• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ آغاخاني/ اسماعيلي جماعت جي ڪميونٽي بس تي فائرنگ 43 ماڻهو فوت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
11114766_10206228805497289_5282608647234638497_n.jpg

ڪراچي ۾ صفوران ڳوٺ ڀرسان ميمڻ اسپتال لڳ آغاخاني/ اسماعيلي جماعت جي ڪميونٽي بس تي 8 دهشتگرن جي فائرنگ سبب 43 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. بس ۾ 60 کان 65 ماڻهو سوار هيا. چئن موٽر سائيڪلن تي سوار 8 دهشتگردن بس کي روڪي اندر وڃي نائن ايم ايم پسٽل سان فائرنگ ڪئي. بس ال اظهر گارڊن کان عائشه منزل وڃڻي هئي.
 
مان هن دهشتگردي جي واقعي جو شديد مذمت ڪريان ٿو ۽ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪريان ٿو، الله پاڪ کين صبرجميل عطا ڪري ۽ مرحومين کي بلند درجات عطا فرمائي. آمين.
باقي سنڌ جي نااهل و نا لائق حڪومت کان انصاف ۽ احساس جي اميد رکڻ اڪن کان انب گھرڻ جي بجا ٿيندو.
بحرحال ” نيٺ ته ڍهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار
 
انتهائي ڏک واري خبر آهي هنيا جهُري پيو آهي..ڪيڏي نه بيدردي سان معصوم جانين جو قتلام ڪيو ويو..خدا غرق ڪندو انهن وحشين کي جيڪي انسان جو رت ٿا وهائن.
 
هي دل ڏکوئيندڙ واقعو جنهن ۾ ڪيترائي گھر ويران ٿي ويا ، ونين کان انهن جا شوهر وڇڙي ويا پوڙهي ماءُ کان سندس جوان پٽ وڇڙي ويا مظلومن جو رت وهيو ڪيترائي ٻار يتيم ٿي ويا، ڪيترائي چلها وسامي ويا خبر ناهي ڪهڙا درندا صفت حيوان منهنجي ملڪ جي مظلوم عوام کي شهيد ڪري وحشي هجڻ جو ڏيک ٿيا ڏين آخر ڪير ايندو جيڪو ان ڌرتي تي امن ڪندو؟ ڪنهن منجھان انصاف جي اميد رکون ؟ڪير يتيمن جو سهارو ٿيندو؟ ڪنهن جي آسري تي !!!!!!!!!!!!!!!
 
سهڻي سنڌ
اسان کي پاڻ کي سڄاڳ ٿيڻو آهي، تڏهن ئي امن امان جي صورتحال بهٿر ٿي سگهي ٿي.
ڪاله ڪراچي سٽي يا ڪينٽ اسٽيشن تان هڪ ڀارتي پڪڙيو ويو آهي جيڪو گذريل 20 سالن کان هت رهي پيو.
ڪڏهن اوهان جي گلي ۾ رهيو هوندو ڪڏهن منهنجي گلي ۾!
پو ڇا اسان ان جي رپورٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏني سين؟
يا ان جي ڪاغذات جي جانچ پڙتال ڪئي سون؟
اسان عوام جيسين سڄاڳ ٿي پنهنجن ادارن جا ساٿي نه ٿيندا سون تبديلي نا ممڪن آهي.
 
Back
Top