• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوشخبري: سنڌ جي عوام جي 94 ورهين جي نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مان جند ڇٽڻ جو امڪان

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ جي عوام جي، 94 ورهين جي نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مان جند ڇٽڻ جو امڪان پيدا ٿي پيو آهي ـ بلاول ڀٽي زرداريءَ جا پنهنجي والد آصف علي زرداريءَ سان جيڪي ڳنڀير مکيه اختلاف هئا تن مان هڪ اختلاف 94 ورهين جي نوجوان سيد قائم علي شاهه مان جند ڇڏائڻ بابت آهي جنهن کي آصف زرداري ماضيءَ ۾ ڪنهن به صورت ۾ هٽائڻ لاءِ تيار نه رهيو آهي ڇاڪاڻ ته قائم علي شاهه جديد سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي بيڊ گورننس قائم ڪئي ۽ هر کاتي ۾ سندس نااهليءَ سبب رشوت جي بازار گرم رهي آهي ـ
چهن مهينن کان رٺل بلاول ڀٽي جي لنڊن کان تازو واپسي سبب اها اميد پيدا ٿي آهي ته 94 ورهين جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هٽايو ويندو ۽ 05 جون تي پهرين وک طور سيد مراد علي شاهه کي سينيئر وزير جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ اميد آهي ته سيد قائم علي شاهه مان ايندڙ ٽن ـ چئن مهينن اندر يا ان کان اڳ جند ڇٽي ويندي ۽ مراد علي شاهه سنڌ جو نئون وڏو وزير ٿيندو ـ
ياد رهي ته شهيد بينظير ڀٽيَ پهريون ڀيرو سيد قائم علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو هو پر ڪجھه مهينن کانپوءِ کيس هٽائي ڇڏيو هئائين ۽ سندس جاءِ تي آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي وڏو وزير مقرر ڪيو هئائين ـ چون ٿا ته ڪنهن شهيد بينظير کان کيس هٽائڻ جو سبب پڇيو ته چيائين ته کيس انهيءَ ڪري هٽايو ويو آهي جو هو سرڪاري ميٽنگ ۾ اڪثر ستو پيو هوندو آهي ـ
امڪان آهي سيد قائم علي شاهه مان ايندڙ ٽن يا چئن مهينن اندر يا اڃا به سگھو ئي سنڌ جي عوام جي جند ڇٽندي پر اهو به امڪان آهي ته آصف علي زرداري کيس برقرار رکڻ لاءِ ڪونه ڪو نئون ڊرامو رچائيندو ته جيئن سنڌ ۾ سندس ڪرپشن جو راڄ برقرار رهي پر جيئن ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ جنرل راحيل شريف کيس هٽائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا سو امڪان آهي ته سنڌ جو عوام اهڙي جلد خوشخبري ٻڌندو ـ
 
دعا آهي ته جلد کان جلد سنڌ جي هنن نالائق نااهل حڪمران ٽولي کان الله پاڪ جند ڇڏائي. ڦورو ٺڳ.هڪ ڏينهن نيٺ پڪڙ ۾ ايندا
 
Back
Top