مظلوم ڏسي هِي ماروئڙا ..... ‫گلشن سنڌو

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
گلشن سنڌو
مظلوم ڏسي هِي ماروئڙا
جي جهُري ٿو پوي.

مفاد پرستي جي ور چڙهيل
ڏکيا ڏسِي هِي ڏوٿيئڙا
جي جهُري ٿو پوي.

سنڌ سموري سڏڪِي پيئِي
سڏڪن ۾ ڏسِي ساٿيئڙا
جي جهُري ٿو پوي.

ڪيڏِي نه انڌير نگري آ
ڇا ڇا ٻڌايان ساٿيئڙا
جي جهُري ٿو پوي.

انگ اگهاڙا پيٽ بکيا هن
جُهرن جڌهن جهانگيئڙا
جي جهُري ٿو پوي.

انصاف جو انت ٿِئي ٿو
جڏهن امَُنَ جا وڃن پانڌيئڙا
جي جهُري ٿو پوي.
 
Back
Top