سوچ ۽ آئڊيا اسانجي عمل توهانجو ! پوءِ يقينن سنڌ ۽ سنڌ سماج بڻجي سگهي ٿو خوشحال. اسان ڪنداسون توهان لاءِ گهر گهر گهسي انٽرنيٽ وسيلي(پرائمري اسڪول کان پولي ٽيڪنڪتائين) فني (ڪرت) ٽرينگ سکيا جو انتظام ۽ فري آن لائين سکيا ۽ سرٽيفڪيٽس (فري آن لائين ميڊيا يونيورسٽي) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) ۽ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) جي مدد سان! ڇا توهان (سماجي تنظيمون، اين جي اوز، ويلفيئر جا خواهان فرد) به هن نيڪ ڪم ۾ والينٽيئر ڀائيوار ٿي سنڌ سماج سُڌار جو عملي حصو بڻجڻ چاهيندئو؟ سنڌ جا گهڻ گهريو، سنڌ تڏنهن خوشحال هُئي جڏنهن ڪرت(ڌنڌو) عيب ڪونه مڃيو ويندو هو ۽ ذاتيون به ڌنڌي جي ڪري ئي سُڃاتيون ۽ سڏيون وينديو هُيون ۽ اُهي اڄ به موجود آهن ۽ هر ذات پات وارو سنڌي ان وقت ڪنهن اوتاري يا اوطاق ۾ ڀنگ ۽ سُلفين جا سوٽا ڀرڻ ڪونه ويندو هو يا ديسي ولائتي ٺري جو شوقين ڪونه هو. پر هو ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳل هو ۽ ڪمائيندو هو، خوشحال هو. جهڙوڪ : درزي، واڍو، مير بحر، ڊکڻ، ڪوري، موچي، ڪنڀر، حجام، رازو وغيره. ان وقت ڪي فني ادار ته هوندا ئي ڪون هُئا ۽ گهڻي ڀاڱي پرائمري تعليم لاءِ دڪانن تي وڏڙن کان پرائمري سکيا سکبي هُئي. ۽ ٻار ڪم سکڻ سان ٻه ٽڪا به گهر آڻيندو هو، جنهن کي اڄ جي دئور ۾ (اپرنٽس شپ ٽرينگ چئجي) يعني ڪم به سکو ۽ پئسا به ڪمايو. پوءِ چائلڊ ليبر رسٽرڪشن جو قانون آيو، اهي دُڪانن تي ڪم ڪندڙ (چائلڊ ليبر گرفت ۾ اچڻ لڳا) ۽ انهن جي پُهچ غُربت جي ڪري (ڪنهن ٽيڪنيڪل اداري، فيڪٽري يا انڊسٽري طرف ڪانه هُئي، لاچار ٻار مجبور ٿي موالين جي حوالي ٿيڻ لڳو ۽ اوتارن، اوطاقن ۾ وڃي موالي ٿيڻ لڳو، سنڌ سماج تباهه ٿيڻ لڳو. ته دوستو ڇو نه اسان وري هڪ ڪوشش ڪريون ۽ انهن ٻارن لاءِ پنهنجن ڳوٺن ۾ ئي قائم ڪرت وارن دڪانن تي پرائمري ليول کان فني سکيا جو احتمام ڪيون ۽ انهن ئي دُڪانن کي ئي (اپرنٽس ٽرينگ اسڪول) بڻايون جيڪي اوهانجي ڳوٺ ۽ شهر جي هر دُڪان تي موجود آهن ۽ کين تعليمي ادارن (ٽيڪنيڪل بورڊس) مان رجسٽر ڪرائي پائمري، سيڪنڊري، هاءِ، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تي کڻي هلون. جي اهو پلان صحيح آهي ته اسان هن سنڌ سماج سُڌار ۾ توهانجي مدد سان گهڻو ڪُجه ڪري سگهون ٿا. ڇا ساٿ ڏيندئو؟