سنڌ جي قومي ڪارونجهر سائين عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابو مُرڪ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2015۔

  1. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    هُو، جيڪو سراپا عشق هو

    علي نواز آريسر

    تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا غير معمولي ماڻهو پيدا ٿيندا آهن، جيڪي صدين جو ٿڪ لاهيندڙ هوندا آهن، جڏهن کان هوش سنڀاليو اٿم، ڪيترن ئي ماڻهن سان مُکا ميلو ٿيو آهي، جن مان ڪي ته رُوح جي گهراين ۾ لهي ويا ته ڪي وري رُڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ جيان وڃائجي ويا. ڪن سان اهڙو ته رشتو اڙجي ويو، جو نه چاهيندي به انهن جو ٿي ويس ته ڪي اهڙا ماڻهو به زندگيءَ جي لڙهي ۾ پوئجندا ويا، جن کي نه چاهيندي به ميڙڻو پيو، افسوس جو انهن سان ڪا به رُوحاني توڙي جسماني عزارت جُڙي نه سگهي ، پر جن ماڻهن منهنجي زندگيءَ تي پنهنجا اثرات ڇڏيا، يا منهنجي ذهن جي بند تاڪين کي کوليو، يا منهنجي دل جي سُڪل ٺوٺ ٿيل سرزمين کي پنهنجي پيار جي پاڻيءَ سان ريج ڏيئي سيراب ڪيو، يا مُنهنجي تنها وجود ۾ هڪ سهارو بڻجي آيا، هڪ آٿت بڻجي آيا. اهڙن ماڻهن تي لکڻ! گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ پهاڙن جو پنڌ جهاڳڻ برابر آهي. بهر حال اهي ماڻهو ئي منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهن، جن لاءِ آءٌ پهاڙن جا پيچرا به لتاڙي سگهان ٿو ته ڪنڊن پٿرائيل رستن تي پير پٿون به ڪري سگهان ٿو. اهڙين مانائتين شخصيتن مان سائين عبدالواحد آريسر هڪ هو. جنهن ڪنهن وقت ۾ چيو هو ته:

    اي سنڌ! تون شاهد آهين ته مون پيدائش کان وٺي، ڪيئي مذهب مٽايا آهن، پر توسان لاتل لنئونءَ ۾ ڦيرو ڪونه آندو اٿم، هڪ وقت آءٌ عناصرِ فطرت جو پوڄاري هئس، ٻئي وقت آءٌ آتش پرست هئس، ٽئين وقت آءٌ ٻوڌي هئس ۽ چوٿين وقت آءٌ مسلمان هئس، پر ڇا مون مذهب جي دُعا وارڻ سان گڏ تنهنجي ٻولي ۽ لوليءَ کي وساريو؟ (عبدالواحد آريسر)

    پِرهه جو پيغام ۽ صدين جون صدائون ڏيندڙ اُهو فقير صفت انسان جنهن جي دل جي هر ڌڙڪن ۾ سنڌ ئي سنڌ سمايل هوندي هئي، انهيءَ ماڻهوءَ تي لکڻ، ڳالهائڻ سچ ته هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. جيتوڻيڪ منهنجي ڪيتري عرصي کان خواهش هئي ته آءٌ آريسر صاحب جي تحريرن، تقريرن جي فڪري پسمنظر تي تفصيلي لکان، ۽ منهنجي اها به خواهش هئي ته آءٌ سندس ادبي خدمتن تي پي. ايڇ ڊي ڪريان، پر هتان جي سرڪاري تعليمي ادارن انهيءَ موضوع تي ڪم ڪرڻ نه ڏنو، ان بعد جڏهن مون ڪتاب لکڻ لاءِ ذهن ٺاهيو ته منهنجي سامهون سندس زندگيءَ جا ڪيترا ئي پاسا ايئن نروار ٿي بيٺا، جيئن سيد جو آزاد سنڌوديش وارو نظريو. هن جي شخصيت جو هر پهلوءَ هماليا جيان اوچو ۽ سمنڊ جيتري گهرائي رکندڙ محسوس ٿيو، تڏهن مون کي اهو محسوس ٿيو ته آءٌ ڪنهن هڪ پهلوءَ سان به انصاف نه ڪري سگهندس ۽ پوءِ آءٌ قلم کي بند ڪري ويهي رهيس، اڄ جڏهن لکڻ ويٺو آهيان ته هُو مون کان گهڻو ڏُور وڃي چُڪو آهي ۽ سندس يادگيرين جا ايترا ته ريشمي تاڪيا منهنجي ذهن ۾ ويڙهيل آهن، جو اُکلندا پيا وڃن، ڇا لکي ڇا لکان؟ ڇا آءٌ هن جي سياسي پهلوءَ تي قلم کڻڻ جي جُرئت ڪري سگهان ٿو؟ جيڪو ايترو ته ڀاري آهي، جيتري عيسيٰ جي صلِيب! ڇا آءٌ سندس تحريرن تي لکي سگهان ٿو، جن ۾ نينهن جا اهڙا ته نشا آهن جو اکيون نه چاهيندي به خُمار آلود ٿيو وڃن، ڇا آءٌ سندس سحر انگيز تقريرن سان نباهه ڪري سگهان ٿو؟ جن کي ٻُڌڻ لاءِ سندس پرستار پنهنجا ساهه روڪي ٻُڌندا هئا. ڇا آءٌ هُن جي ڪچهرين جو ڇيد ڪري سگهان ٿو؟ جڏهن هو ڪچهريءَ هلندي ڪنهن نُڪتي تي بحث شروع ڪندو هو ته انهيءَ بحث ۾ پوري دنيا جي ادب کي پلٽائي ڇڏيندو هو، هن جي بحث ۾ يونان جي قديم ادب جا حوالا به هوندا، ته يورپ جي جديد رومانوي شاعريءَ جو لطف به هوندو ته عرب جي امراءُ القيس جا داستان به ڇڙندا ته سنڌ جي انهن وير سورمن جون ڪٿائون به هلنديون ۽ پوءِ پاڻ ئي انهيءَ مان نتيجو ڪڍندي بحث کي پُڄاڻيءَ تي پهچائيندو هو.

    آريسر پنهنجي ذات ۾ فرد نه هو، هُو هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هو، هُو عشق جي اهڙي ته يونيورسٽي هو، جو به هن يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو، سو عشق ۾ اهڙو ته رچي ريٽو ٿي ويو، جو نه اُن کي آڙا ٻيڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون، سچ پُترا، ڦٽڪا ۽ ڪوڙا هيسائي سگهيا ۽ نه وري ڪروڙن جون ٿهيون هرکائي سگهيون، هن جي انهن شاگردن مان ڪيترا ئي اهڙا شاگرد هئا جيڪي پنهنجي عشق کي زنده رکندي شهادت جو درجو ماڻيائون. آريسر صاحب پنهنجي انهن شاگردن جي ماءُ وانگر پالنا ڪئي هئي، ۽ پوءِ هُن پنهنجي انهن ڳڀروئن جا لاش جڏهن پنهنجي ڪُلهن تي کنيا هئا ته هُن جو جيءُ جُهري پيو هو، پر هُو اهڙو ته اڏول هو جو هن جي اکين ۾ ڪڏهن ڪنهن ڳوڙهو نه ڏٺو، توڙي جو هُو اڪيلائيءَ ۾ لُڙڪن سان لِڪ لڪوٽي کيڏي وٺندو هو. مايوسي هُن جي نظر ۾ ڪُفر هوندي هئي، هُو بي ڊپو ۽ بهادر هو ۽ هُن انهيءَ بهادريءَ سان صدمي کي سهڻ جي سهپ پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪري ورتي هُئي. هُن کي سياست جي هن اڙانگي پيچري تي سدائين دوستن رُسوا ڪيو، ويساهه گهاتيون ڪيون، پر هُو اُردوءَ جي هن شعر تي هميشه عمل پيرا رهيو.

    جو مِلا اُسي ڪو مُقدر سمجها،

    جو گيا اُسي ڪو ڀولتي گئي.

    پر هُن جي وڏائي اها هُئي جو هو پوءِ به انهن سان پيار ڪندو هو، انهن کي ڀانئيندو هو، انهن جي هڪ به ڪامياب قدم تي هُو خوش ٿيندو هو ۽ معمولي ناڪاميءَ تي ڏُکارو ٿي پوندو هو. هُن جا اُهي سمورا شاگرد جيڪي هُن کي پُٽن جيئن پيارا هئا، انهن جي هر ارڏائي هُن کي عزيز هئي، تڏهن ته ڌڻي بخش سولنگي اوڇنگارون ڏيندي چيو هو ته ’هُو قومي تحريڪ جي سڀني ڏنگن ٻارن جو شريف پيءُ هو، اڄ اُهي سمورا ٻار ننڌڻڪا ٿي ويا‘.

    سنڌ جي قومي سياست ۾ سائين جي. ايم سيد کان پوءِ آريسر صاحب ئي اُهو واحد اڳواڻ هو، جيڪو جي. ايم سيد جيان پوري دنيا جي تاريخ تي ڳالهائي سگهندو هو، هُو جڏهن آرين، دراوڙن، عربن، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، مُغلن ۽ انگريزن جي دور جو ڇيد ڪندو هو ته پوري تاريخ کي پلٽائي ڇڏيندو هو ۽ جڏهن هُو آزادي ۽ غلاميءَ جو فرق سمجهائيندو هو ته اڻ پڙهيل ماڻهو به آزاديءَ لاءِ قربان ٿيڻ کي ترجيح ڏيندا هئا ۽ سائين جي. ايم سيد جي فڪر کي سمجهائڻ جو هُن جيڪو آسان طريقو ڪڍيو هو، اُهو لفظن جي جادوگري هو، هُو لفظن جي جادوءَ سان دلين جا ڪٽ لاهڻ جو ماهر هو. هن جو مطالعو توڙي مشاهدو وسيع هو، هونئن به مطالعو ۽ مشاهدو انسان جي ذهنياُڏام جون ٻه ٽانڪيون آهن ۽ ٻنهي ٽانڪين مان ڪا به هڪ خالي هوندي ته اُهو انسان سگهاري تخليق کي جنم نٿو ڏئي سگهي، بلڪه آئون ته اهو چوندس ته اُهو قلمڪار پنهنجي قلم جي نوڪ سان انصاف نٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان به سائين آريسر صاحب جي دماغ ۾ هڪ خزانو دفن ٿيل هو، پاڻ نه رُڳو پڙهڻ ۾ پنهنجي عمر صرف ڪئي آهي، پر پاڻ ته سڄي سنڌ جي گهٽين مان گگدامن وانگر گُذرندي، پنهنجي اکين کي ننڊ جو روڳي بڻايو، هن قومي شعور جي جاڳرتا لاءِ هر واهڻ، هر وستي، هر گهر، هر گهٽيءَ ۾ وڃي حق جا هوڪا ڏنا ۽ پاڻ پنهنجي انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب به ويو. سندس اها سوچ انفرادي نه هئي، هن فقط پنهنجي ٻارن لاءِ اهڙي جاڳرتا نه ڪئي، فقط پنهنجي ڳوٺ لاءِ شعور جي چڻنگ ڪونه دُکائي هئي، فقط پنهنجي ذات جي ماڻهن کي هن دُنيا جي سُڌريل ماڻهن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ جُستجو نه ڪئي، پر هُن ته هر ان ماڻهوءَ جي لاءِ جاکوڙيو، جيڪو هن ڌرتيءَ جو خمير آهي، هن قوم جو مستقبل آهي، هن قوم جو اُسرندڙ چراغ آهي. سندس اهي ڪوششون اجتماعي هيون.

    آريسر صاحب پنهنجي سڄي زندگي ڪارڪن واري گذاري، هُن وٽ ماڻهن کي موهڻ جو انداز به ڏاڍو موهيندڙ هو، آءٌ هتي سندس سماجي زندگيءَ جي واقعن کي ورجائڻ ضروري ٿو سمجهان. آريسر صاحب جي تڏي تي هڪ ماڻهو آيو، جنهن جا ميرا لٽا، اڻڀا وار، پيرين اُڀراڻو. اکيون لُڙڪن سان ٽٻٽار، دُعا گهرڻ کان پوءِ هو مسلسل روئندو رهيو هو، اُتي مون کان ڪنهن پڇيو ته هيءُ آريسر صاحب جو ويجهو دوست ٿو لڳي؟ تڏهن مون ٻڌايو هو ته هي ڇور شهر ۾ ريڙهي تي سبزي کپائيندو آهي. بهرحال اها ڳالهه ڪيترن کي سمجهه آئي، اهو هڪ الڳ بحث آهي، پر انهيءَ جو پسمنظر آءٌ ٿو ٻڌايان. آريسر صاحب جڏهن به ڪٿان موٽندو هو، انهيءَ ريڙهي تان اچي سبزي وٺندو هو، مون هڪڙي ڀيري چيو هو ته ’سائين! توهان جڏهن امرڪوٽ کان ايندا آهيو ته اُتان کان سبزي ڇو نه وٺندا آهيو؟ اُتي ته روز جو منڊيءَ ۾ تازيون ڀاڄيون اينديون آهن‘، تنهن تي پاڻ وراڻيو هئائون ته ’شهيد الله بخش سومرو جڏهن شهر ۾ ايندو هو ته اُتي بيٺل ٽانگن تي نظر وجهندو هو ۽ پوءِ جنهن به ٽانگي ۾ ڏٻرو گهوڙو جُٽيل هوندو هو، اُن تي سواري ڪندو هو، تنهن تي هڪ ڀيري کانئس ڪنهن ماڻهو پڇيو هو، ان جي جواب ۾ شهيد الله بخش وراڻيو هو ته آءٌ انهيءَ ڏٻري گهوڙي تي سواري ان ڪري ڪندو آهيان، جو ان ٽانگي تي ڪير چڙهڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ هن کي به شام جو پنهنجي ٻچن لاءِ اٽو وٺي وڃڻو پوندو. آءٌ پڻ ان ريڙهي تان سبزي ان ڪري ئي وٺندو آهيان‘. آريسر صاحب جي دُور انديشيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو هُن کي خبر هئي ته جيستائين اسان عام ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ نه ٺاهينداسين، تيستائين اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. سندس سماجي تعلقاتن جي حوالي سان ڪيترائي اهڙا مثال آهن، جيڪي ڏيئي سگهجن ٿا، پر جيئن ته هن وقت انهن سڀني ڳالهين تي لکڻ جي آءٌ پنهنجي پاڻ ۾ همت نٿو ساري سگهان، وقت اچڻ تي آءٌ سندس ساروڻيون ضرور لکندس.

    هر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خال ڇڏي ويندو آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا ته غير معمولي هوندا آهن، جن جو صدين تائين خال ڀرجڻ ڏکيو هوندو آهي، پر غلام قوم جو هر ڄمندڙ ٻار ڏاڍو بهادر هوندو آهي ۽ هو انهيءَ بهادريءَ سان انهي خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن وقت جيتوڻيڪ سنڌ جون سياسي حالتون ڏاڍيون بي رحم ٿي پيون آهن، اهڙي وقت ۾ سگهاري تنظيم ۽ سگهاري اڳواڻ جي ضرورت آهي. ان جي باوجود اڄ جڏهن آءٌ سيد جي ڏنگن ٻارن تي نظر وجهان ٿو ته اُهي ڏاڍا ڏاها نظر اچڻ لڳا آهن، ڇاڪاڻ جو هو ڄاڻن ٿا ته سندن ارڏايون جنهن ماڻهوءَ سان هيون، اُهو هليو ويو آهي.

    آريسر صاحب هن وقت تائين کوڙ سارا ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ هُن سنڌ جي هر پهلوءَ تي الڳ سان روشني وڌي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جا مختلف دور، سنڌي سماج جو جائزو، قومي تحريڪ، لطيفيات، بلاولي تحريڪ، ۽ سائين جي. ايم سيد جي فڪر جو ڦهلاءُ اهم جاءِ والارين ٿا. آريسر صاحب جي قلم مان سرجيل مضمون ’هڪڙو ملڪ هو، هڪڙو ماڻهو هو‘ سنڌ جي اهڙي ته ڀرپور عڪاسي ٿو ڪري، جو مون الاءِ ڪيترا ڀيرا پڙهيو آهي ۽ هر ڀيري مون کي ايئن محسوس ٿيو آهي، آءٌ ڄڻ ته ڪنهن نئين ديس ۾ گهمندو هجان، جنهن ديس جو هر ماڻهو آزاد آهي، جنهن ديس کي قدرت پنهنجي نعمتن سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ديس جون نديون ۽ نهرون پوري ديس کي سرسبز ۽ شاداب ڪندڙ آهن، جنهن ديس جي ماڻهن جو پيار ۽ سنٻنڌ پکين جي ٽولين کان به وڌيڪ آهي. اُهو ديس اهڙو ديس بنجي ويل ٿو ڏسجي، جهڙو اڄ تائين پوري دنيا جي ڪنهن تاريخ ۾ ڪٿي پڙهيو ئي نه ويو هجي. جيڪو ماڻهو غلام ديس جي اهڙي عڪاسي ڪري سگهي، اُهو ماڻهو ديس جي اڏاوت لاءِ ڇاڇا نه ڪري ويو هوندو، اها پِرولي ڀڃڻ ڪا ايڏي اوکي به ڪونهي. آريسر صاحب سنڌ جي سياسي، ادبي توڙي سماجي تاريخ کي جنهن دُور انديشيءَ سان پيش ڪيو آهي، اهڙي انداز ۾ ڪير به اڄ تائين لکي ناهي سگهيو. هُن ئي ته اسان کي ادب جون ٽي فڪري ڌارائون سمجهايون آهن، ’سُڌريل قوم جو ادب، اُسرندڙ قوم جو ادب ۽ غلام قوم جو ادب‘ ۽ جڏهن هو غلام قوم جي ادب ۽ اديب تي روشني وجهي ٿو ، ته ادب ۾ بانبڙا پائيندڙ اديبن جي اکين ۾ شرمساري لهي ايندي آهي، اهڙي طريقي سان هُن غلام قوم ۽ آزاد قوم جا معيار سمجهايا آهن، نه رُڳو ايترو، پر هُن ته سنڌي ٻوليءَ جي لُغت ۾ به بي بها اضافو ڪيو آهي.

    آريسر صاحب سنڌ جو اهڙو ته ازلي عاشق هو، جنهن جي اکين ۾ مون ڪڏهن به مايوسي نه ڏٺي، هُن جي اکين ۾ سدائين آزاد سنڌ جو نقشو مُرڪندي نظر ايندو هو. هُن پنهنجي اکين ۾ جيترا به سپنا سانڍيا، اُهي آزاد سنڌ جا سپنا هئا، هُن پنهنجي چپن سان جيترو به وِرد ڪيو، اُهو سنڌ جي مُقدص نانءُ جو وِرد هو. هُن وٽ پنهنجي گهر، پنهنجي اندرا کان به وڌيڪ عزيز ڪا شيءِ هئي ته اُها سنڌ ئي هئي. هُن سنڌ خاطر جيل ڀوڳيا، ڪوڙا کاڌا، ڦٽڪا سٺا، پر ٻِڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين، هُو اهڙو ته نفيس ۽ معصوم انسان هو، جنهن ڪڏهن ڪنهن ٻار جي ڳل کي ڇُهيو به ڪونه، انهيءَ انسان جي اڳيان جڏهن سندس عظيم رهبر کي گار ڏني وئي ته هُن پنهنجي هٿن ۾ لڳل هٿڪڙي گار ڏيندڙ کي وهائي ڪڍي هئي، توڙي جو هُن ماءُ تي به گار برداشت ڪئي هئي، پر هو پنهنجي عظيم رهبر تي گار برداش نه ڪري سگهيو هو. آريسر صاحب هر طرح سان قومي ڪارڪنن جي شعوري پرچار ڪندڙ هو، هُن جي سٿ ۾ جيڪي به ماڻهو رهيا، سي شعور سان همڪنار رهيا، اڄ جڏهن هُو اسان جي وچ ۾ موجود ناهي ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ سنڌ جو شعور سُمهي پيو آهي. پر سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم سان آريسر صاحب جي عشق، ڪمنٽمنٽ ۽ وفا کي ڏسندي آءٌ يقين سان چوان ٿو ته اهو شعور هميشه لاءِ ننڊ نه پوڻو آهي ۽ سُتت ئي ڀالوا جي ڀٽ تي مارئيءَ جي اکين جي نُور وانگر روشني روشني ٿي پکڙجي وڃڻو آهي.

    alinawazarisar@yahoo.com

    v
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    هو اهڙو جوڳي هو جنهن جي گودڙي ۾ صرف سنڌ ۽ سيد جا نالا ئي رکيل هئا، اهو پنهنجي ڪردار ۽ گفتار جي ڪري سنڌ جي قومي اتهاس تي صديون حاوي رهندو.
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ونڊ
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سڇ ته اوهان سائين محترم آريسر سان ملاقات ڪرائي ڇڏي ..مونهنجي به ساڻس هڪ ٻه ڀيرو ملاقات ٿي آهي ..جئين اوهان لکيو اهڙو ئي مون به هن کي پاتو..پر افسوس جو هو پنهنجي زندگي کان الائي چو خفا رهيو ڄڻ ته هن پنهنجي پاڻ سان پيار ئي نه ڪيو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو