غزل (ڪُوڙا ڪُوڙا ڪُوڙا ماڻهو)

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
غزل
نثاراحمدناز
ڪُوڙا ،ڪُوڙا، ڪُوڙا ماڻهو،
ڪارا، ڳورا، ڀورا ماڻهو
دين ڌرم سڀ دولت سمجهن
مت جا اهڙا مُوڙها ماڻهو
باندر وانگر ناچ نچائن
هر هر هِي ته سمورا ماڻهو
خُون ۾ لت پت غسل ڪري هِي
بڻجن ٿا اکپُورا ماڻهو
”ناز“ وري ٿو شور مچائين
سوچ ذرا اڻپُورا ماڻهو​
 
Back
Top