23 اپريل ڪتاب جو بين القومي ڏينهن آهي ان حوالي سان ....

'تعارف' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2015۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    نوٽ:

    23 اپريل ڪتاب جو بين القومي ڏينهن آهي ان حوالي سان هي نظم ڪتاب جي اهميت ۽ ان جي افاديت کي اجاگر ڪري ٿو. منهنجو فون نمبر 03473342148 آهي

    (1) محمد يوسف جويو

    ڪتاب هٿن ۾ کڻندي،

    دل سان پڙهندي،

    بستري تي ليٽندي،

    سيني تي رکي،

    جهوليءَ ۾ جهولي،

    پڙهندي پڙهندي،

    سمهي پوندا هئاسين،

    ڪتابن جي پنن تي ليڪا پائي،

    وڙهندي، اُلر ڪندي،

    ڪتاب هڻندا هئاسين.

    لائبريريءَ جي المارين مان،

    پنهنجي مضمونن جا

    ۽ ٻيا ڪي ڪتاب

    ڳوليندي، ڦولهيندي

    ڪرندا هئا،

    نِوِڙي انهن کي کڻندي،

    ٻه اکيون چار ٿينديون هيون

    ۽ ڪي وقت جون گهڙيون

    کن پل بيهي مرڪنديون هيون.

    اڄ ڪتاب!

    المارين جي شيشن مان

    لياڪا پائي ڏسن پيا،

    ۽

    سُس پُسُ ۾ ڪجهه چون پيا،

    ڏسي مون ڏي!

    ڪجهه پڇن پيا؟

    ۽ ڪجهه چون پيا.

    اسان ۾

    ادب ۽ اتهاس آهي،

    اسان جي پنن ۾

    پيار جا گيت آهن،

    لڪل ڪي ميت آهن،

    ڪي رواج ريت آهن.

    ڪنهن جي هار

    ته ڪنهنجي جيت آهن.

    هي چون پيا

    ۽ ڪجهه پڇن پيا؟

    پوءِ ڇو

    اڄ وقت گذري پيو!

    ٽي ويءَ آڏو

    ۽ ڪمپيوٽر اسڪرين آڏو،

    ڪجهه ڏسندي، ڪجهه ٻڌندي،

    “تيز تر” وقت وڃي ٿو گذرندو،

    ڪتاب کان سواءِ

    ملاقات کان سواءِ.

    ڪتاب پڙهڻ جو ته

    مزو ئي الڳ آ.

    اکر، لفظ، جملا

    پيرا ۽ پوءِ مسلسل...

    بس هاڻي

    خالي خالي خيال اچن ٿا.

    ۽ ڪتاب المارين ۾ ئِي رهن ٿا!.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام سٺو سائين يوسف صاحب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو