رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
چيائين جي لڳيئي سڪ ته سورن کان پڇي وٺجانءِ
_________________________________________
چيائين جي لڳيئي سڪ ته سورن کان پڇي وٺجھانءِ
محبت جو مٺو ناتون سنڀاري پو ڪنهن سان رکجانءِ
رلائيندي اها رغبت ڪندين جي عشق تون انسان
پريت آ پيچ ئي اهڙو نه کولڻ لئه اهو چئجانءِ
ڪري هرڪو اها محبت سندي دعويٰ هتي سائين
نڀائڻ آ ڏکيو ڏاڍو ڇڪي تنهن کي نه ٽوڙيجانءِ
تونگر ڪو نه ٿيو هتڙي هن محبت کي ماڻيندي
سدان سکڻو ائين سڪڻو رهي ٿو روح پيو سڪجانءِ
ڪمائي قرب کي ڪافي پرين پيار جي پڪ ڏي
ڪري بي چين بره جي تو باندي پاڻ کي سڏجانءِ