• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

1947کان پوءِ جيڪي مُلڪ آزاد ٿيا ترقي ڪري ويا ۽ اسان جو مُلڪ پاڪستان اڃان پٿر جي دئور مان گذري پيو؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سوچڻ جو مقام ! ته ڇا ڳالهه آهي 1947 کان پوءِ جيڪي مُلڪ آزاد ٿيا اُهي ترقي ڪري ويا ۽ اسان جو مُلڪ پاڪستان اڃان پٿر جي دئور مان گذري رهيو اهي. مون هڪ اڀياس ۽ سروي ڪئي آهي ۽ ان حالت مان نڪرڻ جا ڪارڻ ڳوليا آهن پڙهو جي توهان به مُتفق آهيو ته پوءِ پنهنجي سوچ تبديل ڪريوڇو جو هاڻ سوال اهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو نه مُنهنجو !
11168491_10206315303182273_419378199441858632_n.jpg


دوستو جي حقيقت نظرن سان ڏسجي ته شروعاتي پاڪستاني ڇت جيان هڪ منتقي مُلڪ هو جيڪو پهرئين ٻن منتقي ڇتن (ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان ) سان گهڻ قمي، ٻولي ۽ ڪلچر بيمس تي ٺاهيو ويو هو (بنگال، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد) ۽ جيڪو پوءِ هڪ هٽي قائم ڪندڙن (ڊڪٽيٽرس ۽ غير جهموري سوچن ) ملي پنهنجي اندر جي نفرتن جي ور چاڙهي هڪ ڇت آسانيءَ (ايسٽ پاڪستان ) يعني بنگال ڊاهي ڇڏيو . پاڪستان ڊاهڻ جو ن اهي سموريون ڪوششون وقت جي (بيوروڪريسي، جيوڊشري ۽ اسٽيبلشمينٽ) جي ميلاپ سان ٿيون جنهن پوءِ هڪ ٻار به ڄڻيو جنهن کي بزنيس ڪميونٽي يا انڊسٽريلسٽ چئجي .

دوستو ! لالچي انسان جڏنهن غير فطري ۽ فطرت خلاف ڪم ڪرڻ لڳندو آهي ته پوءِ مصيبتو تباهيون ۽ الله جو ڏمر انسان جو مقدر بڻجنديون آه ۽. الله سائين دُنيا جي سرزمين کي بحر، برپٽ ۽ پٿريلن علائقن تي هڪ حڪمت سان جوڙيو اهي ۽ اُتي رهندڙ باشندن جي روزگار ۽ کاد و خوراڪ جو بندوبست به اُتي جي حڪمت سان ئي ڪيو آهي. دوستو اهڙيءَ طرح منتقي پاڪستان جي فزيڪل سر زمينن کي به الله سائين ان حڪمت سان جوڙي نرم، گرم ۽ پٿريلي زمين به ڏني ۽ هن مُلڪ کي هڪ 70 سيڪڙو ايگريڪلچرل مُلڪ ٺاهيو ۽ انهن ئي ايگريڪلچر پروڊڪٽس جي وسيلي 1985 کان اڳ پاڪستان خوشحال به هو .

دوستو ! اُهي مُلڪ تباه و برباد ٿي ويندا ۽ انهن مُلڪن جا ماڻهون مفلس، لاچار ۽ غربت جي يٺائين ليول تي پُهچندا آهن جيڪي قدرتي قانون ۽ فطرت جي اُبتڙ هلندا آهن يعني جي قدرتي قانون ۽ حڪمت سان ٺهندڙ مُلڪ ايگريڪلچرل هُجي ۽ ان کي انڊسٽري طرف موڙيو وڃي يا قدرتي قانون ۽ حڪمت سان ڪا مُلڪ انڊسٽري لاءِ ٺاهيو وڃي ۽ اُهو ايگريڪلچر طرف مُڙي وڃي ته قدري زوال ايندو آهي. دوستو ! انڊسٽرليسٽ هميشه ڏاڍ، ظلم ۽ جبر سن پورهيت جو پورهيو چورائيندو آهي ۽ امير کان امير ٿي غريبن جا مالڪ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪو به فطري قانون جي رعڪس آهي ته پهرئين مئي وارو واقعو پئدا ٿيو ۽ هزارن مل مزدورن پورهيتن کي شهيد ڪيو ويو.

دوستو ! 1985 کان پوءِ پاڪستان جون فزيڪل سرزمينون به ايگريڪلچر کان موڙي انڊسٽري طرف ڪيون ويون آهن جنهنڪري اڄ تائين تباهي اسانجو مقدر بڻجي وئي آهي. هڪ سازش تحت اسانجي زمينن مان پاڻي چورايو ويو ته جيئن اسان جا 70 سيڪڙو زرعي پيشا ور اڳتي وڌي زراعت جي شعبي ۾ ترقي ڪري خوشحال نه ٿيو ۽ انڊسٽري بيس 10 سيڪڙو طاقتور قوتن جا غلام هون جن جي مدد 20 سيڪڙو بيوروڪريسي، مڊل ڪلاس، بزنيس ڪميونٽي ۽ وقت جي اسٽيبلشمينٽ سان سازش ڪري اسان مٿان حاوي ڪيو ويو اهو ئي سبب آهي جو 1947 کان پوءِ آزاد ٿيندڙ ٻيا مُلڪ فطري قانون تي عمل ڪري خوشحال بڻجي ويا ۽ اسان غربت، ڏوهن ۾ ڦاسايا وياسون.

دوستو ! اڳ اهي ئي 70 سيڪڙو ٻهراڙيءَ وارا مُلڪ يا صوبن جي سرڪاري اسڪولن مان نڪري ميرٽ تي اچي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيندا هُئا پر مُلڪ جي 30 سيڪڙو ماڻهن ملي سرڪاري اسڪول جي ميرٽ ختم ڪرائي انتهائي ڳرين فين سان پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون شهرن ۾ جوڙيون جيئن 85 سيڪڙو مُلڪ جا غريب علم ۽ صحت کان محروم رهي انهن 15 سيڪڙو مڊل ۽ ايليٽ ڪلاس لاءِ جُرم ڪن ۽ هو امير کان امير ترين ٿي وڃن. دوستو گهربو ته ائين هو جو 70 سيڪڙو ٻهراڙيءَ جي آباديءَ کي جيڪا ميرٽ ٺاهڻ جي انڊسٽري هُئي وڌيڪ پروان چڙاهجي ها بلڪل جهالت ۾ وڌي وئي. ۽ ان جو متاثر گهڻي ۾ گهڻو سنڌ ٻهراڙيءَ جو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ اهي. جيڪو اڄ پاڻي نه هُئڻ ڪري ايگريڪلچر ڇڏي موالي ڪلچر، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر طرف وڌي پنهنجي قوم کي وڌيڪ تباه ڪري رهيو آهي.
 
Back
Top