مُلڪي ۽ غير مُلڪي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم وٺي اعليٰ ڊگريون حاصل ڪري، ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪم ڪندي ، سُوٽيڊ بوٽيڊ ڪلچر اپنائي، ڊفينس توڙي شهرن ۽ ڳوٺن جي شاندار ۽ بهترين بنگلن ۽ گهرن ۾ رهي به اسان پنهنجي ذهني سوچ اُهائي رکي آهي جنهن کي محاورتن (ڄٽڪي سوچ) چئجي ٿو ! مطلب سماجي تبديلي، جسماني تبديلي به اچي وئي پر ذهني تبديلي نه اچي سگهي آهي ۽ اهوئي ڪارڻ آهي اسانجي غلاميءَ جو. آخر ڇو ؟ جتي گڏ ويهون ٿا انهن ويچارن دوستن سان جن کي (اڙي صفا ڄٽ آهين) چئون ٿا ۽ اوهانجي مقام تي پُهچڻجو کين موقعو ئي نٿو نصيب ٿئي پر پوءِ به جڏنهن گڏ ويهندا آهيون، ته فرق ئي محسوس ڪونهين ٿيندو جو ٻنهين جي سوچڻ ، سمجهڻ ۽ ڪرڻ جي صلاحيت ساڳي ئي هوندي اهي. توڙي سماجي ۽ جسماني حيثيت ۾ ڀلي فرق ڇو نه هُجي. ته جيستائن سنڌي فرد ذهني تبديلي نه آڻيندو. سنڌ سماج نه سُڌري سگهندو ته اچو ته پاڻ ۾ سماجي ۽ جسماني تبديليءَ سان گڏ (ذهني تبديلي ) به آڻي جڳ جهڙا ۽ اڳ جهڙا سولائيزڊ ٿيون نه ڪه (موالي، ڌاڙيل، ڀوتاري) ڪلچر جا رکوالا ۽ اهو تڏنهن ممڪن آهي جڏنهن اسان واقعي گهربل تعليمي معيار اپنائي پار ڪريون. (ڪاپي ڪلچر، موالي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر) تي اڳتي وڌي دُنيا ۾ نروار ٿيڻ بجاءِ جيڪو اسان هاڻ اورانگهي چُڪا ته آهيون پر پوءِ به اڃا به ذهني طور تي بقول ڪنهنجي چواڻي( چٽُ ڄٽَ جا پُٽ) ئي آهيون . ڇو جو ذهن اُهوئي ساڳيو ڄٽڪو اهي جيڪو ميرٽ ۽ محنت سان بدلبو آهي نه (ڪاپي، موالي ۽ سفارشي ڪلچر) سان جن جا اسان سڀ اڄ به پُڄاري آهيون. ته حقيقي علم پرايو ! ميرٽ سنڌي بڻجو! سنڌ بچايو ! ڀوتاري، موالي ، ڌاڙيل ڪلچر کي ذهن مان ڪڍي ڦٽو ڪريو ته ترقيءَ طرف گامزن ٿي سگهو، ڇو جو اهڙي ڄٽڪي ذهنيت يورپ، امريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهي به مٽجي نه سگهندي آهي.