Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌي هُشيار باش ! جي واقعي عقل وارو ۽ سياسي شعور رکين ٿو ته موٽ متان پوءِ پڇتائين ! ۽ دشمنان سنڌ جي چالن کي سمجه ! ارادي يا غير ارادي سندن مشن جو حصو نه بڻج! متان پوءِ تُنهنجي ڪري ئي سنڌ وراهجي نه وڃي ۽ جي ٿيو ته ان جو ڪارڻ به تون ئي نه بڻبين! ته ڇا به ٿي پوي جي سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائڻ کان بچائڻ چاهين ٿو ته بي دليءَ سان، ڪوڙو ئي سهي ،پنهنجن سنڌين سان اتحاد ڪر جيڪي اڪثريت ۾ آهن ۽ پاور رکن ٿا!هر ڳالهه کي پاڻ لاءِ، اڻ سهپ، ساڙ ، انا ۽ ايگو جو مسئلو نه بڻاءِ . ڇو جو هي سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
اکيون ڦوٽار ۽ هضو نه بڻج جو هن وقت اڙدو ميڊيا ۽ ان جا سازشي (مشرف اسٽيبلشمينٽ) ان جا حواري اينڪر (لنڊن پلان ڊي) تحت وري ميدان تي اچي ويا آهن ۽ سنڌ ۽ سنڌي دشمنيءَ تي تبصرا به آهن عسڪري راءِ رکندڙن کي به انگيج ڪيو پيو وڃي جيڪي سنڌ جي ليڊر ن کي خوار ڪرڻ لاِءِ سامهون آڻائي هڪ ٻئي جي گريبان ۾ هٿ وجهارائي آندا پيا وڃن آخر سنڌ ماڻهن کي سمجه ۽ هوش ڪڏنهن ايندو، جيڪو وات ۾ اچين ٿو شروع ٿيو وڃن ٿا ۽ دشمنن جي سازشين جي پلان تحت پنهنجو پاڻ ئي اڳيان پيا اچن يا کين آندو پيو وڃي. الله هن سنڌي قوم تي رحم ڪري. ڪارو الطاف اڇو پيو ڪيو وڃي ۽ اڇا سنڌي ڪارا پيا ڪيا وڃن ۽ اوئي ڪمال آهي اڙدو ميڊيا جو.
مشرف اسٽيبلشمينٽ جو شاندار پلان جنهن تحت دهشتگرديءَ ۾ وچڙيل ۽ پنهنجي ٺاهيل مُهري جي ختم ٿيندڙ مقبوليت کي ڏسي ٻئي مُهري عمران خان جي مدد سان، 246 سان پالش ڪرائي، چمڪائي وري الطاف حسين کي (سنڌ ٻه ٽڪر) جو نالو هڻائي ميدان تي لاٿو آهي ۽ وري سنڌ ۾ سازش تيار ڪئي پئي وڃي. ۽ تشهير پي رول تي ورتل ڪن اڙدو چئنلن ۽ اُنهن جي اينڪرن جي مدد سان پئي ٿئي. ڪاري کي او ۽ اچن کي ڪارو پيو ڪيو وڃي، پنهنجن کي پنهنجن سان وڙاهڻ لاءِ ميدان تيار ڪيو پيو وڃي ۽ دهشتگردن کي وري اڳيان آني اسڪرپٽ رائيٽر مشرف اسٽيبلشمينٽ جي (لنڊن پلان ڊي) تي عمل ڪيو پيو وڃي ته جئن انهن جي ذريعي هو سنڌ جي سمورن وسيلن ۽ زمينن، ڪاري سون (ڪوئلي) وغيره تي قبضو ڪن. حيرت ناهي ته سنڌ کي (پلان ڊي تحت رٿيل سازش) سان ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش تيار ڪرڻ لاءِ وري ليڊر الطاف حُسين کي اڳيان آندو ويو آهي. سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي۽ اُن جا ليڊر ئي آهن جيڪي جهموريت جو تصور رکن ٿا ۽ انهن جهموري ليڊرن کي به وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسيءَ قتل ڪرايو آهي جنهن ۾ شهيد قائد اعظم، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ئي سر فهرست آهن ۽ طاقتور صوبو پنجاب سنڌي ليڊرن ي اثر رُسوخ کان بلڪل خالي ڪرايو ويو آهي ۽ ٻين صوبن ۾ به آخري پلاننگ ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ به ان منشور تحت ڪم ٿي رهيو آهي.
اها تواريخي حقيقت آهي ۽ سنڌي سڏجندڙ تعصب، حسد، ايگو، پنهنجن سان اڻسهپ ۽ هڪ ٻئي کي خوار ۽ خراب ڪري سازشي ٽولن جي حق ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ، پنهنجا پُراڻا پنا ٻيهر کولي ڏسي ۽ پڙهي جي هو اڃا به پاڻ کي سچو ۽ مخلص سنڌي سمجهي ٿو ۽ ارادي ۽ غير ارادي طور سنڌ دشمنن جي چالن جو حصو نه پيو ڻجي، ته پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏئي (سنڌ ڪارڊ) جو پهريون بُنياد رکيو ويو هو پر اهو وقت جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسيءَ کي هضم نه ٿيو جن مقابلتن لياقت علي خان کي ميدان ۾ لاٿو ۽ سگهوئي بانيءَ پاڪستان، سنڌ جي پهرئين جهموري ليڊر حضرت قائد اعظم محمد علي جناح کي نظربنديءَ دوران ئي زهر ڏئي اّخري ساه کڻن لاءِ شاهراه فيصل جي روڊن ۽ گهٽين ۾ ڦٽو ڪرايو ۽ انهن سازشي ٽولن جي حواريءَ لياقت عي خان کي انعام طور پاڪستن جو پهريون ڪوٽا سسٽم 7 سيپٽمبر 1949، تي پهريون وزير اعّم ٺهرائي آڻڻ لاِءِ اختيار ڏنا ته جيئن سنڌ ۾ هندستان مان آيل پناهگيرن کي هڪ جُدا سڃاڻپ ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ پنهنجو ايجنٽ مقرر ڪيو وڃي ۽ انهن جي ئي معرفت سنڌ جا شهر جُدا ڪري هڪ صوبو ٺاهيو وڃي ۽ انهن سازشي ٽولن جي مدد سان سنڌ جي مڙني وسيلن تي قبضو ڪيو وڃي .افسو جو ان سازش ۾ ڪي سنڌي وڏيرا به ڀائيوار هُئا جن سمجهيو ته سنڌ ٻهراڙيءَ جو حصو انهن جي پتيءَ ۾ ايندو ۽ پوءِ هو نادرشاهي ايڪٽ تحت سنڌي قوم کي موالي ڪلچر ۾ وجهي ، پيري مُريديءَ جي آڙ ۾ هميشه جي لاءِ پنهنجو غلام بڻائي رکندا. اهي سڀئي چالاڪ سازشي ٽولا ۽ مُاد پرست سنڌي وڏيرا ، سنڌي ماڻهن جي فطري اڻ سهپ، انا ۽ هڪ هٽيءَ کي سمجهن ٿا ۽ پنهنجو رٿا بنديون به اهڙا سنڌ دشمن وڏيرا ڳولي سرانجام ڏين ٿا.
وقت گُذرڻ سان وري سنڌ مان هڪ ٻيو ليڊر اُڀري آيو ۽ (سنڌ ڪارڊ جو ٻيو ٻُنياد پئجي ويو) نهن کي جهموريت پسند سنڌ جي ٻئي ليڊر شهيد ذوالفقار علي رکيو جيڪو اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي سازشن کي سمجهي ، پنهنجي جهموري مشن کي سنڌ دشمنن کي شڪست سان دوچار ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي عزم کي پوري پاڪستان تائين ڦهلايو ۽ دشمنن جي گهر ۾ اندر گهڙي پيو. اهي سازشي ٽولا جن سنڌ کي لياقت علي خان معرفت ٻه حصا ڪرڻ پئي چاهيو ، پوءِ جن سگهوئي پنهنجي حواريءَ لياقت عليءَ کي به مارائي ڇڏيو ۽ ٻيو رستو ڳولڻ لڳا. ان وقت به ڪن سنڌي وڏيرن پنهنجي آفر ڪئي پر شايد سازشي ٽولن سمجهيو ته جيڪو پنهنجن جو نٿو ٿي سگهي اُهو سندن وري ڪيئن ٿيندو ۽ هو کين ٽرڪائيندا آيا ۽ مهاجر نالي تي سنڌ ۾ هڪ تحريڪ بڻائي. پر ڳالهه سند ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ مقابلتن (روٽي ڪپڙا ۽ مڪان) جي نالي تي سنڌ جو سياسي شعور پوري پاڪستان مٿان هاوي ٿي ويو ۽ پوءِ هنن جي ڏسند ڏسندي سنڌ جو ٻيو ڪارڊ (پاڪستان پيپل پارٽي بڻجي وئي) جنهنکي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ مهاجر تحريڪ وارن وٽان ٻوليءَ جي آڌار تي (اڙدو تيرا جنازا) نالي تحريڪ ۾ تيزي آندي وئي ۽ مُهاجر قومي موومينٽ جو بُنياد پئجي ويو. سنڌي معصوم انسانن جو قتل عام ڪيو ويو، کين پهنجي اباڻي جنم گهرن مان ڪڍي سميل علائقن قاسم آباد ، سجاد آباد ۽ سٽيزن جي ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو. ۽ دُنيا ڏٺو ته پوءِ (ٻئي سنڌ ڪارڊ کي) پنجاب مان ختم ڪرڻ جي سازش تيار ٿيڻ لڳي. ۽ ٻئي سنڌي ليڊر کي شهيد ڪيو ويو.
سڌ ڪارڊ جو ٽيون مرحلو تڏنهن ٿيو جڏنهن وري ان جي واڳ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي نياڻيءَ شهيد بيبي بينظير جي هٿ ۾ اچي وئي ۽ (روٽي ڪپڙا ۽ مڪان) واري قومي تحريڪ وڌڻ لڳي ته سازشي ٽولن بشمول سنڌي غدار وڏيرن هڪ انجنيئرڊ اليڪشن جي ذريعي کيس سڌ تائين محدود ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي ۽ فيڊريشن کي ختم ڪري صوبائي تعصب جو بُنياد وڌو ۽ هڪ طرف نوازشريف کي ميدان ۾ آڻي (جاڳ پنجابي جاڳ) جو نعرو بُلند ڪرايو ته ٻئي طرف جهموري سنڌي ليڊر جي مقابلي ۾ (مُهاجرستان يا جناح پور) جو بُنياد رکاريو ۽ فيڊرل پاڪستان کي ٽوڙيو پيو وڃي.