نوٽ: 23 اپريل ڪتاب جو بين القومي ڏينهن آهي ان حوالي سان هي نظم ڪتاب جي اهميت ۽ ان جي افاديت کي اجاگر ڪري ٿو. منهنجو فون نمبر 03473342148 آهي (1) محمد يوسف جويو ڪتاب هٿن ۾ کڻندي، دل سان پڙهندي، بستري تي ليٽندي، سيني تي رکي، جهوليءَ ۾ جهولي، پڙهندي پڙهندي، سمهي پوندا هئاسين، ڪتابن جي پنن تي ليڪا پائي، وڙهندي، اُلر ڪندي، ڪتاب هڻندا هئاسين. لائبريريءَ جي المارين مان، پنهنجي مضمونن جا ۽ ٻيا ڪي ڪتاب ڳوليندي، ڦولهيندي ڪرندا هئا، نِوِڙي انهن کي کڻندي، ٻه اکيون چار ٿينديون هيون ۽ ڪي وقت جون گهڙيون کن پل بيهي مرڪنديون هيون. اڄ ڪتاب! المارين جي شيشن مان لياڪا پائي ڏسن پيا، ۽ سُس پُسُ ۾ ڪجهه چون پيا، ڏسي مون ڏي! ڪجهه پڇن پيا؟ ۽ ڪجهه چون پيا. اسان ۾ ادب ۽ اتهاس آهي، اسان جي پنن ۾ پيار جا گيت آهن، لڪل ڪي ميت آهن، ڪي رواج ريت آهن. ڪنهن جي هار ته ڪنهنجي جيت آهن. هي چون پيا ۽ ڪجهه پڇن پيا؟ پوءِ ڇو اڄ وقت گذري پيو! ٽي ويءَ آڏو ۽ ڪمپيوٽر اسڪرين آڏو، ڪجهه ڏسندي، ڪجهه ٻڌندي، “تيز تر” وقت وڃي ٿو گذرندو، ڪتاب کان سواءِ ملاقات کان سواءِ. ڪتاب پڙهڻ جو ته مزو ئي الڳ آ. اکر، لفظ، جملا پيرا ۽ پوءِ مسلسل... بس هاڻي خالي خالي خيال اچن ٿا. ۽ ڪتاب المارين ۾ ئِي رهن ٿا!.