خليفو عبدالحميد چانڊيو هڪ سال يعني مؤرخه 30 مارچ 1996ع تي صبح جو 10 وڳي اوچتو قبلا محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۽ حيدرآباد ڊويزن جو اڳوڻو ڪمشنر مسٽر عبدالغفار سومرو صاحب منهنجي غريب خاني ۾ تشريف فرما ٿيا هئا. اوچتو اچڻ تي ساڻن ملي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. ان وقت مون وٽ جا غريباڻي ماني تيار هئي سا حاضر ڪئي هيم. ٻين دوستن تڪڙ پئي ڪئي مگر محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن فرمايو ته: ”بابا، تڪڙ نه ڪريو، ٻروچ نيرن ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو.“ پوءِ پاڻ فرمايائون ته ضلعي سانگهڙ واري سُگهڙ صادق فقير ٿهيم بلوچن جا چوڏهن پارَ ٻڌايا آهن، جن مان پهريان ٻه هن طرح آهن: بلوچن بهادرن جا سُڻ چوڏهن پُورا پارَ، هڪ مهمان نواز ماني کارائينِ، ٻيو پاڙي سان ڪن پيار. اهو ٻڌي مهمان مطمئن ٿيا ۽ موقعي سان مون به مرحوم دادن فقير جو هيءُ شعر پڙهيو: اسان جي دعوت اي جاني قبوليندؤ ته بسم الله، غريباڻي مڇي ماني قبوليندؤ ته بسم الله، سرنهن جو ساڳ سبحاني قبوليندؤ ته بسم الله ڇِٽو ڀت، دال دُوفاني قبوليندؤ ته بسم الله. بهرڪيف غريباڻي ماني کائڻ بعد مون پنهنجو ڪتاب ”سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو، پاڻ مهرباني فرمائي مختصر طور ڪتاب جو معائنو ڪرڻ فرمايُنِ ۽ ڏاڍو پسند ڪيائون. منهنجي جاکوڙ ۽ محنت تي شاباش چيائون: ان کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي درگاهه تي هلڻ لاءِ ارشاد فرمايائون. آءٌ تيار ٿي ساڻن گاڏيءَ ۾ گڏ ويٺس. اسان جي گاڏيءَ پٺيان ميهڙ سب ڊويزن جي ايس. ڊي. ايم مسٽر سليم احمد کهڙي صاحب جي گاڏي هئي. سنڌيءَ ۾ دانائن جو چوڻ آهي ته: ”مورک ساري رات، سالڪ هڪ گهڙي“. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان جهڙي عظيم سالڪ سان رهاڻ ڪندي وڃي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي جوڙيل مسجد شريف وٽ پهتاسين. اتي سڀئي موٽرن مان لهي پياسين ۽ مسجد شريف جي اوڀر کان سيمنٽ سان بند ٿيل هڪ پٿر تي وڃي بيٺاسين. هيءُ پٿر مسجد شريف جي نئين طرح مرمت ڪرڻ واسطي لڳايو ويو هو، جنهن تي ڪن صاحبن جا اسماء گرامي لکيل هئا. محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ محترم ڪمشنر سومرو صاحب ذري گهٽ اڌ درجن جنابن جا نالا پڙهي ٿورو مُرڪيا، ۽ ڪمشنر صاحب جن فرمايو ته مسجد شريف جي ڪم واسطي سرڪار طرفان منظور ٿيل پيسا جنابن جا چيلا کائي ويندا، باقي جنابن جا نالا پٿر تي يادگار هوندا، ۽ مسجد شريف انهيءَ ئي خسته حال ۾ هوندي. واقعي جناب ڪمشنر صاحب جي ڳالهه سؤ سيڪڙو پوري ٿي. مسجد شريف تقريباً انهيءَ ئي حال ۾ آهي جنهن ۾ هئي. لهٰذا افسوس ته، انهيءَ تاريخي مسجد شريف جي مرمت واسطي سرڪار ڪوبه توجهه نه ٿي ڏئي. هيءَ تاريخي مسجد شريف ميان نصير محمد ڪلهوڙي سنه 1071ع هجري بمطابق سنه 1660ع ۾ جوڙائي. مسجد جي اتر ۽ اولهه جي ڪُنڊ تي سيد حامد شاهه شهيد جي مزار آهي. مٿس چورس تي گنبد ٺهيل آهي. هن بزرگ جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حويليءَ جا کنڊرات ڏٺا ويا. هنن کنڊرن مان صرف ٻه برج خسته حالت ۾ نظر اچن ٿا، هڪ بُرج ڏکڻ طرف کان ۽ ٻيو اوڀر طرف کان. حويلي ڏيڍ ڪلوميٽر چورس تي مشتمل آهي. جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙو (ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو چاچو) سنه 1068 هجري ۾ بکر جي مغليه نوابن سردار جلال خان ابڙي ۽ سردار محمد صديق خان سانگي جي ماڻهن هٿان شهيد ڪرايو، جنهن ۾ چانڊين جي سردار ملڪ غيبي خان مغلن جي نوابن جي خلاف وڏي تحريڪ هلائي ۽ مغليه لشڪر تي ڇاپا مار حملا شروع ڪرايا، ته پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙو ٿوري عرصي لاءِ سنڌ مان ملتان هليو ويو. بعد ۾ وري به سردار ملڪ غيبي خان جي چوڻ تي واپس اچي ’کارا‘ يا ’گهارا‘ پرڳڻي ۾ سنه 1070 هجري بمطابق سنه 1659ع ڌاري ڳوٺ ٻڌي حويلي جوڙائي ۽ حويلي جي اولهه طرف مقام عدالت گاهه جوڙايائين. انهيءَ مقام جي خسته حالت ڏٺيسين. اتي ڪرڙ جون پٽيون اڃا تائين نظر پئي آيون. فقيرن جو چوڻ هو ته اهي پٽيون انهيءَ زماني جون آهن. بقول قبلا محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته، حويلي يا مقام عدالت گاهه مٿان ڪاٺ جون ڇتيون هيون. جنهن ۾ وَرا، ڪامون يا لاتڻيون کني پير، لئو، ڪنڊي پانم جون ڇو نه هجن مگر پٽيون ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جون هيون. مقام عدالت گاهه جي ڏسڻ بعد سيد عنايت شاهه ڏندُو جي مزار تي پهتاسين. هن بزرگ تي مسجد نما گنبد الحاج امير بخش خان جوڻيجي صاحب سنه 1997ع ۾ پنهنجي خرچ سان جوڙايو. ياد رهي ته سيد حامد شاهه ۽ سيد عنايت شاهه ڏندُو مغليه لشڪر سان ڳيريلي وٽ وڙهندي جرنيل مير مؤندر خان چانڊئي ۽ ٻين سان گڏ سنه 1111 هجري مطابق 1699ع ۾ شهيد ٿيا. جنهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي ڪتاب ”سوانح حيات سر غيبي خان چانڊيو“ ۾ لکيو آهي. اولهه طرف ونگ نما هڪ پڪي سرن جي ديوار وٽ پهتاسين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اها ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي بٺي يعني بورچي خاني جي جاءِ هئي. اولهه، اتر ۽ ڏکڻ طرف جون ديوارون ختم ٿي چڪيون آهن. باقي اوڀر طرف شايد ونگي دروازو هو. محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سندس هم رفيق دوست هن ونگي نما ديوار جي مضبوطي ڏسي ڏاڍا متاثر ٿيا. پوءِ فتح فقير پخاليءَ جي مزار تي پهتاسين. هيءُ درويش، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد ۽ پخالي هو. روزانو ميان صاحب جي ڳوٺ کان اوڀر طرف ٽي ميل پري لهڙيءَ جي ڪنب مان ميان صاحب جي حويلي ۽ مهمان خاني لاءِ پاڻيءَ جون مشڪون ڪڏهن ڪلهي تي ته ڪڏهن ڏاند تي، سندس ڏاند جنهن سان فقير صاحب جي گهڻي محبت هئي، تمام ڏاهو هوندو هو، فقير صاحب مٿس نالو ’عاقل‘ رکيو. عموماً انهيءَ ڏاند جي پُٺيءَ تي پاڻيءَ جون مشڪون ڀريندو هو. (عاقل ڏاند ۽ فتح پخاليءَ جو مفصل احوال ڪتاب ”سوانح حيات نواب سرغيبي خان“ ۾ پڙهندا). پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي درگاهه اعليٰ تي پهتاسين جيڪا فتح پخاليءَ جي مزار جي اولهه طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ميان صاحب جي مزار جي اتر طرف واري مسافرخاني ۾ اڳ۾ ئي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جو ان وقت جو مختيارڪار ميان ارباب علي خان لنڊ بلوچ معزز مهمانن جي ويهڻ واسطي هنڌ کٽن جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. ساڻس گڏ پوليس جو عملو به موجود هو. اتي لهڻ کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زيارت تي وياسين ۽ ختمو پڙهيوسين. اتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي شخصيت بابت احوال ٻڌايو: ”ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي وفات بعد ميان نصير محمد بن ميان الياس محمد ڪلهوڙو سنه 1068 هجري بمطابق سنه 1657ع ۾ پنهنجي وڏن جي گاديءَ تي ويٺو. هو پنهنجي وڏن کان وڌيڪ ممتاز هو، ڇو ته سندس ئي زماني ۾ مريدن مان لشڪر تيار ٿي ويا، ۽ انهن جي پوري انتظام حڪومت جو رنگ اختيار ڪيو. ان کان علاوهه زهد ۽ عبادت سببان ميان صاحب غير معمولي شهرت حاصل ڪئي ۽ سندس ڪرامتون ڳاڻاٽي کان زياده آهن.“ راقم به سندس مفصل ذڪر پنهنجي ڪتاب ”سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو“ ۾ قلمبند ڪيو آهي. هن عظيم انسان 7 ماهه ذوالحج سنه 1102 هجري بمطابق سنه 1692ع ۾ وفات ڪئي. مٿس ڇٽي نما سفيد گول گنبد ۽ عاليشان ڪوٽ سندس فرزند ميان يار محمد ڪلهوڙي سنه 1130 هجري بمطابق سنه 1708ع ۾ جوڙايو. بعد ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فرزند ميان دين محمد ڪلهوڙي جي مزار جيڪا ميان صاحب جي مزار يعني ڪوٽ کان ٻاهر لڳ اولهه طرف آهي، جي زيارت ڪئيسين. ميان دين محمد ڪلهوڙي جي شخصيت بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڀني دوستن کي هن طرح ٻڌايو: ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي ٽي پٽ هئا: 1. سڀني کان وڏو ميان دين محمد 2. وچيون ميان يار محمد 3. سڀني کان ننڍو ميان مير محمد ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ انهيءَ ئي سال سنه 1103 هجري بمطابق 1692ع جي پيري مرشديءَ جي مسند ۽ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيڪي زميندار لڙاين ۾ ناڪام رهڻ کان پوءِ گهڻي مدت تائين ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ خاموش رهيا هئا سي وري جهڳڙي ۽ فساد ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويا، شايد انهيءَ ڪري جو سندن خيال مطابق نئون سجاده نشين اثر رسوخ ۽ طاقت ۾ پنهنجي والد محترم کان گهٽ هوندو، ان ڪري کيس شڪست ڏيئي ختم ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي دقت پيش نه ايندي. ليڪن منجهن اڪيلي سر مقابلي ڪرڻ جو حوصلو موجود نه هو ۽ هنن وقت جي حاڪمن وٽ شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ حاڪمن طرفان سختيون شروع ٿيون. مجبوراً ميان صاحب جا مريد جن ۾ گهڻا بلوچ هئا، خصوصاً چانڊيا جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. مغليه حاڪم مرزا خان پني ڪيترا دفعا ميان دين محمد ڪلهوڙي کي دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون، ليڪن کيس ڪاميابي نه ٿي، آخر دهلي دربار جي طرفان امير شيخ جهان کي سراين جي مات ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ مغليه لشڪر کي سخت شڪست آئي ۽ شيخ جهان خان، مير مؤندر خان چانڊئي هٿان مارجي ويو ۽ مير مؤندر خان به پنهنجن ساٿين يعني حاجي خان مري سميت شهيد ٿيو ۽ فيروز فقير ويراڙ جي سپهه سالاريءَ هيٺ حاجي خان مري، حامد شاهه ۽ عنايت شاهه ڏنرو، اهي به مير مؤندر خان چانڊئي سان گڏ شهيد ٿيا. سنه 1927ع جي نواب سر غيبي خان جي ڪتب خانه جي دستاويزات مان اهو احوال ملي ٿو، باقي تاريخي ڪتاب ته لکن ٿا ته: امير شيخ جهان فيروز فقير ويراڙ هٿان شهيد (قتل) ٿيو، اها ڳالهه سراسر غلط آهي، ڇو ته تاريخ وارن چانڊين جي خلاف اڪثر پئي لکيو آهي، جيئن تاريخ مظهر شاهه جهاني وارو لکي ٿو: ”هن علائقي ۾ جيئن ته بدبخت چانڊين جي گهڻائي آهي“. (صفحو 162) هو صفحه 201 تي لکي ٿو: ”باغبان پرڳڻي جا سميجا ۽ ٿيٻا، چانڊين نڀاڳن سان ملي وڳوڙ پکيڙڻ لڳا“. (صفحه 220) ”نڀاڳن چانڊين رات جو اچي لشڪر تي تير وسايا“. (صفحه 247) ” ڳاها باغبان، پاٽ، اڪبر آباد جي پرڳڻن کي چنڊن چانڊين برباد ڪري ڇڏيو“. (صفحه 282 ”هتي ٻيو فساد گروهه چانڊين جو آهي، اهي نڀاڳا باغبان جي پرڳڻي ۾ جبل پاسي رهن ٿا“. ”آخر انهيءَ سال مغل شاهه زاده هٿان ملتان ۾ سنه 1111 هجري بمطابق 1700ع ميان دين محمد بن ميان نصير محمد ڪلهوڙو شهيد ٿيو. سندن مٿان ننڍڙو مقبرو سندس وچين ڀاءُ ميان يار محمد، ميان نصير محمد جي مقبري سان گڏ ٺهرايو، يعني سنه 1130هه ۾“. بعد ۾ محترم قبلا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حرمن جي مزارن جي ڏسڻ واسطي فرمايو. تنهن تي صڦري فقير مشوري جيڪو مزارن جو مجاور به آهي، انهيءَ ناراضگي ڏيکاري ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ هن طرح تقرير شروع ڪئي: ”سائين ميڏا، پاڪين دي قبران ڏيکڻ واسطي اسان ڏيان ڪنواريان ڇوڪريان به نهين وينديان. هڪڙي سال اسان ڏي شهر دي ڪنهن نڀاڳي عورت هڪڙي پاڪ دي قبردا پڙدا پلاند مٿي ڪيتا. قذرت (قدرت) دي طرڦان (طرفان) شام دي وکت (وقت) اتر اولهه دي ڪنڊ ڪني ڪالا طڦان (طوفان) اٿيا، اسان شهر واليان ميان سائين (يعني ميان نصير محمد) دي دربار وچ ڳچي وچ ميان کٿي پا وچ آزي ڪيتي، تڏان مس وڃ طڦان بند ٿيا، وت ڏون سالين ڪني بعد ول به ڪنهن ڪني رن پاڪ دي قبر دا پڙدا پلاند مٿي ڪيتا، وت ڀورا طڦان آيا“. صڦري فقير اڃا تقرير جاري رکي، مگر مون صڦرو فقير کي روڪيندي چيو ته، صڦرا فقير طڦان، ٻوفان هُڻ ڪونه آسين، اي صاحب (محترم ڊاڪٽر صاحب ڏانهن اشارو ڪندي) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هي، ۽ ٻيا صاحب ڪمشنر صاحب هي. ايهه تاريخان ڏيکڻ آئي هن. ايهن وچ ميان صاحب دي خاندان ڀلائي هي ۽ ڪمشنر صاحب سنڌ دا مالڪ هي، جيوين وڻسين تيوين ڪرسين، تيڏي مغز خوري اجائي ٿيسين. پوءِ ڏيڍي اک سان ڪمشنر صاحب ڏانهن ڏسندي صڦري فقير ماٺ ڪئي ۽ صڦري فقير جو جوش به گهٽجڻ لڳو. چيائين ته: سائين ڀلي ڄُلو. محترم ڪمشنر صاحب جن اتي ئي ويهي رهيا ۽ مختيارڪار صاحب ميان ارباب علي خان بلوچ به باقي محترم قبلا ڊاڪٽر صاحب، بندهه، مسٽر سليم احمد کهڙو صاحب، فوٽوگراف وارو، حاجن بنگالو، ماڻو خان ۽ ٻيا دوست ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي مستورات جي قبرستان طرف روانا ٿياسين. مستورات جي قبرن کي چوڌاري ديوار آهي، صرف ڏکڻ ۽ اولهه جي ڪنڊ کان هڪ دروازو آهي. هيءُ قبرستان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي درگاهه جي اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ تي اڌ فرلانگ پنڌ تي آهي. جڏهن اسان قبرستان دروازي وٽ پهتاسين، تڏهن صڦري فقير رڙ ڪري چيو ته: ”هُڻ جوتي شوتي دروازي ڪني ٻاهر لاهو.“ مون اندر ديوار کان هڪڙي سوراخ مان ڏٺو. سُڪي لاڻي، ٻُوهه، سُڪل ڳم، سڪل سيوهر جا ڪنڊن سان ڀريل ڪانڊيرا نظر آيا. صڦري فقير جي اوچتي رڙ ڪرڻ تي محترم قبلا ڊاڪٽر صاحب جن هڪدم پنهنجو بوٽ لاٿو. مون کيس عرض ڪيو ته، سائين قبرستان اندر سڪل گاهه ٻوٽن جا خطرناڪ ڪنڊا آهن، اسان جوتا لاهيون ٿا، اوهان نه لاهيو. تنهن تي ڊاڪٽر صاحب جن فرمايو ته: ”ادا حڪيم صاحب، ڪنڊي لڳن ته ڀلي لڳن، صڦري فقير دا حڪم منڻائي“. ۽ اسان سڀني به جوتا لاٿا. اندر قبرن وٽ پهتاسين ٽي قبرون، هيٺ اوڀر طرف، ٻي قبر وچ۾ ۽ ٽين اولهه طرف هئي. صڦري فقير اوڀر واري قبر تي بيهي ٻڌايو ته، ايهه قبر بي. بي پاڪ امان دي اي. يعني ميان نصير محمد صاحب جي والده ماجده. باقي اولهه وارين ٻنهي قبرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ايهه ڏونهين قبران پاڪ حرمين ديان هي، اسان سمجهي وياسين. مون وري پڇيو ته فقير سائين، ڪيا ايهه ڏونهين قبران ميان نصير محمد دي پاڪ حرمين ديان هن؟ محترم قبلا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ميان نصير محمد جي والده جي قبر ڏسي فرمايو ته، هيءَ تمام پراڻي قبر آهي، قبر جي سيراندي ۽ پيرانديءَ تي سفير پٿر جون تختيون لڳل هيون، مگر اکر ڊٺل هئا ۽ حرمن جي قبرن مان وچين قبر جي پاسن ۽ سيرانديءَ جي مٿان قرآن پاڪ جون آيتون لکيل هيون. باقي پيرانديءَ جي پٿر تي هيٺيون ڪتبو لکيل هو: ”تاريخ وفات مرحومه بي بي جادو، سنه 1114 هجري بمطابق سنه 1702ع.“ ۽ اولهه واري قبر تي هيءُ ڪتبو لکيل هو: ”تاريخ وفات مرحومه بيبي ڀائتي، سنه 1111هجري بمطابق 1699ع.“ مذڪوره ميان صاحب جي حرمن جي قبرن ڏسڻ بعد وري محترم قبلا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن اوڀر واري قبر يعني ميان صاحب جي والده ماجده جي قبر تي هلي بيٺا، ۽ مون کي مخاطب ٿي فرمايائون ته: ”هن قبر تي هي پٿر مٿين ٻنهي قبرن جي پٿرن کان پراڻو ٿو ڏسجي.“ واقعي پٿر ميرو ۽ پراڻو نظر پئي آيو. صاف ظاهر آهي ته محترم قبلا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب نه صرف تاريخ جا ڄاڻو هئا مگر آثار قديمه تي به کين وڏي دسترس ۽ ڄاڻ هئي بعد ۾ تاجي ليکيءَ جو مقبرو پري کان ڏٺوسون. تاجو ليکي بن راڄو ليکي، جو احوال مون ڪتاب ’سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو‘ ۾ قلمبند ڪيو آهي. پوءِ قاضي صاحبان جون قبرون ڏٺيوسين. جن جي باري ۾ ميان جا فقير انيڪ قسم جون خبرون ٻڌائيندا آهن. اهو احوال به مون لکيو آهي. وري به پڙهندڙ جي دلچسپيءَ واسطي لکجي ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته هندستان جي ڪنهن علائقي جا قاضي، ڪن روايتن ۾ ست، ڪن ۾ چوڏنهن ڄڻا، خبرون ٻڌائيندا هئا ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي جا مريد ۽ فقير شريعت جي ابتڙ پيا هلن. انهن کي هدايت ڪري شرعي راهه وٺرائجي. سو منزلون ڪندا اچي ميان نصير محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ چيائون ته، اوهان جا (مريد) فقير شرع شريف جي ابتڙ پيا هلن، انهن کي اوهان به هدايت ڪيو ۽ اسان به هدايت ڪرڻ واسطي پري کان پنڌ ڪري آيا آهيون. سو ميان صاحب بنا دير جي قاضي صاحبان کي چيو ته: پهريان اوهان وڃو، منهنجي ڌنار ياري فقير وٽ. هيءُ فقير ميان نصير محمد جو مريد ۽ سندس رڍون چاريندو هو، تنهنڪري يارو فقير ريڍو جي نالي سان مشهور هو. جڏهن فقير جي خدمت ۾ قاضي صاحب پهتا ته صبح جو وقت هو. فقير صاحب پنهنجي منجي (مَنهه) تي زال سان گڏ سُتو پيو هو. قاضي صاحبان وڃي ڀرسان سلام ورايو، فقير ٽپو ڏيئي اٿيو، قاضي صاحبان سان اچي مليو. مهمانن کي ويهاري، فقير صاحب وڃي ڌڻ مان هڪ رڍ ڪاهي اچي ڪُٺي. قاضين کي شڪ پئجي ويو ته فقير جيڪو پنهنجي زال سان ستو پيو هو، يقيناً فقير کي تڙ هوندو، هيءَ جيڪا رڍ ڪُٺائين، ان کي به تڙ سان تڪبير ڏنائين. تنهنڪري هيءُ رڍ حرام آهي. سو فقير کي چيائون ته، فقير اها رڍ حرام آهي تو تڙ سان تڪبير ڏني. فقير وري ٻي رڍ ڪُٺي. وري به قاضين چيو حرام آهي. فقير وري ٽين رڍ ڪٺي، جنهن کي به قاضين حرام ڪيو. لهٰذا القياس ياري فقير ست رڍون بيڪ وقت ڪُٺيون، ستنئي رڍن کي قاضين حرام قرار ڏنو. تنهن تي فقير پٽڪو لاهي وارن کي نپوڙي پاڻي ڪڍي فرمايو ته: ”جيوي ميان، تُسان ئو عورتان، مين هُڻ وڃ (حوض ڪوثر) دي پاڻي نا وهنج آيا هان.“ قاضي صاحب ڏسن ته واقعي اهي مردن مان فري عورتون ٿيا. سو ڀڳا ميان نصير محمد صاحب جي خدمت ۾، سمورو احوال ٻڌايائون. ميان صاحب يارو فقير ريڍوءَ کي گهرايو. اتي شادمانو ڪيو ويو، الا توآهر ٿي، پوءِ وڃي قاضي صاحب مرد ٿيا. جڏهن مرد ٿيا ته هنن وعدو ڪيو ته هاڻي هتان واپس نه وڃبو. آخر مرڻ تائين قاضي صاحب، ميان نصير محمد صاحب جي خدمت ۾ رهيا ۽ دفن به اتي ئي ٿيا. درگاهه ميان نصير محمد جي ڏکڻ طرف تلاءُ آهي، هن تلاءَ کي نئن جي پاڻيءَ سان ڀرائبو آهي، اگر برسات نه ٿي پوي ۽ نئيون نه ٿيون اچن ته پوءِ نئن گاج جي ڪاري پاڻيءَ سان ڀرائبو آهي. هيءُ تلاءُ تمام قديم آهي، هن جي باقاعده کوٽائيءَ جو ڪم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنه 1880ع ۾ ڪرايو. ان وقت هيءُ صاحب تعلقي ڪڪڙ جو مختيارڪار هو. دادو ضلعي ۾ بلڪ پوري سنڌ ۾ ڳاڙهيءَ جو قبرستان، مڪليءَ کان پوءِ وڏو قبرستان آهي. هن قبرستان جو وجود سنه 1103هه بمطابق 1692ع کان آهي. مقبرا ۽ قبرون ڳاڻاٽي کان وڌيڪ آهن. مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”زماني جي دستور موجب ميان نصير محمد پنجيٽهه يا ڇٽيهه سال مرادون ماڻڻ کان پوءِ هميشه واري جهان ڏانهن لڏي ويو ۽ گهاريءَ ۾ ڳاڙهي دڙي تي دفن ٿيو.“ مون ڳاڙهي ڊٻ يا دڙي جو احوال ڪتاب- ”سوانح حيات نواب سرغيبي خان“ ۾ لکيو آهي. ان کان علاوه هن قبرستان ۾ عالم دين به مدفن آهن ته مجذوب، درويش ۽ راڄن جا رئيس يا سردار، دانشور، شاعر، سگهڙ، پير، مير ۽ وزير پر درويش جهانگر ٻاليشاهي جهڙا فقير به. مون ڊاڪٽر صاحب کي درويش جهانگر فقير ٻاليشاهيءِ جو احوال هن طرح ٻڌايو ته: ”هيءُ درويش به ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد هو. ميان صاحب جي ڳوٺ کاري يا (گهاري) ۾ ويٺو هوندو هو، کيس ڪتن ڌارڻ جو وڏو شوق هوندو هو. فقير صاحب ماڻهن کي سوال ڪرائي لهڙيءَ جي ڪنب مان ٺڪرن ۾ پاڻي ڀرائي ڪتا ڪاهي اتي وڃي پاڻي پياري ايندو هو. تنهن تي ميان صاحب جي مشوري فقيرن اعتراض واريو ته، فقير جا ڪتا لهڙيءَ جي ڪنب جو پاڻي وڃي ڪنب جي ڀرسان پيئن ٿا. فقير کي گهرجي ته مشڪون ڀرائي ڪتن کي گهر پاڻي پياري... تنهن تي ميان صاحب جهانگر فقير کي گهرائي، مشوري فقيرن جي اعتراض کان واقف ڪيو. جهانگر عرض ڪيو ته، مان پاڻي ٻين کان ڀرائي، ٻاهر ڪڍي ٺڪر جي خاص ٿانون ۾ ڪتن کي پياريندو آهيان مون کي پاڻي ڀري ڏيندا آهن ۽ آءٌ مشڪون ڀري گڏهه تي لڏي پيئڻ واسطي گهر آڻيندو آهيان. ميان صاحب فقير کي منع ڪئي ته: ”ابا مشوري فقير رنج ٿيندين، تون ڪُتيين ڪون گهر پاڻي پلا.“ جهانگر فقير جو ميان صاحب کي جواب ۽ پيشگوئي: ”جيوين ميان، ڪتي گهر پاڻي پلا اسيان، خدا ڪون عرض ڪريندئيون ته سال چوڏهين ۽ پندرهين سن وچ تيڏي مريد (يعني مشوري) جهنگلي جانورين نال گڏ پاڻي پيسن.“ فقير صاحب جي پيشگوئي پوري ٿي هن وقت تلاءَ مان ڪتا ۽ جهنگلي جانور وغيره به پاڻي پيئندا آهن، ۽ مشوري فقير به اتان ئي پيئڻ جو پاڻي ڀريندا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ڪيل سوين سفرن مان هڪ هيءُ سفر به مونکي هميشه ياد رهندو. سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ مان چونڊ