• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يمن ڪلياڻ وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jCImm8lnHwC6H.jpg

وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان
سَڄَڻُ مانَ اَچَي، ڪَرَ لَاهُو ٿِي ڪَڏهِم

سُرُ يمن ڪلياڻ

وَيڄَ = حڪيم، طبيب، ڊاڪٽر
مَ = نه
ٻُڪي = دوا، سُتي
اَلَا = جيڪر
چَڱي = چَاڪُ، خوش ٿي وڃان، بيماري ڇڏي وڃي
سَڄَڻُ = محبوب، پرين
مانَ اَچَي = مَنَ اچي، شال اچي
ڪَرَ = سار، خبر چار
لَاهُو = لهندڙ، عيادت ڪندڙ، پڇڻ وارو
ڪَڏَهم = ڪڏهن

بيت جو پس منظر

~ اي طبيب ! مونکي اهڙي ڪابه دوا نه ڏجان، جنهن سان چڱي ڀلي ٿي وڃان، خوش ٿي وڃان
~ مَنَ ڪڏهن پڇڻ بهاني ئي محبوب اچي ملي وڃي

سمجهاڻي

اڪثر جڏهن ڪو ماڻهون بيمار ٿي پوندو آهي ته ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر سان مشورو ڪندو آهي. دوا سُتي وٺندو آهي ته جيئن جلد صحتياب ٿي وڃان. پر هي مريض ڊاڪٽر ڏي وڃڻ، مشورو ڪرڻ، دوا کائڻ ۽ چڱو ڀلو ٿيڻ جي بجاءِ ويتر بيمار رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
ٻين طرفان زبردستي آندل ڊاڪٽر کي هي مريض چئي ٿو ته متان ڪا اهڙي دوا ڏين، جنهن سان خوش ٿي وڃان. مونکي بيمار ئي رهڻ ڏي. ڇو ته جَي بيمار هوندس ته ڪڏهن نه ڪڏهن محبوب ضرور پڇڻ ايندو. سو هن بهاني سندس ديدار به ٿيندو، ملاقات به ٿيندي، سڪ جو لڳي اٿم هن جي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
  • jCImm8lnHwC6H.jpg

    دارون ۽ ڪارون، جان ڪي ڪئا ويڄ مون

    ٻڪي ڏيندا ٻاجھ جي،نهاري ناڙون،

    جن جيون سيڻ لهن سارون،تَنِِ تان ڏُ کندو ڏور ٿيي

    يمن ڪلياڻ
 
ادا وساڻ صاحب آئون ڪنهن بيت کي رنگين حروف ۾، يا وري لنڪ ۾ ڪيئن تبديل ڪريان،

ايڊيٽر ٽولباڪس مان رنگن واري ٽيب تي ڪلڪ ڪري پسند جي رنگ تي ڪلڪ ڪيو. ٽولبار مان ئي اوهان فونٽ، اٽالڪ، انڊر لائين جا ٽول به استعمال ڪري سگهو ٿا.
 
Back
Top