• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هن جيون جي جهنڪار به تون

ڪنهن کي ڀيٽا ڏيندي احساسن جو ارپڻ
_________________________

هن جيون جي جهنڪار به تون
محبت من مهڪار به تون
سونهن به تنهنجي ساگر وانگر
ڇولين جي ڇنڪار به تون
ڪنهن سان تو کي ڀيٽيان هتڙي
ها حور پري آثار به تون
ٻولين جو ٻاجهارو ٿي
همٿ جو هٿيار به تون
ساه وجهي آواز ٿو تنهنجو
سک ڀريو سنسار به تون
تو لئه ڳولا هر ڪو ڳولي
محب مٺو منٺار به تون

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top