پنهنجي بيٽرين کي سولر انرجي (سج جي ڪرنن) سان چارج ڪريو

'اليڪٽرانڪس' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    Solar Charger Circuit
    سج جي ڪرنن(سولار) سان هڪ سرڪٽ ٺاهي پنهنجون ليڊ ايسڊ يا نڪل ڪيڊمييم بيٽريون چارج ڪريو.
    Here is a solar charger circuit that is used to charge Lead Acid or Ni-Cd batteries using the solar energy power. The circuit harvests solar energy to charge a 6 volt 4.5 Ah rechargeable battery for various applications. The charger has voltage and current regulation and over voltage cut-off facilities.
    هن سرڪٽ ۾ اسان 12 وولٽس جو هڪ سولار پينل استعمال ڪيو آهي جنهن کي هڪ آءِ سي ايل ايم 317 جنهن کي وولٽيج ريگيوليٽر آءِ سي چئجي استعمال ۾ آندو آهي. توهان بازار مان هڪ ڏهائي 2 وولٽ جو سولار سيل وٺي اچو ۽ سرڪٽ وانگر جوڙي پنهنجو سولار چارجر ٺاهيو.
    [​IMG]
    The circuit uses a 12 volt solar panel and a variable voltage regulator IC LM 317.
    هي سرڪٽ 12 وولٽ جو سولر پئنل استعمال ڪندو جنهن ۾ هڪ آءِ سي ايل ايم 317 جنهن کي (وولٽيج ريگيوليٽر) چئجي ٿو کي استعمال ۾ آڻبو
    The solar panel consists of solar cells each rated at 1.2 volts.
    12 volt DC is available from the panel to charge the battery.
    هر سولر سيل هڪ ڏهائي ٻه وولٽن جو وٺڻ گهرجي
    Charging current passes through D1 to the voltage regulator IC LM 317.
    وولٽيج ريگيوليٽر ڏي ويندڙ ڪرنٽ (ڊي 1) مان ويندو
    By adjusting its Adjust pin, output voltage and current can be regulated.
    آئوٽ پُٽ وولٽيج ۽ ڪرنٽ کي ايڊجسٽ پن سان ريگيولٽ ڪري سگهبو
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا اسان هي رستو وٺي سنڌ سڌار ۾ مدد ڪرڻ جا ساٿي بڻيل آهيون؟ هي رستو ڪيئن ٿو لڳي؟ ، پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ نه وساريندا. پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي.

    دوستو! رُڳو ميڊيا وانگر گورنمينٽ تي ڀاڙڻ ۽ الزم تراشي ڪرڻ يا ڪنهن رشوت خوريءَ جي اشوز تي احتجاجن ٻاهر نڪري گڏ ٿي ۽ خالي نعره هڻي ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پُهچائڻ کان بهتر ناهي ته پنهنجي چوڌاري ۽ پنهنجي صفن ۾ لڪيل بُراين کي وائکو ڪري سڀني علتي موالين جو خاتمون آڻجي جيڪي سنڌ ۾ هر بُرائيءَ جي پويان آهن ۽ جيڪي پنهنجي ذاتي لذت، ٺرڪ، فاحشيت جي تسڪين لاءِ ۽ علت پوري ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي سنڌي سماج تباه و برباد ڪري رهيا آهن .

    ته هر سنڌي شخص جنهن کي قدرت ڪا نه ڪا پازيٽو ڪلا ڏني آهي قومي خدمت ۽ فرض ڄاڻي ، سوشل ميڊيا جو بهتر استعمال ڪري ۽ پنهنجو شيئر وجهي ڇو جو اڄ جو اُڀرندڙ سنڌي نسل رهنمائي گهري ٿو نه ته جيئن ڏسجي پيو هي خوبصورت پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل ، امير جو يا غريب جو ، عالم جو يا جاهل جو، راشي ڪاموري جو يا عزت واي آفيسر جو يا مزدور جو ٻچڙو ، لاپرواه ماءُ پيءُ جي ڪري ، ڪن ٺرڪين جي صحبت ۾ ۽ وس چڙهي ڇڙواڳ ٿي، تيزيءَ سان موالي ڪلچر ۾ گهسندو وڃي. ۽ شراب، شباب، عاشق، معشوقي، غليظ شاعري پاڻ لاءِ اسٽيٽسڪو سمجهي اپنائي پيو جنهن سان يقينن سنڌيءَ جو ميرٽ بڻجڻ مشڪل ٿي پوندو. سنڌ ۾ لوفر پائي ۽ بُڇڙائي عام ٿي پوندي.

    ته اها ڳالهه مد نظر رکي اسان به پنهنجي سائنسي ڪلا دلچسپ مضمونن سان شيئر ڪيون پيا ته ان بگڙجندڙ سنڌي نسل ۾ شوق اُڀاري واڳ ورائي سگهون ۽ موالي پڻ ۾ رُڪاوٽ وجهون. هر سنڌي ماڻهون جي تباهيءَ جو ڪارڻ موالي هُجڻ يا موالين لاءِ استعمال ٿي هلڻ آهي. جنهنجو پهريون ۽ بُنيادي عنصر وڏيرن جي ڳوٺن ۾ گهوسڙو اسڪولن ۽ اُستادن جو بُنياد پوڻ ۽ پوءِ انهن ئي اسڪولن کي موالين جي اوتارن يا وٿاڻن ۾ تبديل ٿيڻ آهي. توهان به دير نه ڪريو ۽ سنڌي ماڻهن جي موالي ناسور مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌي اچو . ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو