اسڪرائبڊ تان پي.ڊي.ايف ۽ ڊي.او.سِي فائلز کي مُفت ۾ ڏِسو ۽ ڊائونلوڊ ڪريو .

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2015۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    انٽرنيٽ تي رهندي توهان اسڪرائبڊ جو نالو ته ٻڌو هوندو!، جي ها دُنيا جي تمام وڏي ڊجيٽل لائبريري، جتي هرقسم جا ڪتاب موجود آهن، تقريبن هڪ سال ۽ ڪجهه مهينا اڳ 40 ملين مُفت اليڪٽرانڪ بوڪس (اي.بوڪس) ۽ ٻيا آرٽيڪل ۽ ڊاڪيومينٽس مختلف يوزرس پاران هتي اپلوڊ ڪيا ويا هُئا. اسٽيٽسٽڪس مطابق اسڪرائبڊ جي ڊيٽابيس هر سال ٻيڻي ٿيندي آهي. اهو ڊجيٽل پليٽفارم مارچ 2007ع ۾ لانچ ڪيو ويو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر سان_فرانسيسڪو، ڪيليفورنيا ۾ آهي. هر مهيني 80 ملين ماڻهون اسڪرائبڊ کي استعمال ڪن ٿا.

    اسڪرائبڊ تي نوان ۽ پراڻا ليکڪ پنهنجو ڪم شايع ڪن ٿا يا اُن کي وڪڻن ٿا ۽ پڙهندڙ ان کي ڳولهي اُن مان فائدو حاصل ڪن ٿا. هڪ ننڍي سبسڪرپشن ذريعي، اسڪرائبڊ جا پڙهندڙ پنهنجي پسند جي پليٽفارم جيئن ائنڊرائيڊ ، آئي.او_ايس ۽ بليڪ بيري وغيره تان ڊاڪيومينٽس کي ڏِسي ۽ پڙهي سگهن ٿا.

    اسڪرائبڊ تان پي.ڊي.ايف ۽ ڊي.او.سِي فائلز کي مُفت ۾ ڏِسو ۽ ڊائونلوڊ ڪريو .


    گهٽ ۾ گهٽ سبسڪرپشن پيڪيج جي فيس 8.99 ڊالرز (پاڪستاني 915 روپيه) آهي جنهن ذريعي توهان اسڪرائبڊ جي فائلز کي پڙهي سگهو ٿا. جيتوڻيڪ آسٽريليا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا جهڙن سُڌريل قومن لا اهو ڪو مسئلو ناهي پر اهو پاڪستان، بنگلاديش ۽ انڊيا جهڙن جي مُلڪن جي عوام لا ٿورو مُشڪل آهي، جيڪي سڀ اِن جو مُفت جو طريقو استعمال ڪرڻ ٿا چاهين. :)
    توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته اسڪرائبڊ جي ڊيٽابيس ۾ هڪ وڏي خامي به آهي، سو اِن ڪري يوزر سبسڪرپشن پيڪيج کان بغير به فائلز کي مُفت ۾ ڏِسي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگهي ٿو. هيٺ ڏنل هدايتن تي عمل ڪريو ۽ توهان به ڊائونلوڊ ڪريو ڪابه فائل بلڪل مُفت ...
    • اسڪرائبڊ ڊاٽ ڪام کوليو. Scribd.com
    • هاڻي مطلوبه فائل کي ڳولهيو ۽ کوليو (جيڪا توهان ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو)

    [​IMG]

    • هاڻي اُن پيج يا پي.ڊي.ايف جِي يو.آر.ايل ڪاپي ڪريو.
    • هاڻي اسڪرائبڊ تي پنهنجو کاتو ٺاهيو يا فيسبوڪ ذريعي لاگ اِن ٿيو.
    • کاتو (اڪائونٽ) ٺهڻ کانپو پيج سبسڪرپشن جو پيج کُلي پوندو (جيڪڏهن توهان مُفت ۾ استعمال ڪرڻ چاهيو ته)

    [​IMG]

    • هاڻي توهان Scribd.com کوليو ۽ ڪابه هڪ فائل اپلوڊ ڪريو :)
    • هاڻي جيڪا يو.آر.ايل توهان ڪاپي ڪئي آهي (پي.ڊي.ايف فائل جي) اُن کي نئين ٽيب ۾ کوليو. :)
    • اسڪرين تي ڊائونلوڊ جو بٽڻ ظاهر ٿيندو اُن تي ڪلڪ ڪريو ۽ فائل کي ڊائونلوڊ ڪريو. :)

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 مئي 2015
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو