بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين ڏکڻ جي هير ٿڌڙي ۾ ملي وڇڙي وياهاسين اتر جي اوت ۾ پيارا پرين پڪ ڄاڻ ملنداسين الاجي ڇو نه ٿيون دل کي وڻن چانڊوڪيون راتيون اسين تارن جي ڇڻيل ڇاٽ ۾ تو ساڻ ملنداسين لڪائي لڙڪ اينداسين سجائي مرڪ وينداسين ڏئي نيڻن کي نئين سر نينهن جي نرواڻ ملنداسين ڪهين نا آشنا وانگر ڀلائي تو ڇڏيو جيڪر ته پوءِ مٺڙا محبت جا ڏئي اهڃاڻ ملنداسين حياتيءَ جي وفا ڪئي “سوز” پوريون حسرتون ٿينديون جي ملنداسين ته محبت کي ملهائي پاڻ ملنداسين