شاعري

عبدالخالق اسير

سينيئر رڪن
*** غزل ***

چَنڊ ويو آ لَھِي ،
دِل اڃا بي چَئِي .

مُون چَيو سوچَ ڪر !
ڪير ايندو ڪَھِي .

نيڻَ آھِن اُڃا ،
ٿِي اُڏامي رَئِي .

روڳَ ۾ راتڙِي ،
نيٺ گُذرِي وَئِي .
 
Back
Top