• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جي گڏجاڻي

khadim ghirano

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جو اجلاس

سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جي دستوري گڏجاڻي لاڙڪاڻي کان آيل مشهور شاعر مصطفى انڙ ڪئي . هن اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي چونڊيل آڊيٽر فقير محمد انڙ ۽ ضلعي ٽنڊوالهيار جي نئين چونڊيل رابطه سيڪريٽري عنايت لغاري به شرڪت ڪئي گڏجاڻي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جيڪي ريحان ابڙو ڪئي . جنهن بعد آيل مهمان کي نصرپور اچڻ تي ڀليڪار ڪئي ويئي . سنگت جي ميمبرن فقير محمد انڙ ، عنايت لغاري ۽ مصطفى انڙ کي گلن جا هار پارايا ۽ چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون . جنهن بعد اصلاحي تنقيد جي ادبي نشست هلي جنهن ۾ ريحان ابڙو ڪهاڻي “ ماڳ ماڳ منزل ” اياز عالم ملوڪاڻي ڪهاڻي ” لا پرواهي ” عبدالڪريم ساحل جتوئي ” ٽيڙو ” ريحان ميمڻ ” چوسٽا ” سميع الرحمان ابڙو ” وائي ” ڍول گھراڻو ”گيت ” راجيش ڏيوجي فقير محمد ڍول جو غزل ترنم ۾ ٻڌايو خادم گھراڻو نصرپور جا هندو عالم اديب حڪيم ۽ ارجن ڊيٽا رام ناٿاڻي سڪايل جي شاعري ” الوداع ” پيش ڪئي . مصطفى انڙ پنهنجو نڪور شاعري طويل نظم پيش ڪيو . هن اجلا س هلندي مشهور مترجم اديب پروفيسر برڪت علي ڪريمي به شرڪت ڪري گڏجاڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا . آخر ۾ هيءَ گڏجاڻي مصطفى انڙ جي شاعري سان ختم ڪيئي ويئي .
 
Back
Top