Irfan Ahmed Chandio
سينيئر رڪن
جت روح کي رنج و الم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت دل تي ظلم و ستم نه هجي ، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت پيار مٿي پهرا نه هجن، دانگي جهڙا چهرا نه هجن
جت برهه تي ڪو برهم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت محبت ڀريا ماڻ هجن ۽ پاسي پرين پاڻ هجن
جت اکڙين ۾ آگم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جي زخم هجن، مرهم به هجي، هر دم ۾ ڪو همدم به هجي
ڀل لڙڪ لڙن پر غم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت موتئي جي مهڪار هجي ۽ هيرن ۾ هٻڪار هجي
جت مکڙي ڪا پرنم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت قدر سڃاپي لڙڪن جو، احساس هجي جت سُڏڪن جو
جت ڪوڙي ريت و رسم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
جت روساما پرچا هجن ۽ سپرين سان سرچا هجن
جت قرب سوا ڪو ڪم نه هجي، هل چاهه چريا ان ماڳ هلون
رنگ رتا پيچرا (ص، 40)