جتي ساريون پوکڻ تي آهي پابندي، اتي ڇا پوکجي؟

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    جتي ساريون پوکڻ تي آهي پابندي، اتي ڇا پوکجي؟


    محمد مٺل جسڪاڻي

    ”گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ (سيڊا) گهوٽڪي اريگيشن ۽ پاور ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ڊپٽي ڪمشنر سکر / ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ“ پاران ”عام اطلاع“ جي عنوان سان هڪ معلوماتي ڪاغذ (اشتهار) ڇپرائي عام سڌ لاءِ عام جڳهين تي هنيو ۽ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ”سارين جو فصل نہ پوکيو“، ”سم ۽ ڪلر کان علائقي کي بچايو“، تفصيل موجب ان ۾ لکيل آهي ته ”سڀني معزز کاتيدارن ۽ آبادگارن کي اطلاع ٿو ڪجي ته هن سال گورنيمينٽ آف سنڌ هڪ نوٽيفڪيشن No. LU. II/1/93/2006/G.IV/116 تاريخ 28-2-2015 ذريعي گهوٽڪي فيڊر ڪئنال، روهڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال سان سارين جي پوکي تي پابندي لڳائي آهي، ان پابندي جي خلاف ورزي ڪندڙ آبادگار جنهن سارين جو فصل پوکيو ته ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان سان گڏ ڏنڊ / جرمانو پڻ لڳايو ويندو ۽ انهن آبادگارن جا واٽر ڪورس ۽ اسڪارپ ٽيوب ويل به بند ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ سڀني آبادگارن کي انهن جي ڀلائي لاءِ هدايت ٿي ڪجي ته سارين جو فصل نه پوکيو ۽ پنهنجي علائقي کي سم ۽ ڪلر کان بچايو پنهنجو وقت نه وڃايو ۽ وقت سر ٻيا فصل پوکيوان ۾ اوهان جي ۽ علائقي جي ڀلائي آهي. اريگيشن جي عملي سان تعاون ڪيو ته جيئن پنهنجي علائقي کي سرسبز رکي سگهجي.“
    اهو اطلاعاتي ڪاغذ نوجوان ليکڪ محمد دين راڄڙي پڙهيو ته ان جي تصوير ڪڍي فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيائين. جتي مون پڙهيو، ته مون سوچيو، ماضي ياد آيو، ياد آيون ڪجهه اخباري خبرون، پوءِ لکيم ”هي اطلاع نامو به سٺو پر منع وارن علائقن ۾ ساريون پوکڻ جي نقصان بابت آگاهي لاءِ ڀرپور، جامع مهم هلائڻ گهرجي، ته جيئن ان تي آبادگار عمل ڪرڻ لاءِ آمادهه به ٿئي. هي اشتهار گهڻو موثر نه ٿيندو، الٽو آبادگار سوال ڪندا ۽ ضد ڪندا. جڏهن ته هي فيصلو درست به آهي.“
    ان کان پوءِ روزاني عبرت حيدرآباد جي سومر06 اپريل 2015ع واري ”کيتي سر سيتي“ صفحي ۾ ”وونئڻن ۽ سارين جي آبادگارن لاءِ سهڻيون صلاحون“ عنوان سان منهنجو مضمون ڇپيو، جنهن ۾ لکيو هئم ”آبادگار ڀائرو، خريف جي مند شروع ٿي چڪي آهي. وونئڻ ۽ ساريون هن مند جا انتهائي اهم فصل آهن. سنڌو نديءَ جو ڏاکڻو حصو، ان جو به اتر ۽ وچولو علائقو وونئڻن لاءِ ۽ سنڌو نديءَ جو ساڄو حصو سڄو ۽ ڏاکڻي حصي جو لاڙ پٽ يعني بدين ۽ سجاول ضلعو سارين جي پوک لاءِ انتهائي موزون آهي... ڪجهه سالن کان، ڪجهه آبادگار، وونئڻن لاءِ مخصوص علائقي ۾ سارين جي پوک ڪري رهيا آهن. جنهن لاءِ آبادگارن وٽ، آبادگارن جي سوچ مطابق، جائز جواز ۽ چٽوموقف آهي، پر سائنسي حقيقتن جي پيش نظر، اهڙن آبادگارن پاران وونئڻن بدران ساريون پوکڻ واري فيصلي جي قطعي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي. اهو هڪ ڊگهو بحث آهي ۽ اهو بحث حڪومتي سطح تي، آبادگار تنظيمن وسيلي، هر ان ماڳ مڪان، جاءِ، يونين ڪائونسل کان ضلعي سطح تي ٿيڻ گهرجي، جتي وونئڻن بدران ساريون پوکڻ کي ترجيح ڏيندڙ آبادگار آهن.“.
    ان قسم جا معلوماتي، اطلاعاتي اشتهار ۽ مضمون توڙي بحث، جيڪو به شريف آبادگار پڙهندو، ٻڌندو ته پريشان به ٿيندو. مورو جو معروف شخص امداد بلوچ، جيڪو ساڳئي وقت آبادگار به آهي، ساڻس نيازمندي به آهي، ان مٿيون حقيقتون پڙهي، ويچاري، پرڏيهه مان مون سان رابطو ڪيو، ڪجهه ڳالهيون فون تي ٿيون، پر اسان ٻنهي سهڻي صلاح لاءِ سندس زمين جو هڪ دفعو روبرو معائنو ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ان ڪري غلام نبي بهراڻي سان گڏ سندن زمين جو معائنو طئه ٿيو.
    ڊاڪٽر اسلام الدين مجيداڻو زرعي حوالي سان تمام گهڻو، سٺو سونهون، ڄاڻو آهي ۽ امداد بلوچ فارم واري علائقي جي زرعي صورتحال کان به گهڻو واقف آهي. ان ڪري ڊاڪٽر کي مون پاڻ سان گڏ هجڻ لاءِ چيو. ۽ پوءِ، منهنجا ڀاڳ ڀلا، مون سان ڊاڪٽر مجيداڻو به هو ته زرعي حوالي سان ان علائقي کان گهڻو واقف قمر ڏاهري ۽ ساڻس گڏ دوست ارفان صاحب ۽ شمس الدين سولنگي به تمام سٺي عملي ڄاڻ رکندڙ به هئا. اسان سڀني گڏجي مورو کان سونهري فارم، اتان ديهه ڪهڪاٽ آباد ۾ امداد بلوچ جي زمين جو تفصيلي معائنو ڪيو، جنهن ۾ ڳوٺ امير بخش جسڪاڻي آهي. اڪثر هاري ان ڳوٺ جا جسڪاڻي، پر ڪجهه هاري سولنگي به آهن. معلومات وٺڻ سان خبر پئي ته روان سال ۾ سراسري طور ڪڻڪ 28 مڻ في ايڪڙ لٿي آهي، جيڪا گذريل سال 34 مڻ هئي، جڏهن ته ڪمند 283 مڻ في ايڪڙ لٿو آهي، جيڪو گذريل سال 450 ۽ ٽيون سال 333 مڻ في ايڪڙ لٿو هو.
    ڪچهري ڪچهري ۾ اسان سڀني اهو مڃيو ته هي علائقو وونئڻن جي پوک لاءِ ڪو گهڻو لاڀائتو نه آهي، ۽ زمين به اهڙي نه آهي، جنهن ۾ وونئڻ پوکڻ جي صلاح ڏجي. سچ ته لڳ ڀڳ 70، 80 ايڪڙ زمين اهڙي آهي، جنهن ۾ سارين کانسواءِ ٻيو ڪو به زرعي فصل گهڻو ڪري ته ڦٽندو ئي ڪونه، جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي ڪو ٻج ڦٽو، ته ان مان نڪرندڙ ٻوٽو ڀل ته نه ڪندو، پر اڪثر ٻوٽا اپت به نه ڏيندا.
    اسان سڀني جي صلاح هي رهي ته خريف جي مند ۾ سارين جي پوک جهڙي زمين، يعني سم ۽ ڪلر واري ٻني ۾ ٿي سگهندڙ وونئڻن جون جنسون نه آهن، گوار کي به سٺي زمين گهرجي، مڪئي، جوئر توڙي ٻاجهر لاءِ به زرخيز مٺي زمين کپي، ترن لاءِ به وونئڻن لاءِ گهربل زمين جهڙي زمين هجڻ گهرجي. ڀاڄيون پوکڻ جهڙي به زمين نه آهي ۽ بازار تائين پهچائڻ ۾ ڪرايو، ڀاڙو به گهڻو ٿيندو، تيلي ٻج جو ڪو فصل پوکڻ جي به صلاح نه سُجهي، اسان سڀ پياسين مُنجهي...
    سم ۽ ڪلر واري زمين ۾ اپل اپل ۽ ڪونوڪارپس جهڙا وڻ پوکي سگهجن ٿا، پر اهي آمدني ڏيڻ لاءِ ڊگهو عرصو گهرن ٿا، جڏهن ته ٻيو ڪو به فصل ممڪن نه آهي! ٿوري چڱي زمين ۾ سيوري يعني مانجهاندڙي پوکي سگهجي ٿي، پر اها به گهڻي ڀلي ۽ تڪڙي وڌندڙ نه آهي! ايڪڙ ٻيڪڙ، ٿورڙي ايراضي مڪئي جي پوک لاءِ ڪجهه چڱي آهي.
    آبادگار ته پريشان آهن ئي آهن، آئون به مُنجهي پيو آهيان ته:

    جتي ساريون پوکڻ تي آهي پابندي، اتي ڇا پوکجي؟
    جتي پوکي نه سگهجي ڪو فصل، اتي ڇا پوکجي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها ته عجيب ڳالهه ٿي ..... جتي سارين پوکڻ تي پابندي هجي ته اتي ٻيو ڇا ٿو پوکي سگهجي ..؟؟؟ ان جو حل جي زرعي ماهرن وٽ به نه هجي ۽ زرعي کاتي وٽ به هجي ته پوء ڇا ڪجي .... ان تي آبپاشي کاتي، زرعي ماهرن ۽ زراعت کاتي کي ويهي ڪو حل ڳولهڻ گهرجي ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو