چوي ٿي دل غزل لکجي

منير احمد لُنڊ

سينيئر رڪن
اچن الزام ڀل لکجي
چوي ٿي دل غزل لکجي

ڪريان مان قيد لفظن ۾
پرين جي نانءُ پل لکجي

اچي ويو اسم تنهنجو آ
پيو سوچيان ته گل لکجي

پرين توکي آ ارپيو مون
جگر دل جان ڪُل لکجي

سڄڻ توکي ته ساريندي
رني ڪيڏو آ دل لکجي

ڏسي بند لاش ٻورين ۾
وئي موٽي آ کل لکجي

ڇڏيو ماري ته احمد کي
شھر بازار هل لکجي

***منير احمد لُنڊ***
 
مان ته چوان ٿو پورو هڪ آزاد نظم لکجي
ڪري ظاهر سنڌڙي جا سور درد والم لکجي.

جاڳ او سنڌي جاڳ. سنڌ ٿي سڏڙا ڪري.
شل سنڌ جا ڀوتار مير پير جاڳي پون .
 
Back
Top