منير احمد لُنڊ
سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
نظم
اکيون ٿڪجي پيون آھن
سفر ڪھڙو ڪجي ھاڻي
خزان رُت ڪاھ ڪئي اھڙي
ڇڻي ويا ڦول جواني جا
جسم ساڳيو رهيو ناهي
بدن جو ماس لڙڪي ٿو
هيا جي حسن جو باعث
ويا سي وار ڀي گم ٿي
خبر ناهي ڪڏھن پوڙھو
ڪري ويو عشق آ مونکي
ڇڏي بس ڌوڙ ۽ واري
سڪي ويو سمنڊ چاهت جو
ڪري گجگوڙ غائب ٿيا
اهي جذبن سندا بادل
اهي ڀاڪر چميون هُن جون
لڳي ٿو خواب ڪو پيارو
ڏسو هاڻي هِي دل منهنجي
ڀريل آ ياد هُن جي سان
ڏسي بس يار جو فوٽو
ڏيون ٿا خاطري خود کي
اسين ساڳيا اهي آهيون
اسان پوڙھا ٿيا ناهيون
اسان پوڙها ٿيا ناهيون
نظم
اکيون ٿڪجي پيون آھن
سفر ڪھڙو ڪجي ھاڻي
خزان رُت ڪاھ ڪئي اھڙي
ڇڻي ويا ڦول جواني جا
جسم ساڳيو رهيو ناهي
بدن جو ماس لڙڪي ٿو
هيا جي حسن جو باعث
ويا سي وار ڀي گم ٿي
خبر ناهي ڪڏھن پوڙھو
ڪري ويو عشق آ مونکي
ڇڏي بس ڌوڙ ۽ واري
سڪي ويو سمنڊ چاهت جو
ڪري گجگوڙ غائب ٿيا
اهي جذبن سندا بادل
اهي ڀاڪر چميون هُن جون
لڳي ٿو خواب ڪو پيارو
ڏسو هاڻي هِي دل منهنجي
ڀريل آ ياد هُن جي سان
ڏسي بس يار جو فوٽو
ڏيون ٿا خاطري خود کي
اسين ساڳيا اهي آهيون
اسان پوڙھا ٿيا ناهيون
اسان پوڙها ٿيا ناهيون