توهان جي قومي غيرت ۽ شعور جو امتحان ته توهان ڪيترو اڳيان اچو ٿا !

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڏسون ته اسانجي سائڪو ٿراپي توهانجي سُتل ذهنن کي ڪيترو جهجهوڙي ٿي؟
11174974_10206261860886249_356830617178698128_n.jpg

سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي (پشتو ، پنجابي ۽ سرائڪي فلمن جو مرڪز) پر سنڌي ، بلوچي فلمن جو فقدان ! ڇو ! توهان جي قومي غيرت ۽ شعور جو امتحان ته توهان ڪيترو اڳيان اچو ٿا ! ڇو جو هاڻ سوال ناهي توهانجو ! يا مُنهنجو ! پر سوال آهي سنڌ جو!
21109_10206261850325985_39454542573572879_n.jpg

ته اچو ته پنهنجي دٻن ۾ (بند پيل ٽيلي فلمون يا نيون ٽيلي فلمون) ڪڍي يا ٺاهي) اسڪالا سئنيما کي سنڌي ٽيلي فلمن لاءِ مسلسل بُوڪ ڪريون ! ان لاءِ سڌا سنوان اسلڪالا سئنيما ، يا ڪراچيءَ جي ٻين سئنيمان جي انتظاميا سان ڳالهايون ۽ ڪوشش ڪريون ته هر هفتي ڪا نه ڪا سنڌي ٽيلي فلم لازمي (اسڪالا ۽ ٻ ڪنهن ڪراچيءَ جي سئنيما ۾ اچي جيئن پشتو ۽ سرائڪي ۽ پنجابي نمائش ٿي سنڌ جو سرمايو کڻي وڃن ٿيون) ته سنڌي ڊجيٽائيز ٿيل فلم (ٽيلي فلم ) به پنهنجي گاديءَ جي شهر ڪراچي شهر ۾ سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۽ ڦهلاءَ جو ڪارڻ بڻجي. اُهي دوست خاصطور ميدان تي اچن جيڪي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ کي سنڌيت جو مرڪز بڻائي ويٺا آهن. ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو نه مُنهنجو !
11147056_10206261876966651_3314146071250851848_n.jpg
 
11201120_10206261823485314_5477488413103361573_n.jpg

ڇا هنن هندستاني سنڌين وانگر توهانکي به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان مُحبت آهي؟ (سنڌي ٽيل فلمون چاهيندڙ متوجه ٿين) سنڌي ٽيلي فلمن جي نمائش لاءِ اسڪالا سئنيما جي انتظاميا سان لهه وچڙ ۾ اچن ! ڇو جو ڳالهه آهي سنڌ جي! نه تُنهنجي ! نه مُنهنجي !
11203007_10206261871206507_5215992756286240246_n.jpg

هاڻ ته (اي آر واءِ) ۽ (جيئو ) ٽيليويزن نيٽورڪ جهڙا (ڪلاس ون چئنل) به پنهنجون ٽيلي فلمون (سلور اسڪرين) تي آڻين پيا پوءِ سنڌي چئنل ڇو نه ؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي توهان کان ! ان ڪري جو توهان هڪ ٻئي سان اڻ بڻيت ۾ جو آهيو ! پر سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڇا بهتر آهي اهو ڪٿي ٿا سوچيو !
تازو اڳئين هفتي هڪ (سرائڪي ٽيلي فلم به) ڪراچيءَ جي (اسڪالا سئنيما هال) ۾ لڳي ۽ گهڻي مارڪيٽ ڪيائين. اسڪالا سئنيما ۾ سڀ فلمون ڊي وي ڊي پليئر تي هلن ٿيون ته پوءِ توهان پنهنجون (سنڌي ٽيلي فلمون) ڇو نٿا سلور اسڪرين تي آڻي سنڌيت کي روشناس ڪرايو.
10986185_10206261885766871_2167656908919178288_n.jpg

جيئن ته توهانکي خبر آهي ته هاڻ ملڪ جا سمورا سئنيما هال جديد ٿي چُڪا آهن ۽ ڊجيٽلائيز ٽيڪنالاجيءَ کان علاوه (ڊي وي ڊي ۽ سي ڊي پليئرس) به استعمال پيا ٿين ته پوءِ توهان ڇو نٿا قومي شعور رکو ۽ سمجهو ته هاڻ آسانيءَ سان سنڌي فلمن جو فروغ به پئدا ڪري سگهجي ٿو ۽ (سنڌي فلم انڊسٽري) جيڪا هن وقت صفحه هستيءَ تان مٽيل آهي) کي وري ميدان تي نروار ڪري سگهو ٿا. ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
10986185_10206261885766871_2167656908919178288_n.jpg
 
Back
Top