منفرد : مسرور پيرزادو

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (99) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”منفرد“ نئين ٽهي جي مقبول شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ امبر پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ اظهار پيرزادو ۽ عمران سھتو ڪئي آهي جڏهن ته لي آئوٽ گلبانو مرزا، ٽائيٽل فوٽو گرافي عبدالحسين ميراڻي ۽ ٽائيٽل آغا جان جي محنتن جو ثمر آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون شاعر، ليکڪ ۽ پياري دوست مسرور پيرزادي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    مسرور پيرزادي جو ڪتاب منفرد شاعريءَ جي سونهن

    تحرير : محمد سليمان وساڻ

    پئسو گهٽ ڪمايو ۽ مون شعر گهڻا لکيا،
    ڳالهه انهيءَ تي آهه ندامت، ايئن به ناهي.


    پياري دوست، ملنسار شخصيت ۽ بهترين شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو ڪتاب ”منفرد“ منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪاري رنگ جي ٽائٽل ڪور ۾ مسرور جي هٿ ۾ ڪتاب آهي جيڪو هڪ منفرد اسٽائل آهي. مسرور جنهن سان ملاقات جو سفر سوشل ميڊيا ذريعي ٿيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۽ ميڙن ۾ اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون. مسرور جي هڪ منفرد خاصيت آهي سندس مسڪراهٽ. سدائين سمارٽ نظر ايندڙ مسرور جڏهن به مليو آهي ته هو مسرور نظر آيو آهي ۽ سندس چهري تي مسڪراهٽ نظر آئي آهي. ڪراچي جي مشاعرن ۾ يا وري ٽي وي شوز ۾ سندس شاعري پڙهڻ جو انداز به وڻندڙ هوندو آهي. مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جي رديف، قافيي يا وزن ۽ بحر بابت ته شاعر دوست ئي بهتر راءِ ڏيندا پر سندس ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. مسرور جا غزل ۽ نظم به لاجواب آهن. سندس شاعري پڙهندي حسن درس جي ڪجهه سٽن جو جواب يا وري انهن سان ڀيٽ ڏاڍي وڻي. حسن درس سنڌ کي پرينءَ جي پاڇي سان ڀيٽ ڪري سهڻيون سٽون سرجيون آهن:


    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
    جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
    ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
    ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
    هڪڙو خواب سهانو جيڪو
    روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو


    مسرور پيرزادي انهن سٽن جي جواب ۾ سنڌ سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏيندي سنڌ کي ئي پنهنجو پرين لکيو آهي:

    ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
    سنڌ پرينءَ جو جو پاڇو ناهي !
    سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ !
    ٿر، اتر ۽ لاڙ وچولو،
    روپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي.


    شاعر هجي ۽ اهو عاشق مزاج نه هجي، شاعر ۽ مجازي عشق جو بيان نه ڪري، شاعر ۽ محبوبه جون ڳالهيون نه ڪري .... اهو شاعرن جي نظر ۾ شاعر ئي ناهي. مسرور به محبوبه جو بيان هڪ نظم ۾ ڪيڏي نه دلربا انداز سان ڪيو آهي:

    دوستي هن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
    دل لڳي هن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
    جنهن جو چهرو چنڊ جهڙو ڪين آهي،
    چَپ جنهن جا پنکڙيون ناهن گُلن جون،
    وار جنهن جا ڪي گهٽائون ڪين آهن،
    جسم جنهن جو سنگ مرمر جيئن تراشيل ڪين آهي،
    هوءَ بظاهر عام آهي ڇوڪري،
    ها مگر آ خاص مون لئه ڇوڪري.


    پيار ۽ عشق جي ذڪر سان ٽمٽار سندس خوبصورت غزل هن مجموعي ۾ موجود آهن. سندس ڪجهه غزل مونکي گهڻو پسند آهن، اهڙن غزلن جي فرمائش مسرور کان اڪثر ڪري مشاعرن ۾ ڪئي ويندي آهي.


    هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو،
    ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار ڪو به اهڙو تهڙو.


    يا وري

    هتان جي ڳالهه هرڪائي، اسان کي عشق سمجهائي،
    خدا جي ڀي اڪيلائي، اسان کي عشق سمجهائي.


    سندس غزلن ۾ شاعريءَ جون سڀ حُسناڪيون موجود آهن، هن ڪتاب ۾ موجود سندس سڀ غزل دل کي ڇهندڙ ۽ وري وري پڙهڻ جهڙا آهن. مِينهَن جي مند، مِينهَن جون ڦڙيون، لُڙڪ، مرڪ، ڏک، درد، اندر جا اڌما، سڀ سندس هڪ ئي غزل ۾ موجود آهن:

    مِينهَن ۾ هوءَ مِٺي، پئي کِلي ۽ پُسي،
    آءُ ڏِسندو رهيس، مِينهُن وسندو رهيو.


    مِينهَن ۾ لُڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لِڪي،
    آنءُ روئندو رهيس، مِينهُن وسندو رهيو.


    سهائي ابڙو سنڌ جي اها سُهائي آهي جنهن ڪلا ۽ ڪٿڪ ڊانس ذريعي محبت ۽ امن جو پيغام پهچايو آهي، سُهائي ابڙو جيڪا فن جو مظاهرو ڪندي موهن جي دڙي جي مورتي سمبارا جو تسلسل لڳندي آهي، ان سُهائيءَ تي امر پيرزادي هڪ غزل لکيو آهي جنهن جو عنوان آهي خدائي رقص ۾ آهي ۽ ساڳي وقت مسرور پيرزادي به سُهائي ابڙو تي نظم لکيو آهي جنهن جو عنوان آهي سُهائي رقص ۾ آهي.

    نچي ٿو چنڊ چوڏهينءَ جو
    ستارا ڇير پائن ٿا
    وڄائي واءُ ٿو وينا
    ۽ گُلڙا گُنگنائن ٿا
    لطيفي لات تي هن جي
    بدن جي شاعري ٻُڌندي
    خدائي رقص ۾ آهي
    سُهائي رقص ۾ آهي.


    مسرور پنهنجي نظمن ۽ غزلن ذريعي سنڌ، سونهن، سچ، سنڌ جي واهڻن، وستين، سنڌ جي ڳوٺن، سنڌ جي حالتن، امن ۽ محبت جي پيغام، سنڌ جي روزمره جي حالتن تي سهڻي انداز سان لکيو آهي. مسرور اسان جي ٽهي جي انهن شاعرن مان آهي جن وٽ ڏات به آهي ته موضوعن جي چونڊ به بهترين اٿن. هو سولي ۽ سليس ٻوليءَ ۾ پنهنجي ۽ ٻين جي من جي ڳالهه، اندر جا احساس شاعريءَ جي صورت ۾ پيش ٿو ڪري. مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مان جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته مسرور پيرزادي جو ڳوٺ تي لکيل نظم ۽ ڳوٺن جا منظر سامهون هوندا آهن:

    ڇڏي اڄ شور شهرن جو
    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي
    صبح جو ماڪ جِت اٿندي
    پنن جي بستري تان آ
    اُنهيءَ پل مِينهن ڏُڀندي آ
    چَڙين جو ساز هو سهڻو
    سُريلي ڳالهه چوندو آ
    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي


    مسرور جو هي ڪتاب “منفرد” ڪنهن سرڪاري پبليڪيشن ناهي ڇاپيو، ڇو ته اسان وٽ سرڪاري ادبي ادارا گهٽ آهن يا وري اهي وڏن ۽ نالي چڙهين شاعرن يا ليکڪن جا ڪتاب ڇاپين. نوجوان يا عام شاعر ۽ ليکڪ نه صرف تخليق پيش ڪن ٿا پر پنهنجي هڙان وڙان رقم ڏئي خانگي ادارن کان ڪتاب به ڇپائين ٿا ته انهن جي مارڪيٽنگ به ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو مسرور به هي ڪتاب پاڻ ڇپايو آهي، امبر پبليڪيشن جي پليٽ فارم تان جيڪا سندس ئي پبليڪيشن چئبي. 191 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي جنهن ۾ سندس نظم، غزل، وايون ۽ گيت شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. اميد ته مسرور پيرزادي جي چونڊ شاعريءَ جو هي ڪتاب ”منفرد“ سڀني کي پسند ايندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين مسرور پيرزادو صاحب جي شاعري فيس بوڪ تان هميشه پڙهڻ لاءِ ملندي رهندي آهي، پر جڏهن سائين جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته ڏاڍي اڻ تڻ ٿي ته ڪتاب خريد ڪجي، مٺي جي ڪتاب گهرن تا پڇا ڪري ٿڪجي پيس پر سائين جو ڪتاب نه ملي سگهيو
    پر اها حسرت سائين سليمان وساڻ صاحب پوري ڪري ڇڏي.....
    جنهن لا سائين سليمان وساڻ صاحب جا تمام گهڻا ٿورا ۽ ان سان گڏ سائين مسرور پيرزادو صاحب جا وڏا وڙ جو پنهنجو ڪيل تخليقي پورهيو سنڌ سلامت تان ونڊڻ جي اجازت ڏني

    ان لا هن ٻنهي محبوب شخصتن جا تمام گهڻا ٿورا
    ٿورا م ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    ٿر ۾ واري ٿورڙي تهيان گهڻيرا
    ڀلايون ۽ ڀيرا گڻي گڻيندس ڪيترا
    سدا سرها رهو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوش هجو پيارا ...

    مسرور محبتي ماڻهو، تخليقي حوالي سان سگهارو شاعر آهي، ان سان گڏ پاڻ پبليڪيشن جي ميدان ۾ به پير پائي چڪو آهي. منفرد امرتا پبليڪيشن پاران ڇپايل آهي جنهن جو سرواڻ مسرور ئي آهي. امرتا پاران ٻيو ڪتاب تازو ڇپايو ويو آهي، سلطانه وقاصي جو ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ته سائين کي چئجو پنهنجي پبليڪيشن جا ڪتاب ٿر ڏانهن به اماڻندا ڪن ته جئين اسان جهڙن کي تڪليف نه ٿئي
    اوهان جا وڏا وڙ سائين سدا خوش هجو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سيد احسان علي شاهه

    سيد احسان علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ڪم
    ماڳ:
    حيدرآباد
    دل مسرور ٿيو مسرور سائين جي شاعري پڙهي، خوبصورت خيال، شاندار لفظ، بهترين ترتيب ماشاالله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو