تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
    سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،
    تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
    جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.


    پياري دوست ۽ ڪمب سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شير مهراڻي جو شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تحقيقي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“ منهنجي هٿن ۾ آهي. پاڻ اهو ڪتاب تڪليف ڪري مونکي سچل ڳوٺ ڏئي ويا. سندن اهي وڙ آهن جو مون ناچيز کي مان ڏيندي پاڻ ڪهي آيا. ڊاڪٽر شير مهراڻي جو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ سان گهرو واسطو آهي. اڪثر ڪري اسان جڏهن به ملندا آهيون (گهٽ ئي مليا آهيون) پر اسان بحث ضرور ڪندا رهندا آهيون. پاڻ ماٺيڻا آهن پر جڏهن ڳالهائيندا آهن ته ڄاڻ جو خزانو لڳندا آهن. سندن هي ڪتاب مونکي تمام گهڻو وڻيو آهي. خاص ڪري جماليات تي لکيل سندن باب ۽ لطيف جي شاعريءَ ۾ وجودي جماليات خوبصورت انداز سان لکيو اٿن. جماليات تي ڊاڪٽر شير کي وڏي ڄاڻ آهي ۽ ان قسم جو هڪ ليڪچر به ڪري چڪو آهي جنهن ۾ ڪجهه مجبورين سبب نه وڃي سگهيو هوس.
    سندس هي ڪتاب مختلف حصن ۾ ورهايل آهي جيئن:

    1. شاهه لطيف جو جديد اڀياس
    2. انسان دوستيءَ جو فڪر ۽ شاهه لطيف
    3. شاهه ۽ جماليات
    4. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ
    5. وجودي جماليات ۽ شاهه لطيف
    6. شاهه جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود جو تصور
    7. لطيف جو پيغام
    8. سُر پرڀاتي ۾ جدوجهد جا مختلف پهلو

    شاهه لطيف هڪ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس شاعري هر دور جي شاعري لڳي ٿي. اهوئي سبب آهي جو لطيف جي فڪر کي پروڙڻ ضروري ٿي پيو آهي، ۽ هي ڪتاب لطيف کي سمجهڻ ۾ گهڻو فائديمند آهي. جيئن جيئن لطيف کي سمجهجي ۽ پڙهجي ٿو تيئن تيئن لطيف جي اهميت، سندس قدر ۽ سندس اڪابري عظيم لڳندي ٿي وڃي. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪمال فن سان لطيف جي شاعريءَ کي نئين انداز سان پيش ڪيو آهي خاص ڪري جڏهن عالمي نظرين کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.

    هي ڪتاب سوجهرو پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي، 160 صفحن واري ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي. اميد ته دوست هي ڪتاب پڙهي لطيف جي فڪر ۽ پيغام کي بهتر نموني سمجهي سگهندا. ڊاڪٽر شير مهراڻي کي واڌايون هجن، جس هجيس جو هيڏي سهڻي انداز سان لطيف جي شاعريءَ کي پيش ڪيو اٿائين.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 اپريل 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو