غلام مصطفى سولنگي جي ڪتاب ” سنڌ جون شاعر عورتون “ تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    غلام مصطفى سولنگي جي ڪتاب ” سنڌ جون شاعر عورتون “ تي تبصرو


    اعظم ڀٽي

    سنڌي ٻولي جو شاعري وارو دامن تمام گهڻو وسيع آهي، دلبري جهڙي ديس جي ٻولي ۾ شاعري سان نينهن نڀائڻ وارن جو تعداد به اڻ ڳڻيو آهي، هڪ دوست چوندو آهي ته ، ” جنهن ٻولي ۾ سوا لک شاعر موجود هجن ، اها پيغمبرانه صفتن واري ٻولي سڏي سگهجي ٿي.“ يقينن سنڌي ٻولي پيغمبرانه صفتن واري ٻولي آهي، سنڌي ٻولي جي شاعرن، تاريخ جي هر دڳ تي قوم کي سجاڳي جو پيغام ڏنو آهي، نه رڳو پيغام ڏنو آهي پر ان تي عمل به ڪيو آهي، وطن ۽ زبان جي دفاع لاءِ سنڌ جو شاعر ۽ اديب اڳئين مورچي تي وڙهيو به آهي ته ڪڙهيو به آهي، سنڌي شاعري جي سفر واري تاريخ ۾ جتي مرد شاعرن پنهنجو لافاني ڪردار ادا ڪيو آهي اُتي عورت شاعرائن جي تخيل ۽ پيغام کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ، سنڌ جي عورت شاعري جي ميدان ۾ جيڪو سفر مرکان شيخڻ جي رُوپ ۾ شروع ڪيو هو ، اهو اڄ به گوهر افشاني سان جاري ۽ ساري آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ عورت شاعرائن جو تناسب مرد شاعرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي پر جيڪڏهن ڳالهه معيار جي هجي ته پوءِ مقدار کان وڌيڪ معيار کي ترجيح ڏجي ٿي، ان معيار جي لحاظ کان سنڌي شاعرائن جو تخيل تاريخ جو مثبت لمحو آهي، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اهو گهٽ آهي، انهن ئي شاعرائن کي تاريخ جي صفحن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ خاطر شهيد راڻي پبليڪيشن پاران نئين ٽهيءَ جي نوجوان ليکڪ غلام مصطفى سولنگي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ” سنڌ جون شاعر عورتون“ پهرين ۽ بنيادي وک آهي، هن کان پهرين شايد ئي ڪنهن اهڙي وک کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هجي يا سوچيو هجي، پر غلام مصطفى سولنگي ان ڪم کي عملي جامو پهرائي ثابت ڪيو آهي ته عورت شاعرائن جي پورهيي کي تقويت بخشڻ جي سخت ضرورت هئي، جنهن ڪم جي سنڌي ادب ۾ کوٽ هئي ، هن ان خال جو پورائو ڪري ڇڏيو آهي، غلام مصطفى سولنگي سنڌي ادب جي حوالي سان ماضي قريب کان وٺي پنهنجي ادبي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ نه رڳو بهترين ڪوشش ڪئي آهي پر هو هر وقت ادبي خدمت لاءِ ڊوڙندو ۽ ڊُڪندو نظر ايندو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نئين ٽهيءَ جي هن نوجوان کي ادب سان تمام گهڻو دلي لڳاءُ آهي، ان چاهه کي تسڪين ڏيڻ لاءِ هو ڪُل وقتي اديب جيان پنهنجو تاريخي فرض نڀائي رهيو آهي، غلام مصطفى سولنگي ماضي ۾ پنهنجي ڇپيل ڪتابن جي حوالي سان هن ڪتاب کي هڪ نئين ۽ منفرد شڪل ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي ، سندس ان ڪوشش ڪهڙو رنگ لاٿو ، اهو ته پڙهندڙ ئي وڌيڪ فيصلو ڪري سگهندا ، پر آئون سمجهان ٿو ته 320 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي هڪ نئون انداز ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ڊزائننگ ۽ خوبصورتي جا گُل ارپڻ خاطر ، مواد کي صفحي جي مرڪز تي باڪس ۾ بند ڪري، محدود ڪري ، صفحن جي انگ کي ڄاڻي واڻي وڌايو ويو آهي، جنهن جي ادبي ۽ تخليقي حوالي سان ڪا خاص ضرورت نه هئي، جيڪڏهن ان مواد کي پوري صفحي تي پکيڙي ، ڪتاب جي هر صفحي جو مڪمل طور پورائو ڪيو وڃي ها ته ان ۾ اڃا به ڪيترين ئي شاعرائن کي نمائندگي ملي پئي سگهي، ٿي سگهي ٿو هن ڪتاب ۾ جتي 50 شاعر عورتون شامل ڪيون ويون آهن اُتي 50 ٻيون به شاعرائون ڪتاب جو حصو بڻجي وڃن ها، جيڪو عمل هن ڪتاب کي وڌيڪ مضبوط تاريخي دستاويز جي حيثيت ۾ بيهاري ها، ڪتاب جو ٽائيٽل تمام بهترين ۽ دل ڇڪائيندڙ آهي ، وڏي ڳالهه اها آهي ته فهميده حسن جي ڪتاب ” دنيا جون شاعر عورتون“ جي پوئيواري ڪندي هن ڪتاب جي تشڪيل سنڌي ادب لاءَ نه رڳو لاڀائتو قدم آهي پر وکريل تاريخ کي ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ سان ادب جي شاگردن ، خصوصن شاعري سان چاهه رکندڙن لاءِ هڪ بهترين خزانو آهي، ان ۾ سنڌ جي عورت شاعرائن کي همت افزائي جو جيڪو حوصلو بخشيو ويو آهي، اها هڪ مثبت ۽ من موهيندڙ جاکوڙ آهي، جنهن سان شاعري جي ميدان ۾ تخليق جا ڏيئا جرڪائيندڙ عورتن لاءِ تمام گهڻو اُتساهه پيدا ٿيڻ جي هر ممڪن حد تائين اميد رکي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ سنڌي عورت لاءِ هر شعبي جيان ادب جي شعبي ۾ به، خاص طور شاعري جي ميدان ۾ وک وک تي ڪنڊن جو ڄار وڇايل آهي اسان جي سماج ۾ عورت جڏهن پنهنجي اندر جي ليکڪا کي ظاهر ڪري ٿي ته ان جي ڪردار تي منفي آڱرين جا ڪيترائي ئي ڀالا اُڀا ٿي پون ٿا، هن لاءِ قدم قدم تي مشڪلاتن جي عجيب چادر وڇائي وڃي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو هيڏين وڏين مشڪلاتن سبب سنڌ جي گُهٽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ڪيترين ئي عورتن جا شاعراڻه خيال من جي بستري تي سُتل ئي رهجي وڃن ٿا، پر جي اهي خيال اکيون پٽي جاڳن به ٿا ته انهن کي اظهار جو ڪو دڳ نٿو ملي ، اهي خيال سماجي سنگباريءَ جي خوف سبب اظهارجڻ کان اڳي ئي دم ٽوڙي ويهن ٿا. جيڪو سنڌي سماج جو وڏو الميو آهي، هي ڪتاب ان الميي لاءِ ڇئلينج آهي، ان الميي جي خلاف حق جي صدا آهي، ڪتاب جي تخليقي ۽ ادبي جوهر تي نظر ڊوڙائڻ سان بي انتها خوشي جو لمحو اهو محسوس ٿو ٿئي ته هن ڪتاب جي ارپنا به موضوعاتي لحاظ سان بلڪل صحيح ۽ وقتائتي آهي، يقينن مرکان شيخڻ کان وٺي جديد دور جي عورت شاعرائن صدين جو طويل سفر طئه ڪري سنڌي شاعري کي جلا بخشي آهي، عورتن جو شاعري وارو اهو ڪردار سنڌي ادب ۾ لازوال تاريخ جو حامل آهي. ان سفر ۾ سنڌ جي عورت اڃا حوصلو هاريو ناهي، پر سندس خيالن جي سگهه وقت سان گڏ مضبوطي جو دامن جهلي بيٺل آهي، اداري پاران پرهه پروين گل مرد شاعرن جي ڀيٽ ۾ عورت شاعرائن جي فقدان ۽ ان ۾ حوصلا افزائي جي کوٽ جا ڪجهه معقول سبب ظاهر ڪيا آهن، اهي بلڪل اسان جي سماج جو چٽو آئينو آهن، انهن سببن جي نفي لاءِ اميد ته هي مجموعو پهرين ۽ بنيادي وک ثابت ٿيندو. ڪتاب جا ٻه اکر سنڌ جي ناليواري ليکڪا ميڊم نذير ناز لکيا آهن، جن کي پڙهندي هن ڪتاب جو حقيقي تخيل ڄڻ ته غفائن ۾ گم ٿي ٿو وڃي، اهي ٻه اکر پڙهڻ سان ڏاڍو عجيب ٿو لڳي ته هي تخليق سنڌ جي شاعر عورتن جي تاريخ جو باب آهي يا سنڌي شاعري جي هڪ صنف لوڪ گيت جي تاريخ جو مجموعو آهي، آپا نذير ناز هن ڪتاب جي موضوع جي حوالي سان ٻه اکر لکڻ دوران نه ڪتاب جي حقيقي موضوع سان انصاف ڪيو آهي ، نه ئي وري ڪتاب جي مرتب جي ڪوششن تي ڪا حقيقي راءِ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن ٻن اکرن مان اهو قطعي به اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته هن منفرد موضوع کي سهيڙڻ ۾ ڪهڙا مناسب قدم کنيا ويا آهن ، ان ۾ ڪهڙيون ڪوتاهيون سرزد ٿيون آهن يا ڪتاب جي ڪاميابي جو دڳ ڪٿي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ محنت مستقبل ۾ ڪهڙا نتيجا ڏيندي، مطلب ته ٻه اکر لکڻ جو مقصد ، ڪنهن به تخليق تي ماهرانه راءِ قائم ڪرڻ هوندو آهي، جيڪو تخليق جي حقيقي روح کي کولي بيان ڪندو آهي، پر آپا نذير ناز جي ٽن مختصر صفحن تي لکيل تحرير ۾ ڪتاب جي موضوع جي حوالي سان ڪنهن به مثبت اڳڀرائي يا رهنمائي جي ڪوشش نظر نٿي اچي. جيڪا شيءِ هن ڪتاب جي اهميت کي بلڪل نظرانداز ڪري رهي آهي، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اهي ٻه اکر مڙئي جان آجي ڪرائڻ لاءِ يا خانه پوري طور لکيا ويا آهن . هن ڪتاب ۾ هڪ ٻي انفراديت اها عيان آهي ته هن ڪتاب جو مهاڳ ، خود هن ڪتاب جي مرتب غلام مصطفى سولنگي پاڻ لکيو آهي، ڪتاب جي موضوع جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ عورت شاعرائن جي ڪردار تي مختصر ئي سهي پر بهترين نموني روشني وڌي وئي آهي ، نه صرف اهو پر سنڌي شاعري ۾ عورتن جي ڪردار جي مختصر تاريخ پڻ بيان ڪئي وئي آهي، جيڪا شاعري سان چاهه رکندڙن لاءِ مختصر معلومات جو شروعاتي دروازو کولي ٿي، پر بهتر اهو ٿئي ها ته مرتب پاڻ مهاڳ لکڻ بجاءِ سنڌي شاعري جي ڪنهن بهترين شاعره کان لکرائي ها ته جيئن هن ڪوشش جو منفي ۽ مثبت پهلو چٽي طرح کُلي سامهون اچي سگهي ها، عورت شاعرائون ڪهڙي پيڙا جو سفر ڪن ٿيون ،اهو ڪا عورت شاعره ئي بهتر نموني بيان ڪري سگهي ٿي، ان سان نه رڳو مرتب کي هن منفرد تاريخ جي ترتيب ۾ بهترين رهنمائي حاصل ٿئي ها، پر ٿي سگهيو پئي ته پڙهندڙن کي هن موضوع جي حساب سان اڃا به معلومات جا ڪي لڪل موتي ميسر ٿين ها. وري به مجموعي طور مهاڳ متوازن آهي ، جنهن موضوع کي ڪجهه کولي بيان ڪرڻ جستجو ضرور ڪئي آهي. هن ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ پهرين صفحي تي نظر وجهڻ سان تحقيق ۽ ترتيب جي لفظن تي نظر پوي ٿي، جنهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته ڪتاب جي مرتب پنهنجي پاران ضرور ڪا منفرد تحقيق ڪئي وئي هوندي پر ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ان ۾ تحقيق جو ڪو خاص ۽ نمايان عنصر نٿو ڏسجي، اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته جن شاعرائن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن جا جيڪي مختصر پروفائيل يا جيڪي مختصر سٽون ڏنيون ويون آهن اهي اڳ ۾ ئي ڇپيل رسالن يا اخبارن يا ڪتابن مان کنيل آهن، جيڪي مختلف ليکڪن جون تحريرون آهن، جنهن کي ترتيب جي دائري ۾ ته آڻي سگهجي ٿو پر تحقيق جي ڌارا ۾ قطعي به شامل نٿو ڪري سگهجي. ها جيڪڏهن مرتب پاڻ انهن شاعرائن جي زندگي ، شخصيت ، ڪردار ۽ شاعري بابت ڪا جامع تحقيق ڪري ، ان بابت ڪا راءِ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ها ته ان کي تحقيق جي ضمري ۾ ضرور پرکيو وڃي ها ۽ اها هن ڪتاب جي هڪ وڌيڪ خوبي سڏي سگهجي ها. هن ڪتاب کي پڙهڻ سان سنڌي ٻولي سان اها ئي نانصافي ڪئي وئي آهي جيڪا خاص ڪري نوان ليکڪ ڪند آهن ، ڪتاب ۾ شامل نثري مواد توڙي شامل ڪيل شاعري ۾ لاتعداد جڳهين تي بيهڪ جي نشانين جو ڪو به لحاظ نه رکيو ويو آهي، پڙهندڙ کي ڪا به خبر نٿي پوي ته ڪٿي ڪاما آهي ، ڪٿي فُل اسٽاپ آهي، مطلب ته جملا ائين ئي بيراهه روي سان ڊوڙندا پيا وتن ، انهن کي سمجهه جي سانچي ۾ گهڙڻ جي ڪا به ڪوشش ڪندي نظر نه پئي اچي ته مفهوم يا مقصد جي حساب سان جملو ڪٿي ختم ٿئي ٿو، ڪٿي ساهي پٽي ٿو، اهڙي قسم جي غلطي ڪتاب جي اهميت لاءِ تمام گهڻي نقصانڪار آهي، ڇاڪاڻ جو ڪتابن جي ڇپائي جي تجربي جي لحاظ کان غلام مصطفى سولنگي هاڻ ڪو نئون نالو ناهي رهيو، جو ان تي اهڙي ڪا ميار نه ڪري سگهجي. ٻي اهم شيءِ جيڪا هن بهترين ڪوشش لاءِ مُڏي ڪاتي وهائڻ مثل آهي، سا آهي لاتعداد پُروف جي غلطين جي ، پروف جو ايتريون ته غلطيون ڪيون ويون آهن جو ائين ٿو لڳي ته ڪنهن وڏي مقابلي جي تياري ۾ هن ڪتاب کي جلدبازي يا تڙ تڪڙ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪتاب جا پُروف ڄڻ ته پڙهيا ئي نه ويا آهن، جي پڙهيا ويا آهن ته ان ۾ لاپرواهي جي انتها ڪئي وئي آهي ، ان حد تائين جو شاعرائن جي شاعري ۾ استعمال ٿيل لفظن جي شڪل ئي بگاڙي وئي آهي، عام لفظن کان وٺي قافين تائين تمام گهڻيون غلطيون هن ڪتاب جي سُونهن تي ڪنهن داغ مثل نظر اچي رهيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته موضوع جي لحاظ کان هي ڪتاب وڏي اهميت جو حامل آهي پر شايد تڪڙ واري ڪار هن ڪتاب جي حقيقي روح کي نقصان پهچايو آهي، جيڪو نقصان ٻولي جي ماهرن لاءِ به تڪليف جو سبب آهي، ڏک اهو به آهي ته هن ڪتاب جي تاريخي اهميت بابت جيڪا دعوى آهي ان موجب ڪتاب جو ڪاغذ تمام گهڻو غير معياري، سستو ۽ انتهائي هلڪو استعمال ڪيو ويو آهي ، جيڪو ڪتاب جي رکيل قيمت جي حوالي سان نامناسب ۽ مهانگو آهي، ڪاغذ جي حالت کي ڏسندي اهو اندازو ٿئي ٿو ته هن ڪتاب جا ڪاغذ ڪجهه سالن بعد پنهنجي وجود جي ويڙهاند ۾ اٽڪيل رهندا. آئون نٿو سمجهان ته سنڌي شاعري جي دنيا جو ڪو تمام غريب شاعر يا شاعره 400 رپين جي قيمت ۾ هي ڪتاب ڪي ڪشالا ڪٽڻ کان سواءِ خريد ڪري سگهي ، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي غريب شاعرن جي اکين سان ڏٺل ۽ دل سان محسوس ڪيل حالت کي نظر ۾ رکندي آئون اها دعوى قطعي به نٿو ڪري سگهان ته سنڌ جو هر شاعر يا شاعره آساني سان هي ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگهه ساري سگهن. غلطين جي باوجود به هي ڪتاب سنڌ جي شاعر عورتن جي پذيرائي ۽ انهن کي تاريخي دستاويز جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ هڪ بهترين ڪوشش آهي. ڪجهه به نه هئڻ کان ڪجهه هئڻ بهتر آهي ، اميد آهي ته هي ڪوشش سنڌ جي عورت شاعرائن کي ڪو نئون جذبو ، ڪو نئون اُتساهه ۽ پذيرائي جي ڪنهن لاڀائتي واٽ طرف وٺي وڃڻ ۾ مثبت قدم ثابت ٿيندي ۽ مستقبل ۾ هي ڪتاب بهتر حوالي طور مددگار ثابت ٿيندو.


    اعظم ڀٽي، پير محلا ٽنڊو محمد خان ، 033328007110

    azam772003@yahoo.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين سولنگي صاحب بهترين انسان آهي، سائين سان 2 ملاقاتون آهن، جن مان هڪ سندن آفيس پي ٽي وي ۾ به آهي.
    سائين جي سنڌي ادب سان محبت تعريف لائق آهي.
    ڪتاب سان نا انصافي ٿيڻ تي ڏک ٿئي پيو.
    ڀٽي صاحب جو سٺو (لاه ڪڍندڙ) تبصرو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جنهن غلام مصطفى سولنگي جي ڳالهه پيا ڪيو اهو ٻيو آهي ۽ پي ٽي وي ۾ پروڊيوسر آهي، جڏهن هي غلام مصطفى به ادب ۽ صحافت سان واڳيل آهي ۽ حيدرآباد هوندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو