• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دورِ جديد ۾ رومن سنڌي جي ضرورت

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم..
توهان کي جيڪڏهن ڪابه ٻولي سکڻي آهي ته ان لا پهرين توهان کي اُن جي ڪڪ پٽي اچڻ لازمي هوندي آهي، جيئن انگريزي کي سکڻ لا توهان کي A,B,C...Z اچڻ گهرجي تيئن ئي سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لا سنڌي الف، بي (ڪڪ پٽي) سکڻ لازمي آهي.
جيڪڏهن ڪو ٻاهرين مُلڪ جو رهواسي (انگريز، چيني، فرانسيسي وغيره) سنڌي سکڻ چاهي ته اُهو ڇا ڪري ؟؟
ظاهر آهي! ان کي پهرين سنڌي لکڻ ته نه ايندي نه! جيڪڏهن ان کي ڪوبه سنڌي دوست سيکاريندو ته پهرين ”سلام دُعا“ کان شروعات ڪندو! :) يا پهرين ”حال احوال“ ڏيڻ وٺڻ سيکاريندس.. پر ٻاهرين ملڪ جو رهواسي جيڪڏهن سنڌي ڳالهائڻ سکي وڃي ۽ هُو ڪافي سالن کان پو ٻيهر سنڌي ڳالهائڻ چاهي ته ان کي ياد نه رهندي. ان لا ته هُن وٽ سنڌي لکيل نه هُئي، پر جيڪڏهن هُو سنڌي کي عربي رسم الخط ۾ لکي به وٺي ته به اُها به کيس وسري سگهي ٿي!! ڇوته سنڌي سندس مادري ٻولي ناهي ۽ نه ئي سندس وطن جي.. ! ان لا جيڪڏهن اهو شخص سنڌي ٻولي جي ڪڪ پٽي کي رومن ۾ لکندو ته سالن پڄاڻان به کيس ياد رهندي، ڇو ته انگريزي (يا چائينيز، فرينچ وغيره) سندس مادري ۽ وطن جي ٻولي هوندي..! :)
سنڌي رومن جي ضرورت اسان کي هينئر به آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ تمام گهڻي ٿي ويندي، جڏهن ٻين ٻولين ترقي ڪئي ته انهن پنهنجي ٻولي کي نه صرف پنهنجي ئي اسڪرپٽ ۾ لکيو پر انهن رومن اسڪرپٽ ۾ به پنهنجي ٻولي کي متعارف ڪرايو ته جيئن غير به سکن ۽ فائدو حاصل ڪن. انهن ٻولين ۾ تيلگو، چائينيز، ٿائِي، بنگالي ۽ ٻيون ٻوليون به شامل آهن.
سنڌي رومن جي ضرورت اسان کي ان وقت ٿيندي جڏهن گوگل ٽرانسليٽر ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪيو ويندو... توهان هيٺ اسڪرين شاٽ ڏِسي سمجهي سگهو ٿا..

5bEfBF.jpg



ڪجهه وقت اڳ سنڌسلامت پاران هڪ رومن سنڌي فورم (سنڌفورم) لانچ ڪيو ويو هو، جيڪو پو ڇِتِي تنقيد ٿيڻ سبب غير فعال ٿي ويو.. تنقيد ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن رومن سنڌي آئي ته اصلي سنڌي پوئتي ڌِڪجي ويندي..
نه منهنجا سائين رومن سنڌي جي اچڻ سان سنڌي ٻولي کي گهڻي کان گهڻو پڙهيو ۽ لکيو ويندو..! ڀلي توهان ان ڳالهه تي غور ڪريو..




هڪ شخص آهي! جيڪو سنڌ ۾ ته رهي ٿو پر کيس سنڌي لکڻ نٿي اچي، اُهو ڳالهائي سنڌي ٿو پر سنڌي پڙهڻ به نٿي اچيس، ته اهو ڇا ڪندو ؟ ڪيئن پنهنجي سنڌي دوستن ڏانهن سنهيا موڪليندو؟ ڪيئن انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪري سگهندو؟ ظاهر آهي اُهو رومن ۾ ئي لکندو..! ڇو ته کيس انگريزي يا اردو ته ايندي ئي هوندي.! اسان جا ڪجهه دوست ايس.ايم.ايس ڪندا آهن ته انهن ۾ اڪثر رومن اردو ۾ هوندا آهن، جڏهن اهي ڏسندو آهيان ته مونکي سنڌين تي افسوس ٿيندو آهي ته اُهي به رومن سنڌي بجا رومن اردو ۾ پيا لکن!!؟؟
منهنجي سڀني دوستن، سڄڻن کي گذارش آهي ته رومن سنڌي کي گهڻي کان گهڻو پڙهو لکو ۽ عام ڪريو ته جيئن اسان رومن اردو مان جان ڇڏائي سگهون..
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
پر هڪ ڳالهه ته مان جڏهن رومن سنڌي يا اردو جو وڏو پيراگراف پڙهندو آهيان ته اکيون ۽ دماغ ٿڪجي پوندو آهي، پڙهڻ جي رفتار گهٽجي ويندي آهي.
 
جيڪڏهن مقصد غير سنڌين ( خاص طور تي جن کي عربي فارسي اسڪرپٽ کان ناواقف) کي سنڌي سيکارڻ آهي ته اهڙا ڪورس تشڪيل ڏنا وڃن. باقي سنڌي جي ترويج ان جي مروج اسڪرپٽ ۾ کي ڪجي، ان ۾ ئي استعمال ڪجي ته بهتر رهندو.
 
ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ان ڳاله تي حليم بروهي ويچاري گهڻو ئي لکيو پر سندس ڪنهن به نه ٻڌي. توهان ان جا ڪالم پڙهي سگهو ٿا، ڪاوش جي آرڪائيو مان.... رهي ڳاله توهان جي رومن جي ته اسان انهن سنڌين کي سنڌي سيکاريون ته بهتر رهندو بجا انهن کي رومن ۾ لکي ڏيون. ٺيڪ آهي توهان جي رومن سان انهن کي ته فائدو ٿيندو پر ان سان اسان سنڌي لکڻ وارن جي سنڌي خراب ٿي ويندي. ها البته کين سنڌي سيکارڻ جي نيت سان سافٽ ويئر يا پروگرام ٺاهي سگهجن ٿا. جيئن سنڌي لينگوج اٿارٽي وارن ڪوشش ڪئي آهي.
 
ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ان ڳاله تي حليم بروهي ويچاري گهڻو ئي لکيو پر سندس ڪنهن به نه ٻڌي. توهان ان جا ڪالم پڙهي سگهو ٿا، ڪاوش جي آرڪائيو مان.... رهي ڳاله توهان جي رومن جي ته اسان انهن سنڌين کي سنڌي سيکاريون ته بهتر رهندو بجا انهن کي رومن ۾ لکي ڏيون. ٺيڪ آهي توهان جي رومن سان انهن کي ته فائدو ٿيندو پر ان سان اسان سنڌي لکڻ وارن جي سنڌي خراب ٿي ويندي. ها البته کين سنڌي سيکارڻ جي نيت سان سافٽ ويئر يا پروگرام ٺاهي سگهجن ٿا. جيئن سنڌي لينگوج اٿارٽي وارن ڪوشش ڪئي آهي.

اسان سنڌي لکڻ وارن جي سنڌي ايتري صحيح ناهي جيتري اردو صحيح آهي..
توهان ، آئون يا ٻيا دوست موبائل ايس.ايم.ايس اردوءَ ۾ ڪريون ۽ چئون ته اسين سنڌي ليکڪ آهيون!! اها ته ڳالهه ٺهي ڪانه ٿي..
سو منهنجا ڀاءَ! جيڪڏهن پاڻ ڪجهه دوست رومن سنڌي ۾ ڪچهري ڪنداسين ته ٻيا به اسان کي ڏِسي ائين ڪندا ، ۽ نيٺ اسان جي رومن اردوءَ مان جان آجي ٿي پوندي..
پر..
ڪندو ڪير ؟؟؟
توهان ؟؟
نه توهان ته اڳ ۾ ئي معذرت ڪري ويٺا آهيو !
 
Back
Top