منير احمد لُنڊ
سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
غزل
ٻڌي موت جو ير کلي تون به وٺجان
کڻي بس ڪفن پو ملي تون به وٺجان
صنم تو آ ساڙيو سڄي عمر مونکي
ڏسي لاش منهنجو جلي تون به وٺجان
وراثت ٿئي جي اسان جي بدن جي
اکيون يار منهنجون اچي تون به وٺجان
ٻٻر جي پنن جي ڇڻيل هي ڪهاڻي
ڪري
غور جانان ٻڌي تون به وٺجاب
سدائين اسان هن اگهيا لڙڪ تنهنجا
ڪڏھن لڙڪ پنهنجا اگهي تون به وٺجان
ملي جي ڪٿي يار توکي پوان مان
چريو ڪير آھي چئي تون به وٺجان
کڻي جي لنگهن ير اوهان جي گهٽي مان
جنازو آ ڪنهن جو پڇي تون به وٺجان
ڏسين جي جنازو لٽيل موسمن جو
ڪري يار ٿوري خوشي تون به وٺجان
ڪفن ۾ ڪنوارو بدن ڪيئن لڳي ٿو
اهو لُنڊ سوچي ڏسي تون به وٺجان
***منير احمد لُنڊ***
غزل
ٻڌي موت جو ير کلي تون به وٺجان
کڻي بس ڪفن پو ملي تون به وٺجان
صنم تو آ ساڙيو سڄي عمر مونکي
ڏسي لاش منهنجو جلي تون به وٺجان
وراثت ٿئي جي اسان جي بدن جي
اکيون يار منهنجون اچي تون به وٺجان
ٻٻر جي پنن جي ڇڻيل هي ڪهاڻي
ڪري
غور جانان ٻڌي تون به وٺجاب
سدائين اسان هن اگهيا لڙڪ تنهنجا
ڪڏھن لڙڪ پنهنجا اگهي تون به وٺجان
ملي جي ڪٿي يار توکي پوان مان
چريو ڪير آھي چئي تون به وٺجان
کڻي جي لنگهن ير اوهان جي گهٽي مان
جنازو آ ڪنهن جو پڇي تون به وٺجان
ڏسين جي جنازو لٽيل موسمن جو
ڪري يار ٿوري خوشي تون به وٺجان
ڪفن ۾ ڪنوارو بدن ڪيئن لڳي ٿو
اهو لُنڊ سوچي ڏسي تون به وٺجان
***منير احمد لُنڊ***