سوز هالائي جي ٌغزل رنگ رتا پيچرا مان

Irfan Ahmed Chandio

سينيئر رڪن
او پيارا پيار ۾، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان
دلربا ديدار ۾، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان

پنهنجي ڇپرن ۾ ڇپائي ۽ لڪائي ايئن ڇڏين
جو سڄي سنسار ۾ ، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان

برهه جي برسات واري ڀيڄ ۾ ڀڄندا رهون
وڏ ڦڙي وسڪار ۾ ، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان

آ ته ڪي سنگيت ۾، سارنگ جا سرگم ڇيڙيون
ميگهه ۽ ملهار ۾ ، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان

پيار ٿو پلجي جتي، ۽ نينهن نئين سڄ نئون ٿئي
تنهن پراهين پار ۾ ، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان

پيار جي وهنوار ۾ ڀل، جيتجي يا هارجي
پر انهي وهنوار ۾ ، هڪ تون هجين ٻيو مان هجان
 
Back
Top