مان تو ۾ پاڻ ٿو ڳولهيان

مان تو ۾ پاڻ ٿو ڳولهيان
____________________
مان تو ۾ پاڻ ٿو ڳوليان
روح کي رمزن ۾ پيو روليان

يار مسافر وانگر تون آن
تو لئه در دروازا کوليان

منهنجي سوچن منجه سمايل
تنهنجي صورت ويٺو ڦوليان

چاهت جي هي چوس مٺي آ
ويٺو ٻوليان ويٺو ٻوليان

او ساه جا سائين قياس به ڪر ڪو
توکان ڪهڙي ڳاله مان اولان

محبت ۾ ير ڪر ڪو ميلو
ڪيڏو پنڌ ڪيم ميلن ميلان


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top