ويدڪ دور جو دراوڙ آريسر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2015۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ويدڪ دور جو دراوڙ

    عليم سومرو

    يقين نه ٿو اچي ته اهي ماڻڪيون هميشه لاء بند ٿي ويون،جيڪي پنهنجي ترورن جي نيري گهري ساگر ۾ سنڌ جي آزاديء جا سامونڊي سنجاف پالينديون هيون، ۽ اثر ٽاڻي وائين جهڙي وهه جو ڍڪ ڀري هاسيسر اسٽيشن تان ڀلا چريئي چنڊ کي ڪير تڪيندو؟ڪير ٻڌائيندو ڀيڻ اندرا کي ستارن جيون ڳالهيون؟ ڪير سير ڪرائيندو اسان جي ادڙي کي سنڌ جي جنگي ميدانن جا، جتي ڌرتي ڌڻين تي رڻ گجيا ۽ راڙا ٿيا هئا؟ڪير پڙهائيندو ادي اندرا کي سنڌ جي قومي تاريخ جا اهي پنا،جن تي هانسي سوڍي جي ياري نڀائڻ جي نرالي ريت،دودي سومري جي وڄ جهڙي تلوار جي چمڪاٽ ۽ دولهه جو درد جيڪو هن کي ارغونن جي تلوارن نه پر ڄام فيروز جي ڪرتوتن ڏنا؟ يقين نه ٿو اچي ته ان زبان حرڪت ڪرڻ ڇڏي آهي جنهن جي تحرير ۽ تقرير ۾ تلوار جهڙي ڌار ، وڄ جهڙي چمڪاٽ ۽ سنڌو جي ڇولين جهڙو ترنم هوندو هو.هن جو جنم سنڌ جي انتهائي نفيس خطي جي مٽي ( ٿر جي واريء) مان ٿيو تنهن ڪري هو انتهائي نازڪ ۽ نفيس هو،ايترو نازڪ جو مٿس سنگين الزام هڻي تنقيد ڪندڙ تي هو جوابي تنقيد به نه ڪري سگهندو هو،صرف ڪوسا لڙڪ ئي هاريندو هو،هن تي هر وقت پراين ته ڇا پر پنهنجن به خوب ڇوهه ڇنڊيا، هو انهن ماڻهن مان هو جن لاء اياز چيو

    هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو ايندو نه وري هي وڻجهارو

    ڪجهه ڏات ڏسو پوء بات ڪيو سڀ شور اجايو آ پيارا

    هو مٽيء جو ماڻهو هو ۽ هن مٽيء جو مان سڃاتو هو ۽ ياد رکو ته مٽيء لاء مرندڙن کي مٽي ڪڏهن به ناهي وساريندي،جيڪي ماڻهو مٽيء سان عهد وفا ڪندي راهه اجل تي رمندا آهن ته مٽي ماء وانگي پنهنجيون ٻاجهاريون ٻانهون کولي سندن استقبال ڪندي آهي.اها مٽيء جي محبت ئي هئي جنهن هن کي هڪ مسجد جي روايتي منبر کان کرڙي،مڪلي،روپا،هالار ۽ مياڻي جي پوٺن جا پنڌ ڪرايا.

    هن جي پڙهائي جو سمورو عمل مدرسن ۾ گذريو ،مولانا مودودي جي فڪر ۽ فهم وارو هي رواجي مولوي جڏهن سنڌ ۽ سيد جي پريم پنڌ جو راهي ٿيو ته هن کي پڙهڻ ۽ ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويا ۽ سنڌ هن جو پنهنجو آزاد ڪري تسليم ڪيو،هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته پنڊال تي قبرستانن جهڙي خاموشي ڇائنجي ويندي هئي،لفظ ۽ تشبيهون هن وٽ ايئن رقص ڪندي ايندا هئا جيئن ڄام تماچيء جي اچڻ جو ٻڌي مهاڻيون ڪينجهر تي اينديون هيون.

    وڏائي مايا ۽ مڏيء کان بينياز هن شخص سڄي سنڌ ۾ پنهنجي قدمن جا ڪروڙين اڻ مٽ نقش ڇڏيا جن کي حالاتن جا طوفان نه ڪڏهن مٽائي سگهيا ۽ نه وري مٽائي سگهندا.

    نثار کوکر چواڻي ته سڄي قومي تحريڪ سون جي کاڻ آهي۽ ان سان لاڳاپيل ڪلهه جا ڪنگلا ڪامريڊ اڄ پراڊو ۾ چڙهي گهمن ٿا سنڌ ۽ سيد سان ڪيل پنهنجا واعدا وساري ويٺا آهن،پر هن مست الستي فقير پنهنجي ان واعدي جو ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين ڀرم رکيو جيڪو هن سنڌو ڪناري هيمون ڪالاڻي جي تصوير اڳيان رت سان سنڌو ديش لکندي ڪيو هو،جنهن جو شاهد مدد علي سنڌي آهي .

    پنهنجي واعدي جي وفا لاء هي جوڳي در در وڃي سنڌ ۽ سيد جي فڪر جي هام هڻندو رهيو۽ مسلسل اڳتي وڌندو رهيو ڪڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي نه ڏٺائين ته پويان ڪير ڇا پيو چوي.هو هانسي سوڍي جو پاڙيسري هو تنهن ڪري سندس روايت کي پاڻي ڏيڻ لاء هن پنهنجي سهاڳ رات ۽ شاديء جا اوئلي ڏينهن به ٽارچر سيلن ۽ جيلن ۾ گذاريا.هو هڪ ئي وقت سياستدان،اديب،شارح لطيف ۽ فڪر سيد جو سڀ کان وڏو داعي هو،سندس ڪُمهلي وڇوڙي جا سنڌ جي سياست تي ڪيترا اثر پيا اهو ته قومي تحريڪ جي ماضي ۽ حال تي بهترين نظر رکندڙ ئي ٻُڌائي سگهن ٿا،پر سندس وڇوڙي سنڌي زبان کان هڪ عالم ۽ اديب کسي ورتو،اهڙو اديب جيڪو اسان جي ترقي پسند ادب جي حفاظت ڪندڙ سرحد جو آخري سپاهي هو،سندس زندگي مسلسل هلڻ ۽ هاڪارڻ جو نالو هو.

    هن پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪيو تنهن ڪري هو تمام گهڻو ٿڪل هو،هن جي هيڻي هانٺي ۽ ڏرا ڏيئي ويل اکين تي سنڌ ماء کي رحم آيو تڏهن ئي هن پنهنجي کير ٿر جهڙي مظبوط پٽ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتوپنهنجي هنج ۾ هميشه مٺڙي ننڊ ڪرڻ لاء.

    هو چانڊوڪي جو عاشق هو ،هن کي جنهن مهل لحد ۾ لاٿو پي ويو ته چنڊ پنهنجي سموري چانڊوڪي سندس مٿان نڇاور ڪري رهيو هو ۽ هو پنهنجي تنهائين جي جگري يار جي اهڙي ادا تي مرڪي رهيو هو،پنهنجي ڪم ۽ جدوجهد کان مطمئن هي شخص لحد ۾ لهندي به چئي رهيو هو.

    ڄاڻان ٿو ته دنيا جي نقشي تي

    سنڌو ديس جو نالواڃان تمام گهڻو پري آهي

    ڄاڻان ٿو ته هڪ هارايل ويڙهه ۾ ڀاڳ پيو آزمايان

    ڇاڪاڻ جو اها آئندي جي ويڙهه آهي

    ڄاڻان ٿو ته مان مارجي ويندس

    تنهن هوندي به مان وڙهان پيو

    پنهنجي وطن لاء ۽ پنهنجي اصولن لاء.. محمود درويش

    هو هن ديس جي محبتي مٽيء مان تراشيل ڪنهن دراوڙ جو آخري مجسمو هو،جنهن کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب جي ارپنا ڏيندي سنڌ جي قومي شاعر نياز همايوني لکيو ته

    ( عبدالواحد آريسر جي نالي جنهن مان مونکي ويدڪ دور جي دراوڙن جي خوشبوء ايندي آهي)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي هڪ جاکوڙي ڪردار تي سهڻي لکڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو