انا ۽ تڪبر

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2015۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    اسان کي قبرستان مان گذرڻ وقت به سلام ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي، ليڪن اسان ۾ انا ۽ تڪبر خبر ناهي ڪٿان اچي ويو آهي اسان زنده ماڻهن سان به سلام ڪرڻ گواره نٿا ڪريون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا توهان بلڪل درست فرمايو ، ڪافي دفعا رستي تان گذرڻ مهل ايئن به ٿيو آهي ته اگر ڪنهنکي سلام ڪيو ته اڳيون شخص غور سان ڏسي پيو ۽ اگر سڃاڻپ وارو آهي آهي ته جواب ملي ٿو نه ته چپ چاپ گذري وڃي ٿو ، يا وري ايئن به اڪثر ٿيندو آهي ته ڪنهنکي سلام ڪر ته مخاطب شخص جواب ۾ چوندو ڪهڙا حال آهن وغيره يعني سلامتي ۽ سلام جي جواب طرف توجھ ئي نه حالانڪ سلام ڪرڻ سنت آهي ۽ سلام جو جواب ڏيڻ فرض آهي ، بس ادا الله پاڪ اسانکي توفيق عطا فرمائي
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سلام ڪرڻ (کيڪارڻ) مطلب اڳئين ماڻهون سان همدردي ڪرڻ آهي..
    السلام عليڪم = توهان تي سلامتي هُجي
    هاڻي توهان ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون توهان سنڌي ۾ چوان ته ”توهان تي سلامتي هُجي“ ته توهان ڪيترا خوش ٿيندا ؟؟ يقنن توهان جي خوشي جي حد نه رهندي! ۽ توهان مونکي پنهنجو خيرخواھ سمجهندا..
    اسان سنڌين وٽ اڳ ۾ سلام هوندو
    فلاڻي جو خير = (فلاڻي جي جا تي اڳئين ماڻهون جو نالو ورتو ويندو هو ۽ اڃان به ماڻهون هڪ ٻئي ائين ئي کيڪاريندا آهن)
    موٽ ۾ جواب ملندو هو ته ”توهان جو به خير“ ته ڏاڍي خوشي ٿيندي هُئي! ماڻهون سمجهندا هُئا ته سڄڻ ئي آهي جيڪو اسان جو خير ٿو گهُري.. !
    پر !
    اڄڪلهه سلام ڪرڻ جو نئون رواج ٿي پيو آهي..
    حق موجود
    سڀني سامهون ويٺلن کي کيڪارڻ لا چيو ويندو هو، پر هاڻي فون تي به اهوئي جملو ورجايو ويندو آهي..
    هائي! Hi
    انگريزي ٻولي ۾ کيڪارڻ
    نمستي
    هندي ۾ کيڪارڻ! ۽ نمستي جي معني آهي ته ”آئون توهان جي اڳيان جهڪان ٿو“ ۽ موٽ ۾ به نمستي جواب ئي ڏنو ويندو آهي.
    نِي هائو (Nǐ hǎo)
    چائنيز ٻولي ۾ کيڪارڻ وقت ”نِي هائو“ ئي چوندا آهن ۽ موٽ ۾ به ساڳيو ئي جُملو ورجايو ويندو آهي. جنهن جي معني آهي ”ڇا حال آ“..

    معلوم ٿيو ته اسان وٽ جيڪو عربي ۾ السلام عليڪم چيو ويندو آهي اُهو ئي بهتر آهي.. ! :) ڇو ته ٻين جي کيڪارڻ جو انداز ۽ معني السلام عليڪم کان بلڪل مختلف آهي..
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    تمام سٺو۽ مختصر سبق آهي اها حقيقت آهي ته انسان حيران هوندو آهي ته هي ڪير آهي جيڪو سلام ڪري ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو