آتم ڪٿا قسط 5

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قسط نمبر5

    رتن تلاءَ اسڪول کي لڳل باهه مان اڄ تائين وساري نه سگھيو آهيان. باهه جو منظر منهنجين اکين ۾ موجود آهي. باهه جي تپش، باهه جي شدت منهنجي روح ۾ موجود آهي. باهه سان فقط اسڪول جي عمارت کي نقصان نه پهتو هو. اسڪول کي لڳل باهه هڪ عهد کي ساڙي ڇڏيو هو. هڪ دور سڙي ڀسم ٿي ويو. اڄ رتن تلاءَ اسڪول پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. مرمت کانپوءِ نئين روغن سان کيس نئون روپ ڏنو ويو آهي. پر رتن تلاءَ اسڪول ۾ سنڌيءَ ۾ نه پڙهائيندا آهن. اتي هينئر اڙدوءَ ۾ پڙهائيندا آهن. اتان لنگھندي مان گھڙي کن لاءِ بيهي رهندو آهيان. گذري ويل زمانن جو ڪو پڙلاءُ ٻڌڻ ۽ ماضيءَ جي ڪا تصوير ڏسڻ جي آرزو ڪندو آهيان، ۽ پوءِ ڪنڌ جھڪائي اڳتي هليو ويندو آهيان.

    زندگيءَ ۾ مونکي ساهي پٽڻ جي مهلت نه ملي آهي. ڏهن ٻارهن سالن جي وقفي وقفي کانپوءِ مون تاريخ جي هيبتناڪ اُٿل پُٿل ڏٺي آهي. مان ڏهن ٻارهن سالن جو هوس جو هندستان ٽُٽي پيو هو. ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو هو. مون رشتن کي ڀڄندي، ڀُرندي ۽ ڇڄندي ڏٺو هو، جدائين، وڇوڙن، ۽ وحشتن جو دور ڏٺو هو.

    ڏهن سالن کانپوءِ مون پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي سياسي بدمعاشي ڏٺي هئي. مشرقي پاڪستان جي بنگالين کي نيچ نوائڻ ۽ سياسي شڪست ڏيڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي چئن صوبن سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي بنگلاديش وجود ۾ آيو. ورهاڱي کان اڳ سموري هندستان ۾ سنڌ اسيمبلي پهرين اسيمبلي هئي جنهن سائين جي ايم سيد جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي. ون يونٽ واري ڪڌي سياسي ڪم ۾ سنڌ اسيمبلي واحد ۽ اڪيلي اسيمبلي هئي جنهن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي هئي. نتيجي طور مرڪزي سرڪار مداخلت ڪئي. اسيمبلي ختم ڪري ايوب کهڙي جي سربراهيءَ ۾ هٿ ٺوڪي اسيمبلي وجود ۾ آندي ويئي جنهن ون يونٽ جي حمايت ڪئي. ان ڳالهه کي ڇٽيهه سال گذري ويا آهن، پر سنڌي قوم ايوب کهڙي کي معاف نه ڪيو آهي. اڄ به سنڌ جي سياست ۾ ايوب کهڙو گار طور استعمال ٿيندو آهي.

    انهن ئي ڏينهن ۾ ون يونٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ايوب خان حڪومت تي قبضو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي. ايوب خان واري دور ۾ اسان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انتخابي ڌانڌلي ۽ هيرا ڦيري ڏٺي. سموري بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ اڌ پنجاب ۽ اڌ سرحد جي حمايت جي باوجود فاطمه جناح چونڊن ۾ ايوب خان کان هارائي ويٺي هئي. ون يونٽ جي ڏهن ٻارهن سالن کانپوءِ مشرقي پاڪستان خوفناڪ خونريزي ڏسڻ کانپوءِ اسان کان جدا ٿيو هو، ۽ بنگلاديش ٿي پيو هو. ۽ ان کانپوءِ ٿوري ٿوري عرصي جي وڇوٽيءَ سان اسان ملڪ ۾ خوفناڪ سياسي سياهه ڪاريون ڏٺيون. ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم چونڊيو، ۽ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. جنرل ضياء اسلامي مارشل لا کڻي آيو، ۽ اسلام جي نالي ۾ ڦٽڪن، جيلن ۽ ڦاهين سان ڏهه ٻارهن سال حڪومت ڪري ويو. ان کانپوءِ جيڪي ڪجھه ٿيو آهي سو اوهان جي آڏو آهي. منهنجي سموري زندگي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ نظرياتي وڳوڙن واري دؤر ۾ گذري آهي. تنهنڪري آتم ڪٿا دوران مذهبي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ نظرياتي حوالا ايندا رهندا. اهڙا حوالا منهنجين ڪهاڻين ۾ واضح نموني ايندا رهيا آهن، مثال طور، ”موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان“، ”خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا“ ، ”حياتي وهه وٽو آهي“، ”گھاءُ“ ، ”رني ڪوٽ جو خزانو“، ۽ ”ڇتي ڪتي جو موت“ وغيره.

    سياسي پس منظر ۾ لکيل منهنجين ڪهاڻين تي دوستن شروعات واري دور ۾ ڏاڍي سخت ۽ بي رحم تنقيد ڪئي هئي. منهنجين ڪهاڻين کي نعريبازي ۽ سياسي پروپيگنڊا جو نالو ڏيئي مون تي چٿرون ڪيون ويون. مون تي ٺٺوليون ڪيو ويون. مان ڪل وقتي ليکڪ آهيان. مان اجاين بحثن، الزام تراشين، ۽ جوابي تنقيدن ۾ وقت نه وڃائيندو آهيان. مون کي لکڻو آهي، ۽ مان لکي رهيو آهيان. وقت وقت جي ڳالهه آهي. اڄ سمورو سنڌي ادب سياسي پس منظر ۾ تخليق ٿي رهيو آهي. تخليقي عمل ۾ ليکڪ پنهنجي ماحول ۽ معاشري کان متاثر ٿيندو آهي. اسان کي منافقت تي مبني سياست، طبقاتي استحصال، ۽ مذهب جي نالي ۾ اجاره داريون قائم ڪرڻ وارو ماحول ۽ معاشرو مليو آهي. اسان سڀني اهڙي ماحول ۾ اک کولي، شعور سنڀاليو، ۽ پنهنجي وجود کي پرزا پرزا ٿيندي ڏٺو آهي. اسين پنهنجين تحريرن ۾ منتشر، ڇروڇڙ ۽ پرزا پرزا ٿيل وجود کي ٻيهر جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

    مون کي پنهنجي ماحول ۽ معاشري وٽان جيڪي ڪجھه مليو آهي، ۽ ملي رهيو آهي، سو مون بنا ڪنهن وڌاءَ ۽ وياج جي معاشري کي موٽايو آهي. گذريل قسط ۾ ذڪر ڪيو هيم ته ننڍپڻ ۾ دل ۽ دماغ تي لڳل چوٽ جا اثر اڳتي هلي وڏي ڄمار ۾ ظاهر ٿيندا آهن. مان يقين سان چئي سگھان ٿو ته منهنجو سمورو وجود منهنجي ننڍپڻ واري دور ۾ پيش آيل واقعن، حالتن، صدمن ۽ ڌڪن جي بنياد تي بيٺل آهي. منهنجي اندر جو ٻار مون کان سوين دفعا وڌيڪ طاقتور آهي. هن کي سڀ ڪجھه ياد آهي. هن کي هڪ هڪ ڳالهه ياد آهي. هو ڪجھه به وساري نه سگھيو آهي. هو واضح نموني سان ماضيءَ جا پڙلاءُ ٻڌي سگھندو آهي، ۽ عڪس ڏسي سگھندو آهي.

    مان اڄ تائين ڊاڪٽر جيساڻيءَ ۽ سندس ٽن پٽن جي اکين ۾ ڏٺل ڊپ ۽ خوف وساري نه سگھيو آهيان. هو پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي سولجر بازار جي محفوظ پاڙي ۾ وڃي رهيا هئا. پٿر جي ڪمپائونڊ وال واري قديم بنگلي جي هيٺئين حصي ۾ بنگلي جو ڪرستان مالڪ رهندو هو. مٿئين حصي ۾ ڊاڪٽر جيساڻيءَ وڃي پناهه ورتي هئي. بابا جا ڪي آڱر تي ڳڻڻ جيترا گھرا سنگتي هوندا هئا. انهن سڀني ۾، سڀني کان وڌيڪ بابا کي ويجھو ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻي هوندو هو. اڄڪلھه ڊاڪٽر جيساڻيءَ جو ننڍو پٽ ڊاڪٽر گل جيساڻيءَ بمبئي ۾ مشهور ڊاڪٽر آهي.

    ڊاڪٽر جيساڻي قد ڪاٺ ۾ پورو پنو، پر بدن ۾ ڀريل هوندو هو. خاص طرح سندس پيٽ ڏاڍو وڏو ۽ گول هوندو هو. پتلون سان سدائين گيلس پائيندو هو. چين سموڪر اهڙو جو سگريٽ مان سگريٽ دکائيندو هو. عمر جي آخري ايامن ۾ ارادي جي ڪمال قوت سان سگريٽ ڇڏي ڏني هئائين. ذاتي، گھريلو، ۽ دنيا داريءَ وارن ڪمن ڪارين ۾ بابا ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام هڪٻئي سان صلاح مشورا ڪندا هئا، ۽ صلاح مشورن تي عمل ڪندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي صلاح سان ڪراچيءَ ۾ بابا به جايون ٺهرايون هيون. هڪ مسلم آباد ۾ پيرزادي عبدالستار ۽ منهنجي ماسات جي گھر سان لڳو لڳ، *۽ ٻي جاءِ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾. ٻنهي جاين جو نه منهن مٿو هو، ۽ نه آڳو پيڇو. جھڙا قلعا! بينڪ جو قرضو لاهڻ لاءِ مسلم آباد واري جاءِ بابا هڪ فلم پروڊيوسر، شيخ لطيف کي وڪڻي ڇڏي. شيخ لطيف سان گڏ مون اڪثر قديم دور جي هيروئن بيگم پارا ڏٺي هئي. انهن ڏينهن ۾ به هوءَ مرد مار نظر ايندي هئي. ڊاڪٽر جيساڻيءَ جي ڳالهين ۾ ظاهر بدران باطن جو ذڪر هوندو هو. جاءِ ڏسڻ ۾ ڀلي سهڻي نه هجي، پر مضبوط هجي! مان سندس هڪ جملو اڄ تائين وساري نه سگھيو آهيان. مان ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ انٽر ۾ هوس. پائليٽ ٿيڻ جو جنون سر تي سوار هو. تفصيل سان ڳالهه ايندڙ ڪنهن قسط ۾ ڪندس. هتي فقط ڊاڪٽر جيساڻيءَ جي نه وسرندڙ جملي جو ذڪر ڪندس. بابا ۽ امان مون کي رسالپور وڃي پائليٽن واري اڪيڊميءَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني هئي. مان سخت توائي، باغي، ۽ اڌ چريو ٿي پيو هوس. تڏهن، ڊاڪٽر جيساڻيءَ چيو هو: ”پائليٽ، پائليٽ ۽ پائليٽ“ ائين چئه ته هوائي جھاز جو ڊرائيور ٿيڻ ٿو چاهين . . . ڊرائيور! انجڻ ڊرائيور، بس ڊرائيور، ٽرڪ ڊرائيور ۽ هوائي جھاز ڊرائيور ٿيو پائليٽ! واهه!“

    ٻن سکن جي قتل، ۽ رتن تلاءَ اسڪول کي لڳل باهه کانپوءِ شهر ۾ لٽ ڦر جا ٻه چار واقعا ٿي پيا هئا. انيڪ اسڪول بند ٿي ويا هئا. اين جي وي هاءِ اسڪول کليل هو. چاچا فضل الله صديقيءَ جو اردلي، اختر مون کي اسڪول ۾ ڇڏي ويندو هو، ۽ منجھند جو موڪل مهل وٺڻ ايندو هو. اردليءَ جو نالو افتخار هو. هڪڙي ڏينهن افتخار اسان کي اسڪول ڇڏي ويو، ۽ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موٽي آيو. شهر ۾ وري لٽ مار جا واقعا ٿي پيا هئا، ۽ کيس گھران اسان کي حفاظت سان وٺي اچڻ لاءِ روانو ڪيو هئائون.

    اختر ۽ مان اسڪول مان نڪري بندر روڊ تي پهتاسين. دستور موجب ڪتابن جا ٿيلها افتخار کنيا هئا، ۽ اسين ٻئي ڪجھه ڪجھه ڊنل، ڪجھه ڪجھه هيسيل، سندس پاسي کان هلي رهيا هئاسين. خالق ڏني هال جي سامهون فٽ پاٿ تي ماڻهن جو انبوهه بيٺو هو. اهڙي طرح بندر روڊ جي ٻئي پاسي پڻ ماڻهن جي پيهه هئي. هو سڀئي بندر روڊ جي وچ ۾ ٽرام پٽي تي مئل ماڻهوءَ ڏانهن ڏسي رهيا هئا. ڪو به شخص فوٽ پاٿ ڇڏي مئل ماڻهوءَ جي ويجھو نه پئي ويو. اسين به ماڻهن جي انبوهه ۾ بيهي رهياسين. افتخار واري واري سان اختر ۽ مون کي مٿي ڪري مئل ماڻهو ڏيکاريو. مئل ماڻهوءَ کي منهن ۽ مٿي تي گھرو زخم هو، جنهن مان وهي نڪتل رت سندس سموري چهري کي بيحد ڀوائتو ڪري ڇڏيو هو. سندس وات ائين کليل هو ڄڻ خوف وچان رڙيون ڪندي ڪندي رهجي ويو هجي. بدن تي ڌوتي ۽ قميص کانسواءِ کيس اڇو واسڪوٽ پاتل هو. ان قسم جو لباس مرهٽا پائيندا هئا. سندس هڪ پير ۾ چمپل هو، ۽ سندس ٻيو پير اگھاڙو هو. مون کي اُن مئل ماڻهوءَ جو چهرو چڱي طرح ياد آهي.

    اسين اتي وڌيڪ دير بيهي نه سگھياسين ۽ سعيد منزل طرف گھر ڏانهن روانا ٿياسين. ڪجھه ڏهاڙا اڳ اسان ٻه مئل سک ڏٺا هئا. ٻئي ڄڻا اونڌي منهن مئا پيا هئا. سندن مٿيون ڌڙ گردواري جي اندر ۽ هيٺيون ڌڙ گردواري کان ٻاهر هو. مئل مرهٽو پهريون مئل ماڻهو هو جنهن جو مون مُنهن ڏٺو هو. موت منهنجي لاءِ ڏاڍو پراسرار ۽ غيبي عمل آهي. موت کانپوءِ واري زندگيءَ بابت ڪجھه مستند ڄاڻڻ جي مون کي ايڏي تمنا آهي، جو ڪنهن وقت دل مرڻ لاءِ ضد ٻڌي بيهندي آهي. مان موت کي هڪ زندگي جي پڄاڻي، ۽ ٻي زندگيءَ جي ابتدا سمجھندو آهيان.

    اسين تاج محل سينيما ڀرسان ٿياسافيڪل هال وٽ پهتاسين. ڏٺوسين ته ماڻهن ۾ ڦرڦوٽ هئي. هر هڪ جي هٿ ۾ ڪجھه نه ڪجھه هو. جيڏانهن مُنهن هيس تيڏانهن ڀڄندو پئي ويو. خبر پيئي ته تاج محل جي ڀرسان هڪ هندوءَ جي تمام وڏي موٽر پارٽس واري دڪان ۾ ڦرلٽ ٿي رهي هئي. افتخار نه ڪا ڪئي هم، نڪا ڪئي تم، اختر ۽ مون کي ساڻ ڪري دڪان ۾ ڪاهي پيو. اندر داخل ٿيندي در ڀرسان موبل آئل جا دٻا پيل هئا. هڪ دٻو کڻي اختر کي ڏنائين، ٻيو دٻو مونکي ڏنائين، ۽ پاڻ به ٻه دٻا کڻي ورتائين. اسين ٽيئي دٻا کڻي ٻاهر نڪري آياسين. تاج محل سينيما کان سعيد منزل سڏ پنڌ تي آهي. اسين ٽيئي هڪ گمنام ڊپ سبب ڊوڙندا گھر پهتاسين. ڏاڪڻ چڙهندي اختر ڊڄي ويو. چاچا فضل الله صديقي جنهن نوٽن سان ڀريل سوٽ ڪيس ۽ سون جي سليبن سان ڀريل بريف ڪيس آڇيندڙن کي منهن ۾ اڇلائي هنيا هئا، تنهن جي گھر ۾ موبل آئل جو ڦر ڪيل دٻو ڪيئن قبول پوندو! ڏاڪڻ چڙهندي اول اسان جو فليٽ ايندو هو، فيصلو اهو ٿيو ته موبل آئل جا دٻا اسان جي گھر لڪائي رکبا.

    در کڙڪايوسين. در کليو. امان موبل آئل جا دٻا ڏسي حيران ٿي وئي ۽ پوءِ جڏهن اصل حقيقت جي سُڌ پيس، تڏهن ڪُنبي ويئي. مُنهن جو پنو لهي ويس. فقط ايترو چيائين: ”پڻهين جيئرو نه ڇڏيندءِِ.“

    مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. سڀ کان وڌيڪ ڦٽڪار ۽ لعنت افتخار کي ٻڌڻي پيئي. ان وقت منجھند جا ٻارهن کن ٿيا هئا. بابا ۽ چاچا فضل جي موٽڻ ۾ اڃا پنجن ڪلاڪن جي دير هئي. اول سوچيو ته دٻن جا ڍڪ لاهي موبل آئل باٿ روم جي گٽر ۾ وهائي ڇڏجي. ان وچ ۾ اختر جي والده هيٺ، اسان وٽ هلي آئي. اختر جي والده کي مان خاله سڏيندو هوس. هينئر به خاله سڏيندو آهيان. امان ۽ خاله پاڻ ڪو فيصلو ڪيو. فيصلو ٿيو ته موبل آئل جا دٻا موٽائي دڪان ۾ ڇڏي اچجن. افتخار چاريئي دٻا کڻي هليو ويو، ۽ دڪان ۾ ڇڏي موٽي آيو. افتخار کي هٿين خالي ڏسي سڀ کان وڌيڪ خوشي مون کي ۽ اختر کي ٿي. چاچا فضل الله جو وڏو دٻدٻو هوندو هو. احترام سان گڏ عجيب قسم جو ڊپ کانئس محسوس ٿيندو هو. موبل آئل جي دٻن کان آجو ٿياسين، دل تان ڄڻ بوجھه لهي ويو. مان سمجھان ٿو امان ۽ خاله موبل آئل جي دٻن جو راز، راز رهڻ ڏنو هو، ۽ چاچا فضل الله ۽ بابا کي اسان جي ايڊوينچر جي خبر نه پئي هئي.

    جيستائين شهر ۾ ٺاپر ٿئي، مان ڪجھه ڏينهن تائين اسڪول نه ويس. ان وچ ۾ شهر مان هندن جي لڏ پلاڻ تِکي ٿي ويئي. اعلى، قيمتي ۽ عاليشان فرنيچر ۽ گھريلو سامان سان پڃراپور ۽ گاڏي کاتي جون گھٽيون ۽ فٽ پاٿون ڀرجي ويون. مٺ ڀڳڙن ۾ ٽپڙ ٽاڙي وڪڻي هندو شهر ڇڏي ويا. هندستان مان لڏي آيل مهاجر هندن جي گھرن ۾ ڪاهي پيا ۽ گھرن تي قبضا ڪندا ويا.

    مان هفتي کن کانپوءِ اسڪول ويس. سائين آهوجا کي قميص سان مٿي تي جناح ٽوپي ڏسي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. سائين ذري گھٽ اڌ انگريز هوندو هو. سوٽ پائيندو هو، ۽ ڪڏهن پاجامي ۽ اسڪوٽ سان مٿي تي گانڌي ٽوپي پائي ايندو هو. شلوار قميص ۽ جناح ڪيپ ۾ کيس ڏسي مونکي ڏاڍي تعجب ٿيو.

    سائين آهوجا مون کي سڏ ڪيو. مون کي ڳراٽڙي پائي پيار ڪيائين. پوءِ ڪنبندڙ آواز ۾ پڇيائين: ”توهان صبح جو ننڊ مان اٿڻ مهل ڇا چوندا آهيو عربيءَ ۾ ؟“

    مون چيو: ”لا الله الا الله محمد رسول الله“

    سائين آهوجا پنج ڇھه دفعا ڪلمو پڙهيو هو. مان روح تائين ڪنبي ويو هوس. سائين آهوجا جي آواز ۽ لهجي ۾ بي پناهه ڊپ هو. هر دفعي ڪلمو پڙهڻ کانپوءِ هن پڇيو پئي: ”ڪيئن! ٺيڪ پيو پڙهان نه؟“

    ان سانحي کان ڪافي سال پوءِ مون ٻڌو هو ته ڪلمو پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان ٿيندو آهي. پر، مون کي پڪ آهي ته پنج ڇھه دفعا ڪلمو پڙهڻ جي باوجود آهوجا مسلمان نه ٿيو هو. ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته پوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏو پيغمبر هجي ها!

    امر جليل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو