سوز هالائي جي غزل ”رنگ رتا پيچرا“ مان

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Irfan Ahmed Chandio طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2015۔

  1. Irfan Ahmed Chandio

    Irfan Ahmed Chandio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپوزنگ
    ماڳ:
    هالا نوان
    بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين
    اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين

    ڏکڻ جي هير ٿڌڙي ۾ ملي وڇڙي وياهاسين
    اتر جي اوت ۾ پيارا پرين پڪ ڄاڻ ملنداسين

    الاجي ڇو نه ٿيون دل کي وڻن چانڊوڪيون راتيون
    اسين تارن جي ڇڻيل ڇاٽ ۾ تو ساڻ ملنداسين

    لڪائي لڙڪ اينداسين سجائي مرڪ وينداسين
    ڏئي نيڻن کي نئين سر نينهن جي نرواڻ ملنداسين

    ڪهين نا آشنا وانگر ڀلائي تو ڇڏيو جيڪر
    ته پوءِ مٺڙا محبت جا ڏئي اهڃاڻ ملنداسين

    حياتيءَ جي وفا ڪئي “سوز” پوريون حسرتون ٿينديون
    جي ملنداسين ته محبت کي ملهائي پاڻ ملنداسين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين واه:)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو