هوائن ڇير ڇمڪائي : وسيم آڪاش سيتائي

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر هڪ سئو (100)اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ پياري دوست ۽ شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون وسيم آڪاش سيتائيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2014ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو.


     
    بختاور ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار

    محمد سليمان وساڻ

    پياري دوست، شاعريء جي ڪئنواس تي پوپٽ جهڙا رنگ چٽنيدڙ ۽ اسان جي ٽهيءَ جي شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي احساسن تي مشتمل سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“انهن ڏينهن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وسيم آڪاش جي شاعري ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهيو آهيان، سندس احساس هن جي تخليقن مان پڙهي اها پروڙ پيم ته سندس وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنهن کي هو شاعريء جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو. وسيم جي شاعريء مان لڳي ٿو ته سندس شاعري انهن گلن جيان آهي جيڪي پاڻ ته وکري وڃن ٿا پر انهن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالها ۾ سپنن جون سندرتائون به آهن ته شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون به موجود آهن. سندس احساس ته ڏسو جو هو عشق کي ئي پنهنجي پناهه گاهه بڻائي ويٺو آهي :

    درد جي درسگاھَ ۾ آهيون!
    عشق! تُنهنجي پناھَ ۾ آهيون!


    وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عشق به سمايل آهي ته اتي مجازي عشق جي به جهلڪ نمايان آهي. سندس لفظ رولاڪ بڻجي در در سدا هڻن ٿا ۽ سچائي جي ڳولها ڪن ٿا. سندس شاعريء ۾ اميد جي جهلڪ به عيان آهي، جتي هو رواجي شاعري ڪري ٿو اتي هو سماج جي ڏاڍ کي به نندي ٿو. وسيم دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جي ڳولها جو شاعر آهي. دنيا جي اڪثر شاعرن وانگر آڪاش جي شاعريء جو بنيادي محرڪ به عشق ئي آهي، اهو عشق جيڪو جيئڻ جو سبب آهي:

    ”آڪاش“ شاعري جي ڪهڙي خبر اسان کي،
    هي روڳ عشق جو آ، جيڪو وڏو بحر آ !


    سندس شاعريءَ جو هي سهڻو ۽ دلڪش رنگن سان سجايل ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مهان شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ وسيم آڪاش سيتائي لاء دعاگو آهيان ته سدا خوش هجي ۽ سندس قلم ۾ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ادا وسيم آڪاش سيتائي جا جيڪي به ڪتاب آهن سي مون سنڌ سلامت تي ئي پڙھيا ۽ ڏاڍي شوق سان پڙھيا آھن جديد دور جو اعظيم شاعر آھي سندس شاعري جو هر انداز تمام گهڻو نرالو آهي انڪري پڙھڻ سان گڏ سمجهن ۾ ڏکيو ناهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو