اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا عزيز ساٿيو، ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    گذريل 8 مئي2010 تي سنڌ ميوزم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ شهزاد آرٽس پروموٽرز حيدرآباد وارن وزرات ثقافت سنڌ جي تعاون سان اسٽيج ٽي وي فلم جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي ڪرائي، مونکي ۽ ادا عبدالغفور سمون کي انهي تاج پوشي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت 8مئي کان پندرهن ڏينهن پهرين ملي هُئي ان سان گڏو گڏ محترم شهباز ڌُراني صاحب ذاتي طور تي مونکي ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو فون پڻ‌ آيو هو، ان کان علاوه اها به خبر پئي ته انهي رسم تاج پوشي واري تقريب ۾ ثقافت کاتي جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه پڻ شرڪت ڪري رهي آهي سو سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان اهو منهنجو فرض ٿيو ٿي ته سنڌ سلامت جو ڪئلينڊر 2010ع جيڪو هر پهلو کان سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ نظر آيو ٿي ان تائين پهچايان۔ سو 8 مئي تي سڀني مهمانن کان پهرين آئون ۽ ادا عبدالغفور سمون ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ پهتاسين، محترم وڪيل منڱريو، ۽ شهباز ڌراني صاحب جي ڀائٽي اسان جو وڌي استقبال ڪيو۔ جيئن ته هن تاجپوشي ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ ڪافي سارا مهڪندڙ چهرا شريڪ هُئا ۔ انهن چهرن سا ذاتي طور تي سنڌ سلامت جي اڱڻ‌ جي باري ۾ ڊسڪس ٿي، ان کان علاوه هن تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري سنڌ مشهور ڪمپيئر محترم بخشڻ‌مهراڻوي اسٽيج تان باقائده سنڌ سلامت جي نمائندن يعني منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جو نالو وٺي اسان جي آجيان ڪئي ۔ هاڻي پيش آهن انهي تقريب جون ڪجهه تصويرون خالص سنڌ سلامت واسطي ڪڍيون ويون توهان دوستن کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته اهي تصويرون صرف ۽‌صرف سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي شيئر ڪيون پيون وڃن۔ ان ۾ ادا عبدالغفور سمون ۽ منهنجون غريباڻيون ڪاوشون شامل آهن۔

    [​IMG]
    ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد جي اسٽيج تي تمام پيارو بينر آويزان هو​


    [​IMG]
    اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏيندڙ مشهور ڪيمپيئر محترم بخشڻ مهراڻوي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    مشهور آرٽسٽ شهباز ڌُراني کي مختلف آرٽسٽن طرفان سنڌ جي رايتي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پارايا پيا وڃن انهن آرٽسٽن سنڌ مشهور گلوڪار برڪت علي، سينئر سنڌي اداڪاره نجما ڪاوش، مشهور گلوڪار ظفر اقبال ظفري، فنڪاره نجما سولنگي نمايان آهن۔​


    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت پاران سنڌ سلامت جي خوبصورت سوکڙي سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010ع پڻ محترم شهباز دراني کي سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون تحفي طور ڏنو​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    سائين نثار ناز جا قرب ۽ وڏا وڙ جنهن دراني صاحب ۽ فلمي دنيا جي دستار بنديءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏيکاريو، دراني ته اصل گهوٽ پئي لڳو ۔۔۔ جيتوڻيڪ ٽي ويءَ تي ته سنڌي اداڪارن وسان ڪونه گهٽايو آهي پر سنڌ جي فلمي دنيا تمام پوئتي پيل آهي ۔۔۔ ان جا ڪارڻ به آهن جو ماڻهون سئنيما ڏانهن گهڻو وڃن به نٿا ۽ انجي جڳهه ٽي وي ،ڪمپيوٽر ۽ ٻين وسيلن ورتي آهي ۔۔۔ ٻيو ته سنڌي فلمن جو مارڪيٽ به شايد گهٽ آهي جو لاڳت نڪرڻ به مشڪل ٿيو وڃي ۔۔۔ خئير جڏهن سنڌ جا سڀ ادارا ڪسمپرسيءَ جو شڪار هجن ته فلمن تي ڪهڙو ڏوهه ڏبو۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    واه دل خوش ٿي وئي،
    تمام سٺو
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    محترم نثار ابڙا لک لائق جو اسان اڻ پڙهيل ٽي درجي وارن شاعرن جون ونڊون توهان ڏسو ٿا، انهن تي پنهنجا ويچار ونڊيو ٿا، ۽‌اسان جون همت افزايون ڪريو ٿا، ادا نثار سچ پڇو ته سنڌ سلامت لا انهي تقريب کي ڪور ڪرڻ لا اسان کي رات 8 وڳي کان صبح جا پنج وڳي ويا هُئا، ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪجهه نواڻ سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊ ڪريون، هن تقريب ۾‌ڪم و پيش 1000 کن ماڻهن جي شرڪت ٿي هُئي۔ ڪافي سارا فلم ٽي وي ۽ اسٽيج جا ستارا جڳ مڳائي رهيا هُئا، پر ان هوندي به اسان سنڌ سلامت جي سُڃاڻپ پنهنجي منفرد نموني پنهنجي خوبصورت سنڌ سلامت جي ڪئلينڊر سان برقرار رکي هُئي۔ هي ڪجهه اڃان به تصويرون رهن ٿيون جيڪي هتي توهان سميت سڀني دوستن سان وري به ونڊ ڪريان ٿو اهي تصويرون صرف ان ڪري رهي وينديون آهن جو اڃان مس وڃي ڪجهه تصويرون اپ لوڊ ڪندو آهيان ته بجلي هليو وڃي اڄ به سمورو ڏينهن گهر کان ٻاهر هُئس ڇو جو منهنجو پي سي خراب ٿي چُڪو آهي هڪڙي بيسٽ وشر پنهنجو ذاتي پي سي هڪ مهيني کان منهنجي حوالي ڪيو آهي جنهن تان سنڌ سلامت جي ساٿين سان اڃان تائين ڀيرو ڀڃندا اچون اڄ به سارو ڏينهن حيدرآباد هُئس ڪي سيڪنڊ هينڊ پي سي جي تلاش ۾ پر وٺي نه سگهيس خير هي ڪجهه نيون تصويرون حاضر آهن۔

    [​IMG]
    محترم شهباز ڌُراني کي سندس فني مڃتا عيوض تاج پوشي ڪرائي پئي وڃي۔​


    [​IMG]
    بهترين اسٽيج سيڪريٽري محترما شمع نظام پڻ هن تاجپوشي واري تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏنا

    [​IMG]
    مُرڪ شاهه سان گڏ شهباز ڌُراڻي تاج پوشي کان پو بيٺو آهي​


    [​IMG]
    سينئر فنڪاره نجما ڪاوش ۽‌ نئين اداڪاره مُسڪان نظير​


    [​IMG]
    رسم تاج پوشي مهل عورتن ۽ مردن اٿي بيهي شهباز ڌُراني جي آجيان ڪئي​


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي حقير ڪارڪن نثار ناز سنڌ سلامت جي خوبصورت ترين سوکڙي ڪئلينڊر 2010 فلم ٽي وي جي سينئر فنڪاره نجما ڪاوش کي تحفي طور ڏنو​


    [​IMG]
    هن تقريب ۾ شامل ڪجهه آئڊنس​


    [​IMG]
    هن تقريب ۾ شامل ٻه ناريون​


    [​IMG]
    مهراڻ ٽي وي جي آرٽسٽ فهميده سيال پنهنجي ساٿي فنڪاره سان گڏ پڻ شريڪ ٿي ​


    [​IMG]
    هڪ ٻي ناري پڻ هن تقريب ۾ شريڪ آهي​
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    محترم سائين نثار ناز صاحب اوهان جا لک ٿورا جو اوهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي مهڪائيندا رهيا آهيو۔۔۔۔۔ محترم سائين اسان انهن تصويرن جي بهاني اوهان جو ادا عبدالغفور سمون جن جو ديدار به ڪري وٺندا آهيون۔۔۔۔

    اسان جي پرين پياري دوست محترم بخشڻ مهراڻوي جو به اوهان ديدار ڪرايو۔۔۔۔ سائين بخشڻ مهراڻوي سان جوهر چورنگي تي بلوچستان سجي هوٽل تي اڪثر ڪچهريون پڻ ٿينديون هيون۔۔۔ ۽ گڏ ماني به کائيندا هئاسين۔۔۔۔

    مهرباني سائين قبلا
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    نامياري فنڪار شهباز دراني جهڙي شخصيت جي تقريب ۽ سنڌ سلامت کي ڪوريج لاءِ مليل دعوت ۔۔ يقينن اها توهان جي محنت ئي آهي جو سنڌ سلامت جو نالو پنهنجي خوبصورت ڪيلينڊر سان گڏ کڻي خوبصورت ماڻهن تائين پهچايو ٿا۔۔۔
    توهان جي تمهيد ۾ مون کي شايد نظر نه آيو ۔۔۔ ان ڪري مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته شهباز دراني کي اهڙو تاج ڪنهن پارايو ۽ سندس ڪنهن خاص خدمت عيوض پارايو ويو يا روايتن سندن مهان اداڪاري جي ڀيٽ ۾ کين اعذاز طور ڏنو ويو۔۔۔ ؟
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    پيارا سنڌي ڀا عاشق سولنگي شال جُڙيو هُجين۔ توهان منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي مشترڪا ڪوشش کي تمام سٺو چيو، ۽ انهي ونڊ کي ڏسي توهان جي دل خوش ٿي مطلب اسان هڪڙي نيڪي ڪمائي، ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ڪنهن انسان کي بي لوث مطلب ڪنهن لالچ لوڀ کان پاڪ ڪا خوشي پهچائي وڃي اها هڪ نيڪي ۾ شمار ٿئي ٿي۔ توهان جي هن انتهائي پيار ڀري همت افزائي تي مان ۽ ادا عبدالغفور سمون توهان جا ٿورائتا آهيون۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    پيارا ڀا محترم زاهد سومرا، شال سدائين جُڙيو هُجين، پنهنجي پيارن سان۔ ادا اهي ٿورا ناهن پر اهو منهنجي ڇا پر هر سنڌ سلامت جي دوست ۽ هر سنڌي سڄڻ جي فرضن ۾ شمار آهي ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ‌کي مهڪايو ۽ جرڪايو وڃي، ادا عبدالغفور سمون اسانجو اهو محنتي ۽ خاموش ڪارڪن آهي جو توهان يقين ڪندا ته نه هُن وٽ پنهنجو پي سي آهي نه هُن کي ڪمپيوٽر آپريٽ ڪرڻ ايندو آهي ۽ نڪو سندس هي خوبصورت ونڊون موڪلڻ کان پو ڏسندو آهي، ها ڪڏهن ڪڏهن هُو جڏهن هتي مون وٽ ٽنڊو محمد خان ايندو آهي ته جيڪڏهن بجلي هوندي آهي ته توهان محبتي ماڻهن جا پيارا ڪامينٽس کيس مشاهدو ڪرائي وٺندو آهيان اڪثر هو جڏهن به آيو آهي ته ان وقت بجلي ڪونه هوندي آهي ان هُوندي به سنڌ سلامت جي اڱڻ سان هُن جي محبت آهي جو هر وقت اسان سڀني دوستن جيان هو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ‌کي خوبصورت بنائڻ لا سوچيندو رهندو آهي۔ باقي بخشن مهراڻوي صاحب جو ديدار توهان هن محبتي اڱڻ‌تان ڪيو اها ڳالهه منهنجي لا انتهائي اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان اسان جون همت افزايون ڪيو لک لائق
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    جادوگر سائين رشيد سمان اسان جون هي غريباڻيون محنتون صرف سنڌ سلامت جي پياري ۽ محبتي اڱڻ لا آهن، ماڻهو ڀلي ڇا به سمجهن پر اسان جو سنڌ سلامت سان عشق جو ناتو آهي، جڏهن عشق جو ناتو هُجي روح جو ناتو هُجي ته محنت کان وڌ به ڪا شي هوندي اها به اسان کي ڪرڻي پوندي، باقي لڳي ٿو توهان به هاڻي سرسري نموني منهنجي پوسٽن کي نظر مان ڪڍندا آهيو لڳي ٿو توهان منهنجي هن ونڊ وار ي تمهيد پڙهي ئي ڪونه آهي ۽ نڪو سموريون تصويرون غور سان توهان مشاهدو ڪيون آهن رڳو رسم دنيا جي نڀائڻ خاطر رڳو رڳو رڳو نظر مان ڪڍيون آهن جيڪڏهن توهان منهنجي تمهيد ۽ توهان تصويرن کي ۽ تصويرن جي هيٺان ڏنلن ڪيپشنن کي پڙهو ها ته توهان جي لکيل مٿي ڳاڙهن اکرن ۾ توهان جي هر سوال جو جواب موجود آهي ۔ لک لائق ادا

    هي ڪجهه تصويرون اڃان به هن تقريب جو رهن ٿيون توهان کي ارپيان ٿو ۽ ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ پڻ ڪريان ٿو۔

    [​IMG]
    محترم شهباز ڌُراني رسم تاج پوشي کان پو سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃي رهيو آهي ۽ تاج پارائيندڙن جون پڻ مهربانيون مڃيون​


    [​IMG]
    سنڌ مشهور ڪيئمپئر محترم بخشڻ مهراڻوي کي هن تقريب جي بهترين ڪمپيئرنگ ڪرڻ تي اسان جي محترم دوست وڪيل منڱريو گُلن جا هار ۽ سنڌ جي خوبصورت سوکڙي اجرڪ تحفي طورپارايو​


    [​IMG]
    ]
    هن تقريب ۾ شامل پري چهرو فنڪاره مُرڪ شاهه جو هڪ خوبصورت پوز​


    [​IMG]
    سينئر فنڪاره نجما ڪاوش شهباز ڌراني جي فن ۽ شخصيت جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي​


    [​IMG]
    خوبصورت چهري جي مالڪياڻي ٽي وي اسٽيج جي آرٽسٽ مُسڪان نظير پڻ محترم شهباز ڌُراني سان پڻ‌پنهنجون نيڪ تمنائون شيئر ڪيون​


    [​IMG]

    [​IMG]
    حيدرآباد جو مشهور ڊانسر ابراهيم لچڪ پنهنجي ساٿي ڊانسر فنڪار سان​


    [​IMG]
    ٽي وي جو مشهور اداڪار ارسلان خان پنهنجي ٽي وي جِي ساٿي فنڪاره سان گڏ پڻ شريڪ هو هن تقريب ۾ ​


    [​IMG]
    ٽي وي جي بهترين آرٽسٽ نالو وسري ويو اٿم پڻ هن تقريب ۾ شريڪ هُئي ​


    [​IMG]
    خوبصورت مُسڪان نظير جي خوبصورت هٿن ۾ سنڌ سلامت جوخوبصورت ڪئلينڊر 2010ع ڪيئن لڳي رهيو آهي، نثار ناز جهونو به پنهنجون ذميواريون سنڌ سلامت لا نڀائيندي نظر پيو اچي​
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    سائين نثار ناز صاحب۔۔۔ اوهان جي هن پوسٽ جو مونکي شدت سان انتظار هو۔۔۔
    اها واقعي اوهان جي ئي محنت آهي جو سنڌ سلامت هر جڳهه هر تقريب ۾ نظر اچي پئي۔۔ سنڌ سلامت کي اهڙي تقريبن ۾ اسٽيج تان ڀليڪار چوڻ جي ڪاميابي اڳيان ايندڙ ڪاميابين جو ننڍڙو نظارو آهي۔۔۔۔
    انشاءَ‌الله جيڪڏهن سائين نثار ناز صاحب ۽ ادي عبدالغفور جون اهي محنتون جاري رهيون ته هي سلسلو انشاءَ‌الله وڌيڪ مظبوط ٿيندو۔۔۔
    اوهان جي موڪليل ٻين تصويرن جا منتظر آهيون
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    پيارا اسد مهرباني هي پوسٽ ڪافي ڏينهن اڳ ۾ توهان سڀني دوستن سان شيئر ٿي وڃي ها پر اسان وارو ادا عبدالغفور سمون شديد بيمار ٿي پيو هو، سموريون تصويرون ۽ وڊيو کيس وٽ هُئا ان ڪري ٿوري دير ٿي وئي ، ان کان پو به حيدرآباد ۾ پنجن وڌيڪ تقريبن جون تصويرون پينڊنگ ۾ آهن دعا ڪريو ته صحت اجازت ڏي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ جون هي امانت شيون باسلامت توهان سڀني دوستن تائين پهچايان، 8 مئي تي ادا ابو واصف کان انٽرويو ڪرڻ کان پو توهان وٽ ڄامشورو آيا هُئاسين اتي ئي انهن ڪيلينڊرن جا لفافا تيار ڪيا هُئاسين سڀ کان پهرين محترما سسئي پليجو صاحبه جو لفافو تيار ڪيو هُئوسين پر قسمت جي ستم ظريفي جي ڪري محترما سسئي پليجو صاحبه وزير ثقافت سنڌ ان تقريب ۾ ۾ نه پهچي سگهي، نتيجي طور اهو لفافو رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي مون کين ڏياري موڪليو هو۔ باقي ادا هاڻي سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ ايترو ته اڳتي ڪاميابي طرف پنهنجا قدم وڌائي چُڪو آهي جو هاڻي نثار ناز پوڙهي کان وڌيڪ ڪيئن نوجوان اڳتي اچي چُڪا آهن هن محبتي اڱڻ کي نثار ناز جهڙي ٽي درجي واري شاعر جي به شايد هاڻي ضرورت نه رهي آهي الله سائين سدائين سنڌ سلامت جي اڱڻ کي تا قيامت آباد رکي۔ توهان جهڙا نوجوان سهي معنا ۾ هاڻي سنڌ سلامت کي سهي ڊگر تي هلائڻ لا اڳتي اچن۔ توهان جا ٿورا جو توهان کي منهنجي ۽ ادا عبدالغفور جي هي غريباڻي پوسٽ وڻي
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    سائين نثار صاحب توهان کي لک جس هجن جو توهان ايتري گرمي ۾ به سخت محنت کانپوء اهڙين تقريبن ۾ شامل ٿئي ۽ سنڌ سلامت کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو پيا۔ سائين ڦوٽو گرافي تمام سٺي انداز ۾ ٿيل آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔
    سائين نثار ناز صاحب توهان اهڙي ڪم ڪرڻ تي اسان پاران واڌايون قبول پون۔​
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    پيارا ممتاز علي وگهيا جيئي سنڌ ۔ مهربان ادا اهي گرميون سرديون سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا اسان سامهون ڪجهه به ڪونهن، ادا نثار ابڙو چوندو آهي ته مان ريٽائرڊ آهيان ان ڪري شوبز جي دنيا ۾ پنهنجي آنند لا جاکوڙ ڪريان پيو، ادا ممتاز تون ئي ٻُڌائي ته حيدرآباد سنڌ جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ مون سان گڏ رسم تاج پوشي واري هن تقريب جون نت نڪور تصويرون محترم دوست نثار ابڙو سميت ساري دنيا جا سنڌي ڏسن پيا ۽ آنند ماڻين پيا ، جيڪڏهن ڳالهه صرف منهنجي آنند ۽ مزا ماڻڻ جي هُجي ها ته هوند اهي تصويرون مان صرف پنهنجي البم ۾ رکي ڇڏيان ها، ڪنهن کي ڪک به انهن تصويرن جون مشاهدو ڪونه ڪرايان ها، پر ڳالهه وري به سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ‌جي آهي، اهڙين تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ مهل منهنجي ذهن ۾ صرف ۽ صرف سنڌ سلامت جو پيارو اڱڻ ۽ سنڌ سلامت جا توهان سڀ پيارا ساٿي هوندا آهيو۔ توهان جي مهرباني جو منهنجي هن غريباڻي پوسٽ تي توهان دل جي گهرائين سان مونکي واڌايون ڏنيون۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    سائين اوهان جهڙن بزرگن جي موجودگي فورم جي پائيدار هجڻ جي نشاني آهي۔۔ انهيءَ کان وڌيڪ توهان جو هلندڙ ڪم هن فورم جي لاءِ ايئن آهي جيئن مڇي لاءِ پاڻي۔۔۔
    اسان جهڙا نوجوان ڏاڍا سست آهن۔ اسان جي آسري متان لڳيا آهيو۔۔۔ اڃان ته نوڪري ئي پاڻ کي نه ملي آهي تڏهن به اهڙي حالت آهي جو مون واري گهر واري ئي وقت نه ڏيڻ جون دانهون ٿي ڪري۔۔۔
     
  15. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    پيارا ڀا عاشق سولنگي شال جُڙيو هُجين۔توهان جي هن انتهائي پيار ڀري ڪاوش تي سنڌ سلامت ساٿ جي طرفان واڌايون هجن۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسٽيج فلم ٽي وي جي نامياري اداڪار شهباز ڌُراني جي رسم تاج پوشي

    پيارا عرس پريا ! شال جُڙيو هُجين لک لائق جو منهنجي موڪليل هن غريباڻي پوسٽ کي محترم عاشق سولنگي جي پوسٽ سمجهي کيس واڌايون ڏنيون۔ واڌايون چاهي مونکي ملن چاهي ادا عاشق سولنگي کي ملن ڳالهه هڪ ئي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو