امتياز سمون
سينيئر رڪن
انٽر نيٽ جو استعمال ھاڻي عام بنجي ويو آھي ، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ تي چيٽ ڪرڻ ھر ماڻهو جو عام مشغلو بنجي ويو آھي. انٽر نيٽ تي چيٽ ڪرڻ جي لاتعداد چيٽ روم جڙي چڪا آھن. انگريزي کان ويندي اُردو تائين ھر ٻولي ۾ اھي استعمال ٿيندا رھندا آھن. انھن چيٽ رومن پوري دنيا ۾ ويٺل ماڻھن کي هڪ محفل ۾ ويٺل بنائي ڇڏيو آھي .اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي پراڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ ماڻھو کي پنھنجي ٻولي سان چاھ فطري ھوندو آھي . جديد انفارميشن واري ٽيڪنالاجي دور ۾ جڏھن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ٻولين جي بقا ۽ واڌاري جو ذريعو بڻيل آھن ان وقت ڀلي سرڪار جي سرپرستي نه ھجي پر سنڌي نوجوانن پنھنجي مدد پاڻ سنڌي ٻولي کي زندھ ۽ جديد دور جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي اچڻ ڪيل ڪوششون ساراھ جوڳيون آھن.اتي سنڌي لنڪ جي وک پاڻ مڃايو آھي. سنڌي لنڪ جيڪا تازو انٽرنيٽ تي متعارف ٿي آھي جنھن جي ذريعي سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ، ميسجز ڪرڻ ، سنڌي ۾ ميل ڪرڻ ، تمام آسان بنجي ويا آھن. سنڌي لنڪ کي اڃان ايندي ٿورو ٽائيم ٿيو آھي پر ھي تمام جلد سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر ويٺل سنڌين ۾ ڏاڍي مقبول بنجي وئي آھي. ھن لنڪ جي اچڻ سان سڄي دنيا جي سنڌين جا پاڻ ۾ ڏينھن رات ربطا رھن ٿا. نه صرف هو هڪ ٻئي سان پنھنجا حال احوال ڏيندا ر ھن ٿا پر ان سان گڏ ھن خوبصورت رنگا رنگ لنڪ جي خاص ڳالھھ اھا آھي ته ھن جي اچڻ سان ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۽ سکڻ جو پڻ چاھ وڌيو آھي . پر سنڌي ٻولي کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ واري دوستن جي مجبوري ختم ٿي آھي مون کي تازو ھن لنڪ کي باقائدي يوز ڪندڙ سيوھڻ جي دوست راشد ميمڻ ٻڌايو ته ھن کي پھريان ڪمپيوٽر تي سنڌي بلڪل لکڻ ڪانه ايندي ھئي پر جڏھن سنڌي لنڪ کي استعمال ڪيو ته دوستن جي ھمٿ افزائي ۽ لنڪ تي ٺھيل سنڌي ڪي بورڊ جي مدد سان ھاڻي ھي نه صرف سنڌي لکي سگھي ٿو پر سندس ڪمپوزنگ جي اسپيڊ به وڌي وئي آھي. ساڳي نموني چانڊوڪي جي نک سان لنڪ تي سڀني کان وڌيڪ ايڪٽو رھندڙ عمر ڪوٽ جي ھن ادي ٻڌايو ته ھن لنڪ تي آن لائين ٿيندڙ آمريڪا ۾ رھندڙ اميرالدين سرڪي نه صرف سنڌي لکڻ ۽ چيٽ ڪرڻ سکيو آھي پر سندس آمريڪا ۾ پڙھندڙ ٻار به سنڌي لکڻ سکي رھيا آھن. سنڌي لنڪ ۾ جتي سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ، ميسجز ، ميل وغيرھ جي سھولت آھي اتي ان سان گڏ ھر پنجن منٽن ۾ سنڌي تازه خبرون پڻ اينديون رھنديون آھن .ان سان گڏ ھن لنڪ ۾ لاتعداد سنڌي گانا ، انمول گيت پڻ موجود آھن . جيڪي چيٽ جي دوران وڄائي يوزر لطف اندوز ٿيندا رھندا آھن. ساڳي نموني يوزر پنھنجي پسند گانا ھڪ ٻن منٽن ۾ اپ لوڊ پن ڪري سگھي ٿو. سنڌي لنڪ تي جڏھن آن لائين ٿجي ٿو ته يڪدم ڪيترن سنڌين جا سلام ۽ ڀليڪارون پھچي وينديون آھن . ائين لڳندو آھي ته سمورا آن لائين دوست ھن جي انتظار ۾ ھئا. ھن لنڪ ۾ پنھنجي مرضي سان فونٽ ، فونٽ رنگ ، فونٽ سائيز تبديل ڪري سگھجي ٿو. چيٽ سيو ڪرڻ جو آپشن پن موجود آھي جيتوڻيڪ اڃان سنڌي لنڪ تي ماھوار مئگزين سميت ٻين حصن تي ڪم ھلندڙ آھي جيڪي ھن لنڪ کي اڃان به وڌيڪ خوبصورت بنائيندا. سنڌي لنڪ جي اندر ذاتي روم، فيملي روم يا پنھنجو الڳ روم ٺاھڻ جا آپشن پڻ موجود آھن جتي يوزر پاڻ ۾ الڳ ڳالھه ٻولهه ڪري سگھن ٿا. پر لنڪ جي مين تي وڏو مزو آهي جڏھن ڪنھن موضوع تي ڪو بحث کلي پوندو آھي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين گذري ويندا آھن جو ٽائيم جو احساس ئي ناھي ٿيندو. سنڌي لنڪ اچڻ سان سنڌي ٻولي کي نيٽ تي سٺي سگهه ملي آھي .ھن لنڪ کي ترتيب ڪنري جي عاجز سمون ۽ شاھده سمون ڏنو آھي . جڏھن ته چيف ھوسٽ چانڊوڪي لنڪ جي جان آھي جيڪا ھر نئي ايندڙ يوزر جي رھنمائي ڪندي سنڌي لکڻ کان ويندي لنڪ جي ھر آپشن متعلق سمجھائيندي رھندي آھي لنڪ جا يوزر ڏينھن توري رات ھڪ خوش گوار ۽ پاڪ ماحول ۾ آزادي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رھن ٿا لنڪ تي ڪيڏي مھل شعرو شاعري جا مقابلا پڻ ٿيندا آھن . ھن لنڪ تي وڃڻ تمام آسان آھي انٽرنيٽ ايڪسپلور جي ائڊريس واري خاني ۾http://urdulink.org/sindhi.exe لکي ڪلڪ ڪري سنڌي چيٽ ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪري سگھجي ٿو جيڪو منٽنن ۾ ٿي ويندو آھي ۽ چيٽ جو آئيڪان ڊسڪ ٽاپ تي ٺھي ايندو آھي ان کي کولي يوزر پنھنجو نالو يا نک لکي لنڪ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو .رجسٽر ٿيڻ جو مرحلو به تمام آسان آھي ان مان اھو فائدو آھي ته تُوھان جو نالو ڪو ٻيو استعمال نه ڪري سگھندو.
سنڌي لنڪ جي نندي وک سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ ننڌي ڪامياب ڪوشش آھي جنھن سان سڄي دنيا جا سنڌي پاڻ ۾ گڏ ٿي حال احوال اورين ٿا ته ان سان گڏ پنھنجي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري ۾ پڻ پنھنجو حصو ڏئي رھيا آھن
سنڌي لنڪ جي نندي وک سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ ننڌي ڪامياب ڪوشش آھي جنھن سان سڄي دنيا جا سنڌي پاڻ ۾ گڏ ٿي حال احوال اورين ٿا ته ان سان گڏ پنھنجي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري ۾ پڻ پنھنجو حصو ڏئي رھيا آھن