سوز هالائي جي غزل رنگ رتا پيچرا مان

Irfan Ahmed Chandio

سينيئر رڪن
جت روح کي رنج و الم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون

جت دل تي ظلم و ستم نه هجي ، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون


جت پيار مٿي پهرا نه هجن، دانگي جهڙا چهرا نه هجن

جت برهه تي ڪو برهم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون


جت محبت ڀريا ماڻ هجن ۽ پاسي پرين پاڻ هجن

جت اکڙين ۾ آگم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون


جي زخم هجن، مرهم به هجي، هر دم ۾ ڪو همدم به هجي

ڀل لڙڪ لڙن پر غم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون


جت موتئي جي مهڪار هجي ۽ هيرن ۾ هٻڪار هجي

جت مکڙي ڪا پرنم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون


جت قدر سڃاپي لڙڪن جو، احساس هجي جت سُڏڪن جو

جت ڪوڙي ريت و رسم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون


جت روساما پرچا هجن ۽ سپرين سان سرچا هجن

جت قرب سوا ڪو ڪم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون

رنگ رتا پيچرا (ص، 40)
 
Back
Top