ناول ”اجري ڌرتي، ميرا ماڻهو“ جو اڀياس

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,934
    ورتل پسنديدگيون:
    27,264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ناول ”اجري ڌرتي، ميرا ماڻهو“ جو اڀياس

    ڪامران اڪبر سومرو

    ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ وحيد محسن جي “وسيم ڪتاب گهر” تي نون ڪتابن جي شيلف تي ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايل ناول ”اجري ڌرتي، ميرا ماڻهو“ نظر آيو جيڪو نوجوان ليکڪ يار محمد چانڊئي جو لکيل آهي. ڪتاب وٺي گهر پهتم، جيئين پڙهڻ شروع ڪيو ته پڙهندو ئي ويم. سمورو ناول ٻن ويهڪن ۾ ئي پورو ڪيم.دل کي ڀائيندڙ ٻولي، خوبصورت منظرڪشي، خيالن جي پختگي، مزيدار موضوع،متحرڪ ۽ واضح ڪردار، ناول جي پلاٽ جي نواڻ ۽ موجوده حالتن جي جهلڪ ناول کي جاندار ۽ منفرد بڻائي ڇڏيو آهي!

    ناول جي مک ڪردارن ۾ وشال ۽ سندس زندگيءَ ۾ ايندڙ ٽي انوکا وجود، آرزو، ڪلپنا ۽ ماهين شامل آهن. هي ناول هڪ غير روايتي قسم جو رومانوي ناول آهي جنهن ۾ محبت جي مختلف رنگن، درد ۽ وڇوڙن جو ڀرپور نموني سان اظهار ٿيل آهي. هڪ طرف آرزو وشال جي محبت ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي رسوا ٿي وڃي ٿي ته ٻئي طرف وشال ڪلپنا جي دل کٽڻ جا جتن ڪري ٿو، ساڻس سچي محبت ڪري ٿو ۽ عقيدت رکي ٿو پر اظهار نه ٿو ڪري سگهي، ته ٽئين پاسي وري ماهين وشال جي اوسيئڙي ۾ آس جا ڏيئا ٻاريندي رهي ٿي!

    ناول جي مک ڪردارن وشال ۽ ڪلپنا کي هڪ انساني حقن جي اداري ۾ ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهيجنهن جي ڪري ناول ۾ ڪافي هنڌن تي کين انساني ڀلائيءِ جي ڪمن ۾ رڌل ڏيکاريو ويو آهي. ان حوالي سان هن ناول ۾ سماج ۾ موجود ناانصافين، اڻبرابرين، ظلم ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي ڀرپور نموني چٽيو ويو آهي.

    ناول جي نانءُ ”اجري ڌرتي، ميرا هٿ“ جي عڪاسي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن نه هن سهڻي ، جنت جهڙي عظيم ڌرتيءَ کي، اندر جي انڌن، دل جي پليتن ۽ ناپاڪ ارادا رکندڙ ماڻهن هڪ اهڙي حالت ۾ آڻِي بيهاريو آهي جتي امن ۽ محبت جا نالا اجنبي ٿا لڳن! جتي سکن جا پيرا ڊهندا ٿا وڃن!

    هن ناول ۾ ليکڪ معاشري جي موجوده غلط رسمن، روايتن ۽ ڪوڙين ريتن کي وائکو ڪرڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي آهي. ناول ۾ جڏهن وشال کي سندس بابو مرشد جي آڏو هلڻ لاءِ زور ڀري ٿو ته وشال انڪار ڪندي وراڻي ٿو ته ”جڏهن شعور جي روشني جهالت جي انڌيري ۾ ڪاهي پوندي آهي، تڏهن تبديلي جو جنم وٺڻ اڻٽر هوندو آهي“ وڌيڪ اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن اسان جا سارا ماڻهو لوڀي ۽ ڪوڙي مرشد جي چالاڪين ۾ اچي ڦاسن ٿا ۽ جهالت جي ڌٻڻ ۾ وڃن ٿا هيٺ لهندا...!

    هڪ ٻئي منظر ۾ اسانجي سرڪاري اسپتالن ۾ ٿيندڙ ڪوس ۽ بربريت جو عڪس پيش ڪيل آهي. سهولتن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ انتظامي نااهلي سبب سزا ڀوڳيندڙ مجبور ۽ بيوس ٿي پنهنجي پيارن جا لاش کڻڻ تي مجبور آهن. ”اسپتال جي سڀني ڊاڪٽرن اڄ بائيڪاٽ ڪيو آهي“
    ”بائيڪاٽ جو سبب؟“
    ”مطالبن جي مڃتا...!“
    ”ڊاڪٽر گم، بجلي اڻلڀ، بدنظميءَ جي انتها...!
    انساني حقن جي لتاڙ جو چٽو ثبوت هئي“
    اهڙي حالت اسانجي سرڪاري اسپتالن جو روزمره جو معمول بڻجي ويو آهي، پر هن ناول ۾ وشال ۽ ڪلپنا خاموش تماشائي بڻجي موت جو تماشو ڏسڻ بجاءِ متحرڪ ٿي ان ظلم ۽ ناحق خلاف آواز اٿارين ٿا. ذميوار شهري ڀور پنهنجو فرض سمجهن ٿا ته غريب ۽ مسڪين مريضن تي ٿيندڙ ظلم بند ٿيڻ کپي!

    ناول ۾ ڪلپنا جي پيءُ پرڪاش کي شاعر ڪري پيش ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ وطن پرست، انسان دوست ۽ حساس دل جو مالڪ آهي. پوڙهائپ ۾ به پنهنجو ديس ڇڏي هنڌ ڏانهن لڏي وڃڻ کان لنوائي ٿو جتي هن جو سڪيلڌو پٽ اڳ۾ ئي وڃي آباد ٿيو آهي. هن جي مطابق ڀلي ديس ۾ رهڻ هن جي لاءِ جوکم جوڳو ڪم هجي، هڪ هنڌو هجڻ جي ناتي هو ڀلي ڪيترن ڪٺن مرحلن مان گذري، پر ديس کي ڇڏي پرديس ڪونه ويندو! سندس ڌيءَ ڪلپنا جڏهن هڪ عالمي ڪانفرنس لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت وٺي ٿي ته کيس اهو چئي منع ٿو ڪري ته ” اسان پاڻ غلام... هليا آهيون دنيا جي امن ۽ استحام جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ...“ عالمي امن جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين جي دردن جو درمان به اولين ترجيح موجب ڪرڻ گهرجي!

    ناول ۾ يار محمد چانڊئي سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۽ عام زندگيءَ کي پڻ سهڻي نموني آڏو آندو آهي. ڳوٺ جي ماڻهن جي سادگي، مٽن مائٽن جي سڪ، اڪير، دوستن جو قرب، مکڻ ماني، اوطاقون، ڪچهريون،سڀئي سهڻا رنگ وکيريا اٿئين ..! پر جتي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي تعريف ڪئي اٿئين، اتي ڳوٺن ۾ٿيندڙ واهيات رسمن، دشمنين، تڪرارن، قانون جي ڪمزوري، اڻلڀ سهولتن ۽ بي يقيني واري ماحول جو پڻ اثرائتي انداز ۾ ذڪر ڪيو اٿئين! جڏهن ناول جي هڪ ڪردار ”ماهِ لقا“ تي هٿياربند گهر تي ڪاه ڪري حملو ڪن ٿا ۽ هوءَ رت سان رڱجي ڦتڪي پئي ته ڳوٺ ۾ اسپتال نه هجڻ جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي! هوءَ لاچار ۽ نڌڻڪو موت ته مري ٿي پر سندس قاتلن جي پڪرڻ لاءِ پوليس ڪيڏا ايلاز ڪرائي ٿي، ڪيتريون فون ڪالز ڪرڻيون پون ٿيون، اعليٰ عملدارن سان ڳالهائڻو پوي ٿو! اهو سڀ ڪجهه ناول پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو!

    هن ناول جو سڀ کان نمايان ۽ مرڪزي موضوع مذهب ۽ مذهبي رواداري آهي. وشال، هڪ مسلمان ٿي ڪري ڪلپنا، هڪ هندو ڇوڪريءَ سان پيار ڪري ٿو، پر سماج جي ڪڌين رسمن ۽ ڪم عقليءَ سبب پنهنجي خيال جو کليو اظهار نه ٿو ڪري سگهي. حالانڪه هن جي مطابق ”محبتون ڪڏهن به مذهبن جون محتاج نه هونديون آهن” اڃا هو پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ جو سوچي ِ مس ٿو ته هندو مسلم فساد ن جي باھ ڀڙڪو کائي اٿي ٿي! شرپسند ڌرمشالا کي باه ڏيئي سنڌ ۾ هندو مسلم سڪ کي ساڙ ڻ جي سازش ڪن ٿا! اهو پڙهندي خيال ٿئي ٿو ته ناول نگار سنڌ ۾ ويجهڙ ۾ هندن جي مقدس جاين تي ٿيل حملن جي ڀرپور نموني تصوير چٽي آهي.

    جڏهن وشال پيار جو اظهار ڪري ٿو ته ڪافي دير ٿي چڪي هجي ٿي! ديس ۾ ناساز ماحول ڏسي ڪلپنا بيزار ٿي مجبور ٿي پرديس وسائڻ جو سوچي ٿي، پر سندس پيءُ پرڪاش اڃا اتي ئي پنهنجي ضد تي قائم آهي، هن جي دل ۾ اڃا به اها ساڳي رواداريءَ واري سنڌوسي پئي! جڏهن وشال ڪلپنا آڏو پنهنجي محبت جو اڃا وڌيڪ دردمندانه انداز ۾ اظهار ڪري ٿو ته ڪلپنا روئي ڪري چويس ٿي ” مان نه ٿي چاهيان ته تنهنجي ۽ منهنجي هڪ ٿي وڃڻ کانپوءِ ايندڙ طوفان تنهنجي ۽ منهنجي وچ۾ ڪي تلخ تجربا سامهون آڻي جنهن سان هندو ۽ مسلمانن جي وچ۾ ڪي تلخيون جنم وٺن...“ وشال پنهنجي پڦاٽ ماهين سان لانوان لهي ٿو پر پوءِ جڏهن ڪلپنا اوچتو اچي کيس حيران ٿي ڪري تڏهن وشال کي پتو پوي ٿو ته ڪلپنا پنهنجي پيءُ جي مرڻ کانپوءِ پرديس وڃڻ وارو ارادو ترڪ ڪري وشال سان جيون گذر ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو! بس، پوءِ ٻنهي جي جهولين ۾ رڳو مايوسيءَ جا ڳوڙها ئي رهجي وڃن ٿا!

    سنڌ جيڪا هميشه امن ۽ صوفين جي سرزمين طور مشهور آهي اها اڄڪلهه مذهبي ڪٽرپڻي ۽ نفرت جو شڪار ٿيڻ لڳي آ. ڪجهه ميرا ماڻهو هن اجري ڌرتيءَ کي ميرو ڪرڻ جو ناپاڪ ارادو رکن ٿا! اڄ ان ڳاله جي ضرورت آهي ته اهڙن ماڻهن جي خراب خيالن کي رد ڪرڻ لاءِ قلم کڻجي! هي ناول لکي يار محمد چانڊئي هڪ پيچرو ٺاهيو آهي جنهن تي سنڌ جي ٻين قلم ڌڻين کي به هلڻ کپي ته جيئن ملي ڪري سنڌ جي تقدس کي برقرار رکي سگهجي!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو