• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لڳي ٿو سنڌ منهنجي جا، چٽي وئي مم آ گوڏا ...

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
لڳي ٿو سنڌ منهنجي جا، چٽي وئي مم آ گوڏا
خليل ڪنڀار
لڳي ٿو سنڌ منهنجي جا،
چٽي وئي مم آ گوڏا،
ھڻي ھو کڳ پيو ڄاڙي،
وڄائي سنڌ پئي تاڙي،
لُڙھي ٿي لفظ ۾ خلقت،
ھڻي ٿي ڄڻ تہ ھنڀو ڇيون،
الي منهنجا ماروئڙا،
الي منهنجا ماروئڙا،
وڄائي ٽيپ تي نوحو،
نچائي نينگريون بيٺو،
وڄي پئي ٿي ڇير وينگس جي،
نچن ٿا درد گنگهرو ۾،
وڙھي پيو ويڙھ ھي دودو،
ٿڪي ٿو وقت جنهن جاني،
وجهي ٿو ٻک جواني سان،
ڀڃي ٿو ٿڪ جواني سان،
ڪري ٿي درد مان دانهون،
نڙي تي نهن اھڙو ٿس،
اکين جا ڄڻ ويا ڌوڏا،
لڳي ٿو سنڌ منهنجي جا،
چٽي وئي مم آ گوڏا،
وڙھي پيو لفظ سان لالڻ،
کٽي پيو جنگ کرڙي جي،
وڙھي پيو وات مياڻي ۾،
ڳڙي ٿو رت ڪهاڻي ۾،
اتان کان سورمو پنهنجو،
وڃي ٿو ڪوٽ وڳهي جي،
ڪرن ٿا ڪنڌ دشمن جا،
کڻي ٿو ڳالھ دودي جي،
ڀڃن ٿيون سومريون چوڙا،
پئي ٿي خلق ۾ گهوڙا،
وڻ ۾ ڪين ڪاتاريون،
ٺٽي جون سُنڃ بازارون،
ڪري ٿو شهيد نندي کي،
ٿئي ٿي ڀون اگهاڙي،
ڪئي ھن ڳالهين سان ائين،
کڙي آھي قيامت جو،
اندر جا ويا لهي ڇوڏا،
لڳي ٿو سنڌ منهنجي جا،
چٽي وئي مم آ گوڏا،
پڙھي ٿو شاھ ڀٽائي کي،
پئي ٿو ساھ ڀٽائي کي،
ڪري ٿو راتڙيون روشن،
ڪرھا ٿو ڪاڪ ڏانهن ڪاھي،
رڃن ۾ روح جون رڙيون،
سُتو ٿو لوڪ جاڳائي،
ڍڪڻ تي پير پوچا ۽،
مَئيي کي سؤ معنائون،
ڪري جي ڳالھ مارئي جي،
وطن ڄڻ انگ تي اوڍيل،
وطن ڄڻ وڙھيل پوتي،
وطن جو جونگ جکري جي،
ھجي ڄڻ پڳ جو موتي،
وطن سو واءَ اُتر ۾ پيو،
ھندورو ڄڻ کائي لوڏا،
لڳي ٿو سنڌ منهنجي جا،
چٽي وئي مم آ گوڏا.....
(خليل ڪنڀار)
 
Back
Top