• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه تلخ زميني حقيقتون ـ جيڪڏهن پاڪستان ٽُٽو ته سنڌ اڳ ۾ ٽُٽي پوندي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪجھه تلخ زميني حقيقتون آهن جن تي کلي دل مگر ڳنڀيرتا سان بحث ٿيڻ گھرجي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذباتي ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي ـ هت مان پنهنجو خيال ظاهر ڪريان ٿو، ممڪن آهي ته اهو درست نه به هجي ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي راءِ هرو ڀرو ٻين تي مڙهڻ نه ٿو چاهيان ـ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي ته اختلاف ڪرڻ جو به پر منهنجي اڳيان سنڌ جي يڪجهتي ۽ وحدت برقرار رکڻ سڀ کان اُتم آهي ـ
اها به تلخ زميني حقيقت آهي ته هن وقت جيڪي ملڪ اندر ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ حالتون آهن، تن موجب جيڪڏهن پاڪستان ٽُٽو ته سنڌ اڳ ۾ ئي ٽُٽي پوندي، انهيءَ سلسلي ۾ سکڻا جذباتي بيان سنڌ کي ٽُٽڻ کان بچائي ڪونه سگھندا ـ
ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ اٽڪل 45 ورهيه گذرڻ جي باوجود، اسان ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو حقيقي راڄ برپا ڪري ڪونه سگھيا آهيون ۽ هاڻ ته آصف زرداري، ڪنسٽرڪٽر ملڪ رياض سان ملي ڪراچيءَ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري، سنڌين جو ڪراچيءَ کان صفايو ڪرڻ واري سازش تي ميٺ ماٺ ۾ عمل ڪري رهيا آهن ـ
اها به تاريخي حقيقت آهي ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڪيلو اڳواڻ هو جنهن ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جو زوردار مطالبو ڪيو هو ۽ هن ئي ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ جي گاديءَ جو شهر بڻايو هو نه ته سنڌين جي حالت امر جليل جي ڪهاڻيءَ وانگيان هئي جنهن لکيو هو ته ڪراچيءَ ۾ ٻه سنڌي ملندا آهن ته هڪٻئي کي تڪيندا رهندا آهن (جو کين پڪ نه هوندي آهي ته هو به سنڌي آهي) ـ
ساڳي وقت اها به سچائي هئي ته هڪ سنڌي قومپرست اڳواڻ مطالبو ڪيو هو ته اسان کي ڪراچي نه گھرجي، ان جي عيوض اسان کي 800 ڪروڙ (8 ارب روپيا) ڏيو ته ڄامشوري وٽ نئون گاديءَ جو هنڌ اڏيون ۽ سندس اهڙا بيان ان وقت جي اخبارون ۾ پڙهي سگھجن ٿا ـ هڪ صحافيءَ جي هيثيت ۾، مان اها ڳالهه پوري ذميداريءَ سان لکي رهيو آهيان ـ
بهرحال، منهنجي خيال ۾ اسان کي سنڌ جي يڪجهتي ۽ وحدت برقرار رکڻ جي وڌيڪ ڳڻتي هئڻ گھرجي ـ
اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ مهرباني ڪري اوهان پنهنجي راءِ ظاهر ڪريو ته جيئن سنڌين جي هن ڏکئي وقت ۾ رهنمائي ٿي سگھي ـ
 
Back
Top