندي ملڪ ۽ معاشري کي بدنام ڪيو آهي، ته پوءِ مجوزه قانون تحت ملڪ دشمنيءَ جي ڏوهه ۾ مقدمو هلائي کيس سخت سزا ڏني وڃي. پر، هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪجھه لکيو آهي، سو جيڪڏهن حقيقت تي مبني آهي، ته پوءِ امر جليل کي سزا ڏيڻ بدران معاشري کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.“

    اي ڪي بروهيءَ جو رايو ٻڌي مون اُن وقت محسوس ٿيو هو، ۽ هينئر آتم ڪٿا لکندي ۽ رايو دهرائيندي پڻ محسوس ڪريان ٿو ته بروهيءَ جو رايو ڪنهن اديب تي هلايل مقدمي جو اختصار هو. اي ڪي بروهي نظريه ضرورت جو خالق هو، ۽ بنا خون ڪرڻ جي ملزم کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائڻ جو ماهر هو. ان لحاظ کان وڏو قانون دان هو.ان قسم جو رايو، جنهن مان ڪو مطلب نه نڪرندو هجي، مون اڳ زندگيءَ ۾ نه پڙهيو هو.

    ٻيو رايو هڪ اهڙي محترم عالم ۽ اسڪالر جو آهي جنهن جي باري ۾ اڳ به منهنجيءَ دل ۾ بي انتها احترم هو، ۽ رايو پڙهڻ کان پوءِ ۽ اڄ به ساڳيو احترام ۽ عزت آهي. اتفاق جي ڳالهه آهي، رايو پڙهڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ شام جي چهل قدمي ڪندي مون کي ملي ويو هو. ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان هميشه وانگر مليو هو، هيڏانهن هوڏانهن جي هڪ ٻه ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ چيائين، اسان کان توهان جي باري ۾ پڇيو هئائون. اسان ٻڌايوسون ته روهڙيءَ جي ڏاڍي نيڪ ۽ عالم گھراڻي جو ڇوڪرو آهي، وڏي تعليمي ماهر جو پٽ آهي.“

    مون کي خبر هئي ته سرڪار سڳوري ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ منهنجي باري ۾ ملڪ جي نامور عالمن ۽ دانشورن کان رايا طلب ڪيا هئا. موڪلائڻ مهل هٿ ملائيندي مون سدس ٿورا مڃيا. هن کي جيڏانهن وڃڻو هو، تيڏانهن هليو ويو. ۽ مون کي جيڏانهن وڃڻو هو، تيڏانهن هليو ويس.

    ۽ پوءِ انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي باري ۾ سندس اصلي تحريري بيان ٻڌم، جيڪو ڪجھه هن ريت هو.

    ”امر جليل هندواڻو نالو آهي، جنهن مان مذڪور شخص جي ذهني لاڙن جي پروڙ پوي ٿي. مذڪور شخص جو تعلق روهڙيءَ جي قاضين واري علمي ۽ ادبي گھراڻي سان آهي. مذڪور شخص جو والد قاضي عبدالغني ڏاڍو نيڪ، پرهيزگار، ديندار ۽ ماهر تعليم هو. پر، افسوس جو خراب، سنگت، ۽ڪميونسٽن، ملحدن ۽ دهرين سان دوستيءَ سبب مذڪور شخص خراب ٿي پيو آهي.“

    نالو؟

    نالو نه کڻبو. نظرياتي ۽ فڪري اختلافن جي باوجود بزرگن جو احترام مون کي ورثي ۾ مليل آهي. ۽، هونءَ به آتم ڪٿا لکڻ جو فيصلو ڪرڻ مهل سوچي ڇڏيو هيم ته روايتن ۽ روش جي برعڪس مان پنهنجو هٿ ڪنهن جي گريبان ۾ نه وجھندس. رازن تان پيل پڙدا کڻي ماڻهن کي ڇرڪ نه ڪڍائيندس. مان فقط پنهنجي لهڻ ڊهڻ، ڀڄڻ ڀُرڻ، ٻڏڻ ترڻ ۽ مرڻ ۽ جيئڻ جو ذڪر ڪندس. اي ڪي بروهيءَ جي باري ۾ لکيل جملي جي تلخيءَ جو سبب ذوالفقار علي ڀٽي جو قتل آهي، جنهن کي بروهيءَ جي نظريه ضرورت قانوني تحفظ ڏيئي ڇڏيو آهي. اوائلي عمر ۾ دماغ ۽ دل تي لڳل ڌڪ سوچ کي مستقل درد جو احساس ڏيئي ڇڏيندا آهن. سموري شخصيت ننڍپڻ جي تجربن، مشاهدن ۽ صدمن جي تيشي ۽ ڇيڻين سان ٺهي راس ٿيندي آهي. ٻار جي زندگيءَ جا پهريان ڏهه پندرهن سال سندن باقي بچيل عمر جي سالن تي محيط رهندا آهن. اصل ۾ اسان جي سوچ لاءِ، سمجھه لاءِ، خود آگاهيءَ لاءِ پيڙهه جا پهريان پٿر اوائلي ٻالڪپڻ ۾ پئجي ويندا آهن. اُن اوائلي دور جي خوشبو، نه خواب، نه سنگيت، ۽ نه ميت ڪڏهن وسري سگھندا آهن.

    ملحدن ۽ دهرين جي دوستيءَ ۾ خراب ٿيڻ کان گھڻو اڳ مان اوچتو تبديل ٿيندڙ حالتن هٿان خراب ٿيو هوس. جنرل ضياءَ جي ٽربيونل آڏو اُن کي آڏي پڇا لاءِ نه گھرايو ويو هو جنهن جو سمورو وجود پنجيتاليهه سال اڳ جوابن بنا سوالن جي سوريءَ تي ڇيهون ڇيهون ٿي ويو هو.

    اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت 1948ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي. ان کان اڳ اين جي وي هاءِ اسڪول ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي سامهون هڪ قديم عمارت هوندو هو. بندر روڊ وٽان ڦري اسڪول تائين اچڻو پوندو هو. 1947ع ۾ مان پهرين انگريزي ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اُن زماني ۾ پرائمريءَ جا چار درجا پاس ڪرڻا پوندا هئا. پهرين ڪلاس کي فرسٽ اسٽينڊرڊ به سڏيندا هئا. ستين ڪلاس، يا سيونٿ اسٽينڊرڊ کانپوءِ ميٽرڪ جو امتحان ڏبو هو.

    ٻن سکن جي قتل سبب ڪراچيءَ ۾ عجيب قسم جي خاموش ڪسيدگي وڌي ويئي. ان ڪشيدگيءَ دوران هندستان مان مهاجرن جا قافلا پهچڻ شروع ٿيا. پيسي ڏوڪڙ وارا تونگر هوائي جھازن ۾ آيا. سرنديءَ وارا پاڻيءَ جي جھازن ۾ آيا، ۽ ڏتڙيل ۽ ڪنگلا ريلن، بسن، ڍڳي گاڏين ۽ گڏهه گاڏين رستي ۾ پيرين پنڌ پهتا. حڪومت جون وايون بتال ٿي ويون. ورهاڱي واري رٿ ۾ مذهب جي بنياد تي ماڻهن جي لڏ پلاڻ جو ڪٿي به ذڪر ڪيل نه هو. حڪومت طرفان تنبو کوڙي ڪيمپون قائم ڪيون ويون. سماجي ۽ رضاڪار تنظيمون، چندو، سيڌو سامان ۽ لٽا ڪپڙا گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري پيون. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيمپون وت کان وڌيڪ ڀرجي ويون. سون جي تعداد ۾ ايندڙ مهاجرن جا جٿا هزارن ۾ بدلجي ويا. حڪومت گھٻرائجي ويئي. اسڪول خالي ڪرائي مهاجرن کي اُتي رهايائون. ڪجھه هفتن اندر اين جي وي هاءِ اسڪول، سينٽ پيٽرڪ، گرامر، ماما پارسي ۽ بي وي ايس اسڪول کان سواءِ سمورا اسڪول بند ٿي ويا، خاص ڪري هندو اسڪول سروساماني، ۽ ڪسمپرسيءَ واري هالت ۾ آيل مهاجرن جي اٽي لٽي ۽ اجھي لاءِ نئين حڪومت وٽ نه ڪي وسيلا هئا، ۽ نه ئي ڪا تنظيم هئي. چوڪ چوڪ تي ٽرڪ بيهاري ڇڏيائون ۽ لائوڊ اسپيڪرن تي انسانيت، مذهب، خدا ۽ رسول جي انلي ۾ اپيلون ڪري ڪراچيءَ وارن کي اٽي چانور گيهه، ڪپڙي لٽي، هنڌ بستري، ۽ ٿانو ٿپي لاءِ زوردار اپيلون ڪيائون. تڏهن اڃا عقيدن جي عبادتگاهه ۾ ڏار ۽ شگاف نه پيا هئا. يقين جا غوراب غرق نه ٿيا هئا. ڪراچيءَ وارن اهڙي نموني سڏ ورايو جو ڏسڻ وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ٽرڪون ٿانون ٿپن، ڪپڙي لٽي، هنڌ بسترن، ۽ سيڌي سامان سان بيٺي بيٺي ڀرجڻ لڳيون. ماڻهو مانيون ٽڪيون پچائي ڪيمپن ۾ پهچائڻ لڳا. عجيب قسم جو جذبو هو، ڄڻ آسمانن مان لهي آيو هو. بنا ڄاڻ سڃاڻ جي، بنا ڪنهن رشتي جي، بنا ڪنهن طمع ۽ لالچ جي، ماڻهن مهاجرن لاءِ ’حال حبيبان ـــ پيش پريان‘ ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان بار بار تنبيهه ڪئي پئي ويئي ته مهاجرن جي قافلن سان گڏ دشمن جا ايجنٽ، قاتل، خوني، رهزن، سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهاري ملڪ ۾ داخل ٿي ويا آهن. ڪراچيءَ وارن پنهنجا اڱڻ اُجاري ڇڏيا، گھرن جا در کولي ڇڏيا. سڏ تي آئي وئي کي پاڻيءَ بدران شربت پيئارڻ لڳا. منهنجي امڙ، جنهن جي محبت ۾ مان اڄ تائين مدر فڪسيشن *(Mother Fixation) ۾ مبتلا آهيان، پن جي ٻيڙي ڇڪيندي هئي. مون کي ٻيڙي ۽ سگريٽ کان سخت بُڇان لڳندي هئي ۽ اڄ تائين لڳندي آهي. امان ٻيڙين جو بنڊل کڻي بالڪونيءَ ۾ ويهي رهندي هئي.

    مون کي پاسي کان بيهاري ڇڏيندي هئي. ڪا ڏتڙيل، هيڻي حال واري عورت کي ڏسندي هئي ته پَلو مان ڪڏهن روپيو، ڪڏهن ٻه، ڪڏهن اَڌيلو ڇوڙي ڇڏيندي هئي. مان ڏاڪڻ لهي، عورت جي هٿ ۾ پيسا ڏيئي موٽي ايندو هوس. ڪڏهن ٻوڙ مانيون تيار ڪري رکندي هئي. ٻوڙ سان ٻه ٻه مانيون ڏيئي، مون کي هيٺ روانو ڪندي هئي. هيٺان منهن مٿي ڪري مان بالڪونيءَ ڏانهن ڏسندو هوس. امان ڪنهن عورت هٿ سان اشارو ڪندي هئي. عورت کي ماني ڏيئي موٽي ايندو هوس. مان تاريخ ۾ رشتن جي حرمت، ۽ موٽ ۾ بيحرمتيءَ جو گواهه آهيان.

    هڪڙي ڏينهن امان هڪ اهڙي کي ڏٺو جنهن سان ستن ـــــ اٺن سالن هڪ ٻارڙي هئي. عورت جي هڪ ٻانهن ٺوٺ تائين ڪپڙي ۾ ويڙهيل هئي ۽ ٻارڙي جي ويڻيءَ تي به ٿلهي پٽي ٻڌل هئي. ماءُ ڌيءَ ڏاڍي ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ هيون. ڏاڍيون مسڪين ۽ غريب پئي لڳيون. امان بالڪونيءَ مان کين سڏ ڪيو. هنن ڪنڌ ورائي امان ڏانهن ڏٺو، امان کين مٿي اچڻ لاءِ چيو ۽ هو ٻئي مٿي هليون آيون.

    دهليءَ مان آيو هيون. هندن ۽ سکن جي يلغار ۾ سندس مڙس ۽ چار پٽ مارجي ويا هئا.

    حملي دوران هڪ سک جي تلوار سان سندس هٿ ويڻيءَ وٽان ڪپجي ويو هو. ساڳئي وار ۾ سندس ڌيءَ کي ٻانهن تي گھرو گھاءُ آيو هو جنهن ۾ سندس ويڻيءَ وٽان ٻئي هٿ هئا ڪپجي ويا هئا. سندس زخم ايتريقدر تازا هئا جو پٽين مٿان رت جي آلاڻ نظر پئي آئي. ان ڏينهن امان ڪيتري دير تائين روئيندي رهي هئي. هوءَ وڏي درويش هوندي هئي. ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندي هئي. ڪنهن کي ڏک، تڪليف نه ڏيندي هئي. اڪثر گهري سوچ ۾ گم رهندي هئي. ويٺي ويٺي پنهنجي ساءِ روئيندي هئي. ٻنهي، ماءُ ڌيءَ سان امان جي دل لڳي ويئي. ٻئي ڄڻيون روزانو منجھند ڌاري اينديون هيون. ماني کائي، آرام ڪري، ۽ رات جي ماني کڻي هليون وينديون هيون. پاسي واري بلڊنگ ۾ دهليءَ کان آيل ڊاڪٽر ياور عباس، ۽ ڊاڪٽر دلاور عباس وٽان امان ٻنهي، ماءُ ڌيءَ جي زخمن جو علاج ڪرائيندي هئي.

    ڇوڪري رنگ جي اڇي ۽ ڏاڍي سهڻي هئي. گھري گھاوَ سبب سندس ساڄي هٿ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ آهستي آهستي سڪي سنهڙو ٿي رهيو هو. ڇوڪريءَ جو نالو شڪيله هو. هوءَ امان کي ڏاڍي وڻندي هئي.

    شڪيله ۾ مون کي واضح نموني اندرا جي جھلڪ نظر ايندي هئي، جيڪا مون سان گڏ رتن تلاءَ اسڪول ۾ پرائمريءَ جا پهريان چار ڪلاس پڙهي هئي، ۽ ڪجھه عرصو اڳ هندستان هلي ويئي هئي. شڪيله جي ويڻيءَ تي ٻڌل پٽي ۽ سُڪندڙ هٿ ڏسي مون کي سمجھه ۾ نه ايندو هو ته بيرحم سک يا هندوءَ شڪيله تي وار ڇو ڪيو هو. شڪيله هن کي ڪهڙو ڏک ڏنو هو! هوءَ ته ايتري ننڍڙي هئي، ايتري معصوم هئي، پوءِ هن کي ڇو مارڻ پئي چاهيائون! هندستان شڪيله ته نه ٽوڙيو هو! پاڪستان شڪيله ته نه ٺاهيو هو! پوءِ هن کي ڇو مارڻ پئي چاهيائون.

    تڏهن، اوچتو خبر آئي ته مذهبي ۽ سياسي جنونين رتن تلاءَ اسڪول کي باهه ڏيئي ڇڏي هئي. مون کي ائين لڳو ڄڻ هنن اندرا کي ساڙي ڇڏيو. مان ڊوڙندو، امان جي آوازن کي نظر انداز ڪندو، رتن تلاءَ اسڪول وٽ پهتس. درن درين مان باهه جا اُلا پئي اُٿيا. منهنجو هوش خطا ٿي ويو. مون ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مون ڏاڍو صدمو رسيو هو. ڇو؟ ڇو؟ ڇو توهان منهنجو سڀ ڪجھه ساڙي ڇڏيو آهي؟ سمجھان ٿو، تڏهن روئيندي مون چيو هو، ۽ جيڪڏهن نه چيو هو، ته اڄ آتم ڪٿا لکندي چوان ٿو ته مان پنهنجين ٻانهن ۾ چتا کڻي جيئندس، ۽ مان ٻانهن ۾ چتا کڻي جيئي رهيوآهيان، مان مَس بدران باهه سان لکندس، ۽ مان مَس بدران باهه سان لکي رهيو آهيان. (هلندڙ)

    امر جليل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو