ستيارو: شڪر ڍنڍ وارو محلات ۽ فتح آباد وارو ماڳ…

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]تحقيق: مڻڪ ملاح

    سنڌ جي پوري وچ واري زرعي ۽ پاڻياري علائقي ۾، سڪرنڊ جيترو قديمي ۽ آڳاٽو شهر سڏجي ٿو اوترائي هن علائقي جا، تاريخي ماڳ ڍنڍون، ڍورا ۽ درياهي زندگيءَ، جا رستا مانُ لهڻن ٿا.



    شڪر ڍنڍ ڪولاب:



    هن پاڻياري علائقي ۽ ٻيٽارين تي وسندڙ زندگين واري سرزمين ۾ سڪرنڊ هڪ اهڙي آستاني جو نالو هيو ۽ آهي جيڪو سڪرنڊ واري قديمي دڙي واري شهر کان وٺي پنهنجي وسيع ايراضيءَ ۾ سڪرنڊ جي نالي سان پڪاريو ويندو هيو ۽ وڃي ٿو. اهو نالو انهن لوڪن آڏو به گهڻو پراڻو ۽ آڳاٽو هيو جن سڪرنڊ جي وسيع سرزمين جي ارد گرد ۾ ڍنڍون، ڍورا ۽ ٻيٽاريون به ڏٺيون جنهن ڪري ڪلهوڙا دور جي مير علي شير قانع کي پنهنجي ڪتاب “سالڪان طريقت” فارسي قلمي عڪس برتش ميوزيم برطانيه صفحي 218 تي مخدوم ساند جو ذڪر هن طرح ڪرڻو پيو ته “ملان ساند بزرگي معروف وقت، مدفنش، قرب کولاب، سکرند، زميني وسيع بنامش نامي اولادي کثير دارد”.



    هن عبارت ۾ ڪولاب يعني تلاءَ جي ويجهو سڪرنڊ جي نالي سان وستيءَ جو ذڪر ڪري اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان تلاءَ جو ان وقت تائين شڪرگنج ڪولاب نالو ڪو نه پيل هيو پر سڪرنڊ آد جڳادي نالو مشهوري ماڻي چڪو هيو مطلب ته اهو ڪولاب (تلاءُ) جيڪو سڪرنڊ جي ويجهو هوندو هيو ان کي ميرن جي دور ۾ ئي شڪرگنج ڪولاب ۽ ڍنڍ جي نالي سان سڏيو ويو جيڪو نالو سنڌ جي حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر سان گهمندڙ ڦرندڙ شاعر سيد عظيم الدين ٺٽويءَ پنهنجي هڪ شعر ۾ ان ڪولاب (تلاءَ) کي شڪر گنج ڪولاب ڪري سڏيو ۽ لکيو پر سڪرنڊ جيڪو ان کان اڳ نالو هن علائقي تي مشهوري ماڻي چڪو هيو. ان سڪرنڊ بعد ۾ مير حسن علي ٽالپر کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جنهن وري لکيو ته:



    شڪر گنج ڪــــــولاب جو آهي نام



    ٿيو مشهور سڪرنڊ در خاص و عام



    يعني اسان کي هيءُ تلاءُ ته شڪرگنج ڪولاب مٺي پاڻيءَ وارو هنڌ ٿو لڳي پر هنڌين ماڳين ماڻهن وٽ سڪرنڊ مشهور آهي. پيش ڪيل مٿين ٻنهي اقتباسن کان پوءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته جن شخصن پنهنجي شاعراڻي درجي ۾ هتان واري تلاءَ کي شڪر نالو ڏنو. سڪرنڊ انهن جي اڳيان به گهڻو گهڻو پراڻو هيو ان ڪري سڪرنڊ کي شڪرگنج ڪولاب جو بگڙيل نالو يا ان ڍنڍ تان پيل نالو سڏڻ اسان جي ڀل سڏبي. ان ڀل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد مون سڪرنڊ کي پنهنجي اصلي ماهيت ۾ تحقيق ڪري ان تي پنهنجو مقالو تيار ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙن لاءِ جلدي پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سڪرنڊ نالو شڪر ڍنڍ تان نه پر اهو قديمي آڳاٽي ٻولي گرمکيءَ جو لفظ آهي جيڪو ڪلهوڙن جي دور کان وٺي اسان جي اڄ جي دور تائين متروڪ بڻجي چڪو آهي.



    سڪرنڊ وارو هيءُ وسيع ايراضيءَ وارو علائقو تاريخ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته هڪ طرف هيءُ علائقو وڏي وڻڪار سان ڳتيل رهيو آهي. ته ٻئي طرف هن سرزمين جي سيني تي ڍنڍن، ڍورن، واهڙن جي به گهڻائي رهي آهي. سڪرنڊ واري علائقي سان تعلق رکندڙ تاريخي ڍنڍن ۾ ساڀو ڍنڍ، جهالڪي ڍنڍ، سونهري ڍنڍ، ڇڇ ڍنڍ، وينجهرو ڍنڍ، نقر ڍنڍ، گڏهڻ ڍنڍ، مئڪي ڍنڍ، تلي ۽ مياڻ واري ڍنڍ، سدا رنگ يا ستارنگ واهه، ڳوٺ ڀيڏا ۽ بدر لاکو جي وچاڳ مان گذرندڙ مارڳ واهه، ڪچهري واهه، فارم واهه، علي بحر واهه، درياهه خان واهه، ريڻ واهه، ميڪارو واهه،
    گجر واهه ۽ ڪنب ليمان مشهور آهن.



    هنن پيش ڪيل سمورين ڍنڍن ۽ واهن جو تاريخ جي ڪتابن ۾ نه رڳو ذڪر ايندو رهيو آهي پر انهن نالن سان اهي پاڻي وارا ماڳ ۽ هنڌ اڄ به پنهنجي سڃاڻپ نالن سان برقرار رکيو اچن ۽ پڪاريا وڃن ٿا.



    اهڙيءَ طرح سڪرنڊ جي وسيع سرزمين سان اسان کي هڪ اهڙو تلاءُ به ملي ٿو جيڪو تلاءُ اڳتي هلي ميرن جي دور ۾ مشهور ڍنڍ شڪر گنج ڪولاب جي نالي سان سڏجڻ لڳو. انهيءَ ڍنڍ کي شڪر ڪولاب ۽ شڪر گنج ڪولاب وارو ڪوڏاڻو ۽ شاعراڻو نالو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڏنو ويو. شڪار جي شوقين سنڌ جي پهرئين ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر جڏهن هن علائقي کي ڏٺو ته پاڻيءَ سان ڀرپور نظاري دار وڻڪار سان ڳتيل ۽ ماکيدار علائقي واري ان تلاءَ ٽالپر حڪمران جي من کي موهي وڌو ۽ گڏوگڏ ان دور جي شاعراڻين دلين تي پنهنجي پرفريب رونقن جا وڏا اثر ڇڏيا ۽ سنڌ جي حڪمران ٽالپر مير فتح علي خان ٽالپر سان گڏ سير شغل تي نڪرندڙ سيد عظيم الدين ٺٽوي کي شاعراڻي زبان ۾ شڪر گنج ڪولاب يا شڪر ڍنڍ جهڙن نالن سان نوازڻو ۽ لکڻو پيو.



    مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي فارسي ڪتاب فتح نامه سنڌ بتصحيح شير محمد نظاماڻي، سنڌي ادبي بورد حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1967ع، صفحو 128 تي ان شڪر گنج ڪولاب جو منظر هن طرح چٽيو آهي.



    “الله تعاليٰ جي ثناءَ ۽ ساراهه آهي جنهن پاڻيءَ تي نقش چٽيا ان ڪائنات پيدا ڪندڙ ڌڻي، حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي رکيو آهي. وڏي مرتبي واري مير “فتح علي ٽالپر” جي حڪم سان فتح آباد نالي هڪ نئون شهر اهڙي ماڳ تي ٻڌايو ويو آهي. جنهن سرزمين مان، خوشبو ڀريا، چنبيليءَ جا گل ڦل ڦٽن ۽ ٽڙن ٿا. اتي صاف شفاف مٺي پاڻيءَ هئڻ ڪري انهيءَ کي شڪر ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ قلعي جي ڇانو ۽ پاڇي ۾ آهي ان جون ڇوليون خوشيءَ ۾ ڪڏنديون ٽپنديون نچنديون رهن ٿيون. انهيءَ ڍنڍ جي وچ تي مير جي حڪم سان ٻيٽ تي شاهي محلات اڏيل آهي ان ميراڻي محلات جي پيڙهه پٿر جي ۽ اوساري مضبوط ۽ بلند آهي. قلعي جو ٻيو دروازو ڍنڍ ڏانهن آهي جنهن جي چانئٺ تي پاڻيءَ جو رخ آهي. ڍنڍ جي پاڻيءَ تي چانديءَ ۽ سون جي چوٽين ۽ ڇٽين سان سينگاريل ٻيڙيون آهن. جيڪي محلات جي سير، تفريح لاءِ هميشه هڪيون، تڪيون حاضر رهن ٿيون، جڏهن ته مير فتح علي خان سان گڏ، مير غلام علي خان، انهيءَ دل پسند تفريح گاهه ۾ اچن ٿا ته گويا سج ۽ چنڊ وانگر ٿا لڳن. چوڌاري سهڻيون ويهڻ جون جايون ۽ ٿڌيون هيرون هوائون پيون لڳن. رات جو انهيءَ آرسيءَ جهڙي اڇي اجري پاڻيءَ ۾ چمڪندڙ تارا ٽٻيون هڻندي ڏسجن ٿا. مقصد ته هند، سنڌ ۾ هن جهڙو وڻندڙ ڪو سهڻو تفريحي ماڳ ۽ سيرگاهه ڪونهي”.



    سيد عظيم الدين ٺٽويءَ جي ڪتاب فتح نامه سنڌ جي مٿي ڏنل اقتباس ۽ سڄي ڪتاب جو مطالعو ڪندي ان جي نموني تي مير حسن علي خان ٽالپر سنڌ جو شاهه نامون عرف ڪلهوڙن جي هار جي نالي سان فارسيءَ ۾ منظوم ڪتاب تيار ڪيو جنهن ڪتاب کي غلام نبي محمد وريل ايڊووڪيٽ سنڌي ويس ۾ آڻي سال 1938ع ۾ پهريون ڇاپو سنڌ مسلم ادبي سوسائيٽي حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ترتيب ڏيندڙ صاحب موصوف پاران ظاهر ڪيو ۽ انومان ڏيکاريو ويو ته سڪرنڊ شهر جو نالو “شڪر ڍنڍ” جو بگڙيل نالو آهي. اهڙيءَ طرح عظيم الدين ٺٽويءَ جي لکيل ڪتاب “فتح نامه سنڌ” ۽ مير حسن علي خان ٽالپر جي ڪتاب شاهه نامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار، ڪتابن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندي 1976ع ۾ سڪرنڊ جي ناليواري ڏاهي اديب ۽ محقق سائين عبدالرحمان منگيو صاحب پهريون ماڻهو هيو جنهن روايتن کان هٽي ڪري مٿئين تاريخي حوالي جي آڌار تي سڪرنڊ بابت پنهنجو تحقيقي مقالو تيار ڪندي هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هن علائقي ۾ جيڪا آڳاٽي شڪرگنج ڪولاب واري ڍنڍ هوندي هئي سڪرنڊ شهر جو نالو انهيءَ ڍنڍ جو بگڙيل نالو آهي.



    جيتوڻيڪ ذڪر ٿيل تاريخي حوالي ۾ شڪرگنج ڍنڍ، ان جي ڪناري تي مير فتح علي خان ٽالپر پاران ٺهرايل فتح آباد جو قلعو ۽ ان ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽاريءَ تي ٺهيل ٽالپر حڪمران جو محلات اهي سڀ شيون تحقيق طلب هيون جن جي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهربي هئي ته اهي سڀ تاريخي اهڃاڻ هن علائقي جي ڪهڙي پاسي يا طرف سان واسطو رکن ٿا ۽ هن علائقي ۾ آهن به يا نه؟



    بحرحال سائين عبدالرحمان منگيو صاحب بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ زوردار پٿر اڇلايو هيو جنهن تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪيتريون ئي لهرون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. پر تحقيق سان دلچسپي رکندڙ اسان جي ليکڪ دوستن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بجاءِ سائين عبدالرحمان منگيو جي تحقيق جي نقالي ڪندي بار بار ساڳي ڳالهه کي پئي ورجايو آهي.



    تاريخي ماڳن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سموري سهڻي آهي
     
  3. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    سڪرنڊ جو نالو ڪيئين پيو ان بابت اڃا وضاهت هئڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪو دوست پنهنجا حوالا پيش ڪرڻ سگهي ته مهرباني ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو