انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

'اهم سنڌي ويب سائيٽس' فورم ۾ امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. امتياز سمون

    امتياز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    غيرسرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    راڄونظاماڻي جهرڪ ضلعو ٺٽو
    انٽر نيٽ جو استعمال ھاڻي عام بنجي ويو آھي ، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ تي چيٽ ڪرڻ ھر ماڻهو جو عام مشغلو بنجي ويو آھي. انٽر نيٽ تي چيٽ ڪرڻ جي لاتعداد چيٽ روم جڙي چڪا آھن. انگريزي کان ويندي اُردو تائين ھر ٻولي ۾ اھي استعمال ٿيندا رھندا آھن. انھن چيٽ رومن پوري دنيا ۾ ويٺل ماڻھن کي هڪ محفل ۾ ويٺل بنائي ڇڏيو آھي .اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي پراڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ ماڻھو کي پنھنجي ٻولي سان چاھ فطري ھوندو آھي . جديد انفارميشن واري ٽيڪنالاجي دور ۾ جڏھن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ٻولين جي بقا ۽ واڌاري جو ذريعو بڻيل آھن ان وقت ڀلي سرڪار جي سرپرستي نه ھجي پر سنڌي نوجوانن پنھنجي مدد پاڻ سنڌي ٻولي کي زندھ ۽ جديد دور جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي اچڻ ڪيل ڪوششون ساراھ جوڳيون آھن.اتي سنڌي لنڪ جي وک پاڻ مڃايو آھي. سنڌي لنڪ جيڪا تازو انٽرنيٽ تي متعارف ٿي آھي جنھن جي ذريعي سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ، ميسجز ڪرڻ ، سنڌي ۾ ميل ڪرڻ ، تمام آسان بنجي ويا آھن. سنڌي لنڪ کي اڃان ايندي ٿورو ٽائيم ٿيو آھي پر ھي تمام جلد سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر ويٺل سنڌين ۾ ڏاڍي مقبول بنجي وئي آھي. ھن لنڪ جي اچڻ سان سڄي دنيا جي سنڌين جا پاڻ ۾ ڏينھن رات ربطا رھن ٿا. نه صرف هو هڪ ٻئي سان پنھنجا حال احوال ڏيندا ر ھن ٿا پر ان سان گڏ ھن خوبصورت رنگا رنگ لنڪ جي خاص ڳالھھ اھا آھي ته ھن جي اچڻ سان ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۽ سکڻ جو پڻ چاھ وڌيو آھي . پر سنڌي ٻولي کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ واري دوستن جي مجبوري ختم ٿي آھي مون کي تازو ھن لنڪ کي باقائدي يوز ڪندڙ سيوھڻ جي دوست راشد ميمڻ ٻڌايو ته ھن کي پھريان ڪمپيوٽر تي سنڌي بلڪل لکڻ ڪانه ايندي ھئي پر جڏھن سنڌي لنڪ کي استعمال ڪيو ته دوستن جي ھمٿ افزائي ۽ لنڪ تي ٺھيل سنڌي ڪي بورڊ جي مدد سان ھاڻي ھي نه صرف سنڌي لکي سگھي ٿو پر سندس ڪمپوزنگ جي اسپيڊ به وڌي وئي آھي. ساڳي نموني چانڊوڪي جي نک سان لنڪ تي سڀني کان وڌيڪ ايڪٽو رھندڙ عمر ڪوٽ جي ھن ادي ٻڌايو ته ھن لنڪ تي آن لائين ٿيندڙ آمريڪا ۾ رھندڙ اميرالدين سرڪي نه صرف سنڌي لکڻ ۽ چيٽ ڪرڻ سکيو آھي پر سندس آمريڪا ۾ پڙھندڙ ٻار به سنڌي لکڻ سکي رھيا آھن. سنڌي لنڪ ۾ جتي سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ، ميسجز ، ميل وغيرھ جي سھولت آھي اتي ان سان گڏ ھر پنجن منٽن ۾ سنڌي تازه خبرون پڻ اينديون رھنديون آھن .ان سان گڏ ھن لنڪ ۾ لاتعداد سنڌي گانا ، انمول گيت پڻ موجود آھن . جيڪي چيٽ جي دوران وڄائي يوزر لطف اندوز ٿيندا رھندا آھن. ساڳي نموني يوزر پنھنجي پسند گانا ھڪ ٻن منٽن ۾ اپ لوڊ پن ڪري سگھي ٿو. سنڌي لنڪ تي جڏھن آن لائين ٿجي ٿو ته يڪدم ڪيترن سنڌين جا سلام ۽ ڀليڪارون پھچي وينديون آھن . ائين لڳندو آھي ته سمورا آن لائين دوست ھن جي انتظار ۾ ھئا. ھن لنڪ ۾ پنھنجي مرضي سان فونٽ ، فونٽ رنگ ، فونٽ سائيز تبديل ڪري سگھجي ٿو. چيٽ سيو ڪرڻ جو آپشن پن موجود آھي جيتوڻيڪ اڃان سنڌي لنڪ تي ماھوار مئگزين سميت ٻين حصن تي ڪم ھلندڙ آھي جيڪي ھن لنڪ کي اڃان به وڌيڪ خوبصورت بنائيندا. سنڌي لنڪ جي اندر ذاتي روم، فيملي روم يا پنھنجو الڳ روم ٺاھڻ جا آپشن پڻ موجود آھن جتي يوزر پاڻ ۾ الڳ ڳالھه ٻولهه ڪري سگھن ٿا. پر لنڪ جي مين تي وڏو مزو آهي جڏھن ڪنھن موضوع تي ڪو بحث کلي پوندو آھي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين گذري ويندا آھن جو ٽائيم جو احساس ئي ناھي ٿيندو. سنڌي لنڪ اچڻ سان سنڌي ٻولي کي نيٽ تي سٺي سگهه ملي آھي .ھن لنڪ کي ترتيب ڪنري جي عاجز سمون ۽ شاھده سمون ڏنو آھي . جڏھن ته چيف ھوسٽ چانڊوڪي لنڪ جي جان آھي جيڪا ھر نئي ايندڙ يوزر جي رھنمائي ڪندي سنڌي لکڻ کان ويندي لنڪ جي ھر آپشن متعلق سمجھائيندي رھندي آھي لنڪ جا يوزر ڏينھن توري رات ھڪ خوش گوار ۽ پاڪ ماحول ۾ آزادي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رھن ٿا لنڪ تي ڪيڏي مھل شعرو شاعري جا مقابلا پڻ ٿيندا آھن . ھن لنڪ تي وڃڻ تمام آسان آھي انٽرنيٽ ايڪسپلور جي ائڊريس واري خاني ۾http://urdulink.org/sindhi.exe لکي ڪلڪ ڪري سنڌي چيٽ ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪري سگھجي ٿو جيڪو منٽنن ۾ ٿي ويندو آھي ۽ چيٽ جو آئيڪان ڊسڪ ٽاپ تي ٺھي ايندو آھي ان کي کولي يوزر پنھنجو نالو يا نک لکي لنڪ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو .رجسٽر ٿيڻ جو مرحلو به تمام آسان آھي ان مان اھو فائدو آھي ته تُوھان جو نالو ڪو ٻيو استعمال نه ڪري سگھندو.
    سنڌي لنڪ جي نندي وک سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ ننڌي ڪامياب ڪوشش آھي جنھن سان سڄي دنيا جا سنڌي پاڻ ۾ گڏ ٿي حال احوال اورين ٿا ته ان سان گڏ پنھنجي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري ۾ پڻ پنھنجو حصو ڏئي رھيا آھن
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سائين امتياز سمان صاحب وڏي مهرباني اهڙي قدم کڻڻ جي
    اوهان کي ياد ڏياريون ته اهي جيڪي ڪم اوهان سنڌي لنڪ بابت ٻڌايا آهن اهي اسان پنهنجي گهر يعني سنڌ سلامت فورم ۾ رهندي ئي ڪري سگهون ٿا
    اهي سڀ سهولتون اسان پنهنجي گهر ۾ آڻي سگهون ٿا ته پوء پنهنجي گهر ڇڏڻ جي اسان کي ضرورت نه آهي
    جيڪي فورم چيٽ رومن ڏانهن هليا ويا آهن انهن جو حشر اسان پاڻ ڏٺيون ويٺا آهيون
    سو سائين اوهان سڀني کي اردو لنڪ مبارڪ
    اسان توهان جو محل ڏسي پنهنجو ڪکاڻو گهر ڪونه ڇڏيندا سين
    ان شاء الله
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سائين امتياز صاحب! توهان جي ڏنل لنڪ تان مون ڪجهه ڏينهن اڳ ڊائنلوڊ ڪيو هو. پر هڪ ڳالهه ڏاڍي دکدائي آهي. پر سائين جيئن ئي مون اهو سافٽ ويئر انسٽال ڪيو پر مُنهنجون وايون بتال تڏهن ٿيڻ لڳيون جڏهن منهنجي ڪمپيوٽر جي اسپيڊ آهستي ٿيڻ لڳي. ٿوڙي دير ۾ خبر لڳم ته ڀيسان ڪمپيوٽر ۾ سپاءِ ويئر اچي وئي آهي. تنهن وقت ئي بغير ڪنهن دير جي مون پنهنجي ڪمپيوٽر مان ان سافٽ ويئر جا سڀ پرزا ڊليٽ ڪري ڇڏيا. ٻيو ته وري ان سافٽويئر کي رمو و ڪرڻ جو ڪٿي ڌاڳو ئي نه مليو.

    بس اسان جي وڏن به ان سافٽ ويئر کي استمعال ڪرڻ کان توبهه ڪئي...
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    او رنجيتي
    ان ڪري ته چوندا آهيون اوهان کي ته قدم سنبهالي کڻو بابا
    ٽائيم ڏاڍو خراب هلي رهيو آهي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سائين تمام بهترين قدم آهي،
     
  6. بيوس بنگلاڻي

    بيوس بنگلاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    تمام زبردست
     
  7. امتياز سمون

    امتياز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    غيرسرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    راڄونظاماڻي جهرڪ ضلعو ٺٽو
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سائين سنڌي لنڪ جي انھي سافٽ ويئر سان ڪمپيوٽر تي ڪوبه اثر نٿو پوي وڏي اڪثريت رکندڙ سنڌي اھو استعمال ڪري رھيا آھن ۔ تنھن ڪري اھا توھان جي غلط فھمي آھي ۔توھان جي سسٽم ۾ ٻي ڪا خرابي ھوندي ۔ ھي تمام ھلڪو سافٽ ويئر آھي
     
  8. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    پيارا دوستو۔ رشيد سمون، نثار ناز، وحيد ڦلپوٽو، توهان سمورن دوستن جي محنت اسان سمورن جي لا تمام گهڻي فائدي واري آهي، اسان سنڌي ٻولي متعلق ڪم ڪندڙ هر هڪ دوست کي سلام پيش ڪريون ٿا، پر پيارا دوستو جيڪڏنهن توهان ٻولي جي خدمت جو نعرو لڳائي ميدان ۾ لٿا آهيو ته مهرباني ڪري صرف ٻولي جي ترقي بابت سوچيو هڪ ٻئي متعلق اهڙا ڪامينٽ نه ڪريو، سوين فورم ايندا ويندا رهندا، جي توهان به هڪ هٽي جا پو لڳ بڻجندئو ته پو ٻين کي ڪهڙي معيار ڏجي؟؟؟ اوهان پاڻ پرستي کان ٿورو هٽي ڪري سوچيو ۽ ٻولي متعلق جيڪو به ڪم ٿئي انهي کي پروموٽ ڪريو،۔ اهڙو رويو رکڻ سان هي فورم وڌيڪ مشهوري ماڻيدو ۽ دوست کلي دل سان ايندا رهندا، اوهان انهي خوف کي پنهنجي دل منجهان ڪڍي ڇڏيو ته ڪو ٻين سنڌي رسورسز جي اچڻ سان توهان جو فورم بند ٿي ويندو، اوهان اهو وري ياد رکو ته اوهان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت جو نعرو لڳايو آهي، نه وري ڪو پنهنجي فورم جي بقا ۽ انهي کي هڪ هٽي بنائڻ جو، پيارا دوستون شايد توهان کي ڳالهيون ڳوريون لڳن پر دل تي هٿ رکي ڏسو ڇا توهان پاران اهڙو رويو درست آهي؟ جي بلڪل به نه، اوهان کي آئون ڀاشن ڏيڻ لا نه پيو لکان ۔ دوستو جي توهان پنهنجي پاڻ کان پڇو ته ڇا توهان ياهو، هوٽميل ۽ ٻيا ميسنجر استعمال ناهيو ڪندا؟؟؟؟؟ ڇا انهن جي استعمال ڪرڻ تي توهان کي ڪو اعتراض ناهي هي سنڌي لنڪ جيڪو اڙدو لنڪ وارن جي طرفان جوڙيو ويو آهي انهي جي مخالفت ڇا لا ڪري رهيا آهيو؟؟؟ انهن کي ته جس لهڻو جو انهن پنهنجي اڙدو سروس کان هٽي ڪري هڪ ڌاري ٻولي لا ڪجهه ڪيو آهي، اوهان سمورن دوست کي پنهنجي ڳالهه چٽي ڪري سمجهائڻ گهرجي ته ڇا اوهان صرف فورم جي بهبود ۽ ڀلائي لا ڪم ڪريو پيا يا سنڌي ٻولي جي بقا لا؟؟؟؟؟؟
    مان هڪ انڊوجوئل آهيان سنڌي ٻولي لا هڪ تر جيترو ڪم ڪندڙ به اسان جي اکين تي، پر انهي ڳالهه جو قائل ناهيان ته هڪ ئي فورم يا هڪ ئي چيٽ روم يا وري هڪ ئي سائيٽ هجي۔ اسان جي لا جيترا گهڻا ٻولي جا رسورسز هوندا اوتري ئي ٻولي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ترقي ڪندي، سموري سنڌ ڪنهن هڪ فورم تي به گڏ ڪون ٿا ڪري سگهون دوستو،،،،،
    وري به اڳتي توهان جي پنهنجي مرضي آهي، جي فورم کي سنڌي دوستن لا ۽ ٻولي لا جوڙيو اٿو ته پو هر هڪ کي آزادي ڏيو ته هو ڀلي ٻولي متعلق ٿيندڙ ڪم جي باري ۾ هتڙي معلومات ڏئي۔۔۔۔۔
    پر جيڪڏنهن هي فورم توهان صرف ميمبر وڌائڻ ، بچائڻ ۽ ٻين پاران ٻولي تي ڪيل ڪم متعلق اجائي تنقيد ڪرڻ جي لا جوڙيو آهي؟؟؟؟

    طاهر سنڌي۔۔۔۔۔ اوهان ڀليا آهيو، اوهان روزانه ڪيترين ئي چيٽ سائيٽس ۽ ان کان سوا ياهو وغيره به استعمال ڪندا هوندا،،، پر پو به توهان هي گروپ ڪون ڇڏيو آهي۔۔ ۽ ميسيج ۾ ڪٿي به توهان کي هي گروپ ڇڏڻ جو ناهي چيو ويو۔ اوهان جي تنقيد ڪجهه نامناسب آهي،

    رام رکيا رنجيت،۔۔۔ اوهان غلط انفارميشن مهيا ڪيئي آهي۔ آئون بٽ ڊفينڊر استعمال ڪندو آهيان اهو به رجيسٽرڊ، جيڪو دنيا ۾ هيئر پهريون نمبر اينٽيوائرل سافٽويئر آهي،،، اوهان پنهنجي غلطي سان شايد پنهنجي ڪمپيوٽر کي خراب ڪيو آهي ۽ انهي جو الظام سنڌي لنڪ جي سافٽويئر تي لڳائي بيواجبي ڪيئي آهي۔۔۔۔

    وڌيڪ حيرانگي انهن دوستن تي آهي جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي به اوهان کي جواب لکڻ کان پرهيز ڪري رهيا، آهي۔۔

    وري به ياد ڏيارجي ته اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ جا دوست سائين ماجد صاحب سميت انهي ڳالهه جا پو لڳ آهيون ته سنڌي بولي متعلق ٿيندڙ هر هڪ ڪم کي اڳتي وڌائجي،،،،،،، بغير ڪنهن ڀئو جي،،، سدائين گڏ۔۔
    منتظم
    سنڌي ڪمپيوٽنگ
     
  9. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سائين بهترين ڪوشش آهي. جاري رکجو.......*
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. جبار بوزدار

    جبار بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt job
    ماڳ:
    ghotki/ islamabad
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    ادا عزيز توهان جي خيالن سان مان مطفق آهيان پر اسان جا ڪجه اهڙا دوست هن فورم تي آهن جيڪي سچ کي برداشت به ڪو نه ٿا ڪن وري الزام تراشيون الڳ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟خير دوستن جي مرضي آهي ۔ پر هڪ ڳاله مان ضرور ڪندس تا سنڌ سلامت ۾ جيڪي بي دوست مواد ڏين سو معياري ۽ سچ تي مشتمل هجي هرو ڀرو غلط دعوائون نه ڪرن
     
  11. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ


    سائين مُنهنجا! توهان جي ڳالهه اکين تي. مان ان ڳالهه جي خلاف نه آهيان ته چيٽنگ نه ڪريو. مان ان ڳالهه سان به مطفق آهيان ته اردو چيٽ وارن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي. مان ان سائيٽ تي پنهنجي رجسٽريشن به ڪرائي ۽ ان تي آنلائين دوستن جا نالا به ڏٺا. مون هڪ اڌ دوستن کي سلام به موڪليا پر چيٽنگ سافٽ ويئر چوڻ لڳو ته توهان کي پرميشن ڪونهي 15 منٽن کان پوءِ ميسيج ڪجو. خئر اهو ته ٿي سگهي ٿو مون ڪا غلطي ڪئي هجي جنهن ڪري اهو سڀ ٿي رهيو هو.
    خئر ٿوڙي ئي دير ۾ مُنهنجو ڪمپيوٽر هينگ ٿيڻ شروع ٿي ويو. مون سروسز ۾ وڃي ڏٺو ته ڪجهه عجيب قسم جو سروسز مُنهنجي ڪمپيوٽر ۾ هلي رهيون هيون. ان جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو مان شايد ڪا ويبسائيٽ کولي هجي جنهن جي ڪري اهي سروسز منهنجي ڪمپيوٽر ۾ پاڻمرادو هلڻ لڳيون.
    پر مُنهنجي حيرانگيءَ جي حد تڏهن شروع ٿي جڏهن مون ان سافٽ کي پنهنجي ڪمپيوٽر مان ڊليٽ ڪيو. ڇو جو ان جو ان انسٽالر مونکي ڪونه لڌو. پوءِ مون رجسٽريءَ ۾ وڃي ان جي فائلن جو نالو نشان ختم ڪيو ۽ ڊائريڪٽ ڪمپيوٽر جو بٽڻ بند ڪري آن ڪيو ته هيل تائين ته مُنهنجو ڪمپيوٽر صحيح پيو هلي.

    مان ڇا سمجهان؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  12. بيوس بنگلاڻي

    بيوس بنگلاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    ادا رنجيت هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪيان ته هن وقت سنڌي لنڪ تي 61 ميمبر رجسٽرڊ آهن انهن سان هيل تائين اهڙو مسئلو پيش نه آهيو آهي اگر اهڙي ڳالھ هجي هاته سنڌي لنڪ تي ڪير به موجود نه هجي ها اوهان کي غلط فهمي ٿي آهي مهرباني ڪري تصديق ڪرڻ کان پو اهڙا ويچار ونڊيندا ڪيو
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=4106
    هن لنڪ کي وزٽ ڪيو جنهن ۾ خود سنڌسلامت جي سرپرست سر نثار احمد نار جا سنڌ سلامت بانت ويچار آهن شايد اهي پڙهڻ کا پو اوهان جي غلط فيهمي ختم ٿيئي
    (منهنجي خيال ۾‌ سنڌي چيٽنگ لا سنڌي لنڪ کان بهترين ڪوبه ٻيو فورم ڪونهي ۔ تمام محبتي ماڻهو ملندا آهن ، خوبصورت ڳالهيون بهترين گيت، مونکي ته تمام تمام تمام گهڻي خوشي ٿي سنڌي لنڪ جو ميمبر ٿيڻ‌ کان پو۔ شال سنڌ جا اهڙا سارا چمن سدائين آباد هُجن ۔ (آمين) ) نثار احمد ناز جا ويچار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سنڌ سلامت جا دوستو؛
    حق موجود
    سڀ کان پهريائين ته مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اوهان دوستن اردو لنڪ عرف سنڌي لنڪ کي پنهنجي مٿي جي تڏ ڇو ٺاهيو آهي ۔۔۔ ”آ بيل مجهي مار“ ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ جي پنهنجي اهميت آهي ۽ سنڌي لنڪ جو پنهنجو ڪم آهي۔

    آ ته سڀني دوستن کي عرض ڪندس ته ان مسئلي کي ايترو به نه انگهائن جو هرو ڀرو ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ٿي پوي ۔۔۔ جيڪي دوست چاٽ جا شوقين هجن سي ڀل سنڌي لنڪ تي وڃي چاٽ ڪن ۽ جيڪي دوست ادب ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪجهه ڪرڻ جو شوق رکن سي سنڌ سلامت سميت ٻين سنڌي سائيٽس تي چڪر هڻن۔

    بلڪ آ ته اهو چوندس ته سنڌي لنڪ وارن سان دوستي پڪي ڪري ۔۔۔ سنڌ سلامت ۽ سنڌي لنڪ کي کير کنڊ ڪيو وڃي ۔۔۔ ادي نثار ناز کي عرض آهي ته هو سنڌي لنڪ جي دوستن سان ( چنڊ يا چانڊوڪي وغيره) سان ڳالهه ٻولهه ڪري سنڌ سلامت جي سرپرست اعلا جو ڪردار ادا ڪندي ٻنهي پاسن جي دوستن جي دوستي پڪي ڪري ڇڏي ۔۔۔ ادي عبد العزيز مڱريي کي پڻ عرض آهي ته هو پنهنجي سنڌ دوستيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي ٻنهي پاسن جي دوستن کي دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ پروئي تسبيح ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ٻنهي پاسن جي دوستن کي منهنجو به نماڻو عرض آهي ” ته سنڌ جي خدمت جي جذبي سان هر پاسي جي پرک ڪن ۽ هڪٻئي جي ساهتا ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي جديد علمن سان اڳتي وڌائن۔“

    وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ۔۔۔ سنڌ جون جيتريون به سائيٽس هونديو ۔۔۔ ڪم ته سنڌي ٻولي جو ٿيندو ۔۔۔ انڪري دل وڏي ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ پاڻکي مجنو جيئان پٿر کائڻ تي هيرايو ته عشق ۾ پڪائي اچي ۔۔۔ ٿڌي دل سان سوچيو ۽ اڳتي وڌو ۔۔۔ جذباتي ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي ۔۔۔ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔

    ياد رکو! ڀلائي ٻڌيءَ ۾ آهي، هڪ مٺ ۾ سگهه هوندي آهي، اڪيلي اڪيلي آڱر ڀنڃڻ سولي هوندي آهي ۔۔۔

    وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔ دل ڪريو درخت جي دستور ۔۔۔

    هن وقت آءُ حرم پاڪ جي سامهون پنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهيان ۽ حرم جون نيلون چٽيون نظر اچن ٿيون ۔۔۔ ۽ هيءَ دعا منهنجي چپڙن تي آهي ۔۔۔

    سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
    __________________
     
  14. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    سائين بنگلاڻي صاحب!

    غلطي جي معافي.... آئنده اسان پوري تصديق ڪرڻ مطلب جيستائين ڪمپيوٽر جي ونڊيوز خراب نه ٿي وڃي تيستائين ڳالهه ڪونه ٻڌائينداسين....


    ادا وڏا! چيٽنگ جا شوقين اسان به آهيون. اها ڳالهه ڪونهي. توهان جون لکيل سموريون ڳالهيون دل سان لڳيون..... توهان چواڻي ڪيتريون به سائيٽون هونديون اينديون ته سنڌي لسٽ ۾ نه؟ بس سائين بس هاڻي ڇڏيو انهن ڳالهين کي....
     
  15. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ وک . سنڌي لنڪ

    اردو لنڪ جي ائڊريس سنڌ سلامت تي هميشه لاءِ بين ڪئي وئي آهي منهنجي طرفان! ۽ اِن موضوع کي بند ٿو ڪيو وڃي,
    جيڪڏهن ٻيهر ڪنهن رڪن جي جُرت ٿي ته مان پنهنجي اختيارن کي سخت نموني سان استعمال ڪرڻ ڄاڻان ٿو!
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو