پير مرد ۽ سڪندر بادشاهه

'سنڌي ادب' فورم ۾ ذوالفقار دولتاٹی طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2015۔

  1. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    131
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    هڪڙي ڀيري سڪندر بادشاهه پنهنجي لشڪر سان گڏ سير تي نڪتو. سمنڊ جي ڪناري تان هلندي هلندي هڪڙي هنڌ کيس پاڻيءَ ۾ هڪڙو لعل چمڪندو نظر آيو. هن انهيءَ لعل ڪڍي اچڻ لاءِ سپاهين کي حڪم ڏنو. شاهي حڪم ملڻ شرط ٽوٻا سمنڊ ۾ گهڙي پيا. اڃا سمند ۾ گهن ته لعل نظر کان گم ٿيو وڃي. ڏاڍا حيلا هلايئون پر لعل هٿ نه آيو. تڏهن بادشاهه چيو ته: جيستائين اهو لعل هٿ نه ايندو، تيستائين موٽي نه هلنداسين. پوءِ سڪندر بادشاهه تي ئي طنبو طولان هڻي ويهي رهيو.

    سڪندر بادشاهه جي ماڻهن مان ڪنهن وڃي پنهنجي پيءَ سان اها ڳالهه ڪئي ته: بادشاهه فلاڻي هنڌ لعل جي لاءِ ترسيو ويٺو آهي، پر اهو ڪنهن کي به هٿ نٿو اچي. تنهن تي ان پير مرد پنهنجي پٽ کي چيو ته: موتي اتي وڃي ڏس ته جيڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي ڪو وڻ آهي ته اهو لعل ان تي آکيري ۾ رکيو اَٿوَ، سمنڊ ۾ فقط ان جو پاڇو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ٻڌي هو سمنڊ تي آيو، ۽ پير مرد جي چوڻ موجب آکيري مان لعل لاهي، آڻي بادشاهه کي ڏنائين. سڪندر بادشاهه لعل ڏسي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس پڇيائين ته: اهو عقل ڪنهن جو؟ هن جواب ڏنو ته: جيئندا قبلا! اهو منهنجي پيءُ جو عقل آهي. پوءِ بادشاهه ان پير مرد کي گهرائي، پنهنجي صلاحڪارن ۾ شامل ڪيو، ۽ اٿي روانا ٿيا.

    اڃا ٿورو اڳڀرو هليا ته خلاصين دانهن ڪئي ته: جيئندا قبلا! هاڻي اهڙي هنڌ آيا آهيون، جتان جهازن کي ڪِينَ زوريءَ ڇڪي ويندي. بادشاهه تنهن تي پيرمرد کان پڇيو ته: هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پير مرد صلاح ڏنيس ته: ٻيڙا ٻيڙن سان گڏ ٻڌو، ڇو ته ڪِينَ جو منهن آهي سوڙهو، تنهنڪري گهڻا ٻيڙا ڪِينَ جي منهن وٽ روڪجي بيهي رهندا. سپاهين پير مرد جي صلاح تي عمل ڪيو ته ٻيڙا سچ پچ ڪيِنَ جي منهن وٽ روڪجي بيهي رهيا. بادشاهه وري پيرمرد کان پڇيو ته: ڀلا هاڻي ڪهڙيءَ ريت بچاءُ ٿيندو؟ پير مرد وراڻيو ته: هڪڙو گهوڙو ڪُهي زنجيرن سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ زنجيرن جون پڇڙيون ٻيڙن ۾ قابو ٻڌي ڇڏيو. سپاهين وري به ائين ڪيو، ته اوچتو سمنڊ مان ڪا بلا آئي، جا گهوڙي کي ڳڙڪائي وٺي ڀڳي، ته ٻيڙا به ان جي ڇڪ تي هلندا رهيا. جڏهن ڪِينَ جي اثر کان لنگهي ويا، تڏهن زنجيرن کي ڇوڙيائون ته ٻيڙا بلا کان آزاد ٿي پيا. اهڙيءَ طرح پير مرد جي صلاحن سان هلندا، اچي آبحيات جي غار تي پهتا. غار تمام اونهي ۽ اونداهي هئي. ڏٺائون ته جي ائين اندر وينداسين ته وري موٽي ساڳئي رستي کان نڪرڻ محال آهي، تنهنڪري وري به پير مرد کان پڇيائون ته: صلاح ڏي ته ڪهڙيءَ ريت آبحيات آڻي سگهنداسون؟ پير مرد صلاح ڏني ته: سئائون گهوڙيون اندر وٺي وڃو، پر انهن جا ڦَرَ غار جي منهن تي ٻڌي ڇڏيو. پوءِ گهوڙيون پنهنجي ڦرن ڏانهن پاڻهي موٽي اينديون، اوهين انهن پٺيان اچي سلامت رسندا. ماڻهو سئائن گهوڙين تي چڙهي غار ۾ گهڙيا ۽ وڃي آبحيات تائين پهتا. آبحيات کڻڻ بعد گهوڙيون پنهنجي ڦرن لاءِ پاڻهي ساڳي جاءِ تي اچي پهتيون. سڪندر بادشاهه آبحيات حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي وطن موٽي آيو.

    خير سلامتيءَ سان پنهنجي وطن موٽي اچڻ بعد، سڪندر بادشاهه پنهنجن وزيرن، اميرن ۽ عام ماڻهن کي گهرائي کانئن مشورو وٺڻ لڳو ته: هيءُ پاڻي مون کي پيئڻ گهرجي يا نه؟ سڀني کيس صلاح ڏني ته: آبحيات ڀلي پئجي. ائين ڪرڻ سان اوهين قيامت تائين زنده رهي سگهندا ۽ دنيا جي بادشاهي ڪندا رهندا. ان کان پوءِ سڪندر بادشاهه ٻي مخلوقات کي گهرائي انهن کان به صلاح پڇي، جن ۾ پکي ۽ جانور هئا. انهن به سڪندر بادشاهه کي آبحيات پيئڻ جي صلاح ڏني؛ پر سڪندر بادشاهه ڏٺو ته ڪاٺ ڪُٺو پکي صلاح ڏيڻ لاءِ آيو ئي ڪونهي. ٻين پکين ۽ جانورن جي وڃڻ بعد، سڪندر بادشاهه، ڪاٺ ڪٽي کي گهرائي کانئس نه اچڻ جو سبب پڇيو. ڪاٺ ڪٽي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! هي سڀ ماڻهو خوشامدڙيا آهن، جي رڳو اوهان کي خوش ڪرڻ لاءِ اوهان جي مرضيءَ موجب صلاح ٿا ڏين. مون کان اهو ڪم ڪونه پڄي سگهي ها، تنهنڪري حاضر نه ٿيس. تڏهن سڪندر بادشاهه کانئس صلاح پڇي. ڪاٺ ڪٽي چيو ته: سڪندر بادشاهه! اوهين آبحيات نه پيو ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته آبحيات جي پيئڻ سان اوهان جي عمر وڏي ٿيندي، جنهنڪري اوهان کي حياتيءَ جو وڏو حصو پيرسن ٿي گذارڻو پوندو، ۽ اها پيريءَ جي زندگي بلڪل بي مزي ٿيندي... ٻيو ته حياتيءَ جي وڏي ٿيڻ سبب اوهان جا پٽ پوٽا، ڀائر ڀينرون، مٽ مائٽ سڀ اوهان جي حياتيءَ ۾ هن دنيا مان گذر ڪندا، انهن جا درد به اوهان کي ئي سهڻا پوندا. بس، پوءِ اوهان جي باقي حياتي ڏکن سورن جي گذرندي، تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته راند رس ۾ ڇڏجي، ۽ اوهين آبحيات پيئڻ جو خيال لاهي ڇڏيو.

    سڪندر بادشاهه کي ڪاٺ ڪٽي جي صلاح دل سان لڳي، تنهنڪري آبحيات پيئڻ جو ارادو لاهي، اهو هارائي ڇڏيائين. چون ٿا ته اتفاق سان آبحيات وڃي ڇٻر گاهه کي مليو، جنهنڪري پاڻيءَ کان سواءِ به سدائين سائو رهندو اچي.


    ڪتاب مشھور سنڌي قصا
    مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    مان ورتل سڪندر بادشاھ جو قصو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ڪهاڻي ...... هڪ دفعي امر جليل به ساڳيو قصو ٻئي انداز سان ٻڌايو هو. شايد ڪنهن انگريزي ڪتاب جو حوالو ڏنو هيائين.

    قصو ته ڊگهو آهي پر ڪيئن به ڪري وڏي مسافري ڪري ڪيئي ماڻهو قربان ڪري اهڙي هنڌ پهتو جتان اڳتي وڌي نه پئي سگهيو ۽ اتي ئي لنگر انداز ٿيو. رات جو دير سان ڪنهن پيرسن کي اتان لٺ جي آواز سان ٺڪ ٺڪ ڪندي گذرندي ڏٺائين ته سپاهين کي چيائين ته هت ويران جڳهه تي انسان ڪيئن؟ وٺي اچوس ... !!!
    سپاهي کيس وٺي آيا ته هن اچڻ سان سڪندر جو نالو وٺي سلام ڪيس. حيران ٿي پڇيائينس ته تون هتي ڇا پيو ڪرين ۽ ڪير آهين. ان شخص وراڻيس ته مان خضر آهيان پر تون هتي ڇا پيو ڪرين؟
    سڪندر وراڻي ڏنس ته مان آب حيات جي حاصلات لاءِ هتي پهتو آهيان. پر ان تائين ڪيئن پهچان؟ اها هتان ڪيترو پري آهي؟
    خضر وراڻي ڏنس ته هو سامهون هن ٽڪري پويان ئي ته آب حيات جو تلاءُ آهي. تون ته پهچي ويو آهين. پر تون آب حيات ڇو ٿو پيڻ چاهين؟
    سڪندر وراڻي ڏنس ته مان سڄي عمر جيئڻ ٿو چاهيان.
    خضر چيس ته تون آب حيات نه پي. مان اتان ٿي آيو آهيان، اتي ڪيئي پيرسن پيا آهن جيڪي نه رڙهي ٿا سگهن ۽ نه ڪجهه کائي پي ٿا سگهن ۽ نه ئي وري ڳالهائي ٿا سگهن. هو دعا ٿا گهرن ته کين موت اچي ۽ اچي هن حالت مان آزاد ڪري. جنهن هڪ دفعو آب حيات پيتو ان تي موت ڪونه ايندو ۽ هاڻ هو پڇتاء واري حياتي پيا گهارين.
    وڌيڪ چيائينس ته اي سڪندر جيڪڏهن تون جيئڻ چاهين ٿو وڃ ۽ وڃي ماڻهن جي دلين ۾ جيءُ .... ان کان وڏو جيئڻ ٻيو ڪوبه ناهي ....
    ۽ پوءِ سڪندر اتان کان ئي واپس ٿيو .... بغير آبِ حيات پيئڻ جي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو