• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هارڊوئير جو مسئلو آهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ارشد
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ارشد

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي سلام
جيئن ته عرض هي آهي ته منهنجو پي سي ڊيل جي ايڪس 620 اسٽارٽ نه پيو ٿئي صرف پاور بٽڻ جي لائيٽ جهٽڪا هڻي رهي آهي جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ان مسئلي جو حل هجي ته مهرباني ڪري ونڊ ڪري مان شڪرگذار رهندس
 
ان مسئلي جا ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا .. جن مان اهم آهن..
ممڪن آهي ته توهان وٽ لائيٽ پوري نه هجي...
ممڪن آهي ته سي پي يو کي ڪافي عرصي کان بلور ذريعي صاف نه ڪرايو ويو هجي.. ۽ مٽي يا دز پروسيسر، ريم ۽ مدر بورڊ سان چپڪيل سوائي هجي..
حل لاءِ
سڀ کان پهريان پنهنجي پي سي کي زوردار هوا ڏيندڙ بلور ذريعي صاف ڪريو.. بجلي جا وولٽيج چيڪ ڪريو ۽ پوءِ هلائي ڏسو.. جيڪڏهن مسئلو برقرار هجي ته ويجهو ڪنهن ٽيڪنيشن کي ڏيکاريو...
 
Back
Top